Posts

Showing posts with the label Ahsan Yasin Jakhro

Ahsan Yaseen Jakhro MC2k17-9-Revised

Image
Revised        سنڌ جي وڌنڌڙ آبادي اسان جي ڳوٺ ۾ لياقت علي نالي هڪ شخص رهندو آهي جيڪو اسان جي ڳوٺ“جکرا”جي پرائمري اسڪول ۾ پٽيوالي جي نوڪري ڪندو آهي.جنهن کي ٻارنهن ٻار آهن سمجهائڻ تي جواب ڏيندو آهي ته الله ڏي ٿو ته هلائيندو به اهوئي جي وري پگهار ڏسجيس ته ايتري اٿس جو گهر هلائڻ به مشڪل اٿس.ان هوندي به ڪجھ ماڻهن جون ڳالهيون پنهنجي دماغ ۾ رٽي ڇڏيون اٿئين ته ٻار جي پيدائش روڪڻ گناھ آهي.پيدا ڪرڻ وارو به رب آهي ته پالڻ وارو به اهو پاڻ آهي اسان ڇو انڪار ڪيون؟ اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي آبادي ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو ان جي ڳڻپ ڪرڻ به ڏکي ٿي لڳي.آبادي جي ايتري قدر وڌڻ جي ڪري صحت،تعليم ۽ روزگار جا مسئلا پڻ وڌن ٿا.سنڌ ۾ تعليم،صحت ۽ روزگار اڳ ۾ ئي ناپيد آهن.جي سرڪاري اسڪول آهن ته اتي اسڪول واريون بنيادي سهولتون موجود نه آهن يا وري اتي استاد موجود نه آهن ۽ جي خانگي اسڪول موجود آهن ته انهن جي فيس ايتري آهي جو غريب ماڻهون فيس ڀري يا گهر جو خرچ هلائي.جي سرڪاري اسپتالون موجود آهن ته اتي ڪا به سهولت موجود نه آهي يا وري ڪي سٺا ڊاڪٽر موجود...