Shoaib Mangrio Profile عبدالجبار ملاح
“مڇي ته عبدالجبار ملاح جي ” عبدالجبار ملاح جنهن مهل بچو بادشاه چوڪ سانگهڙ جي شهر ۾ هلڪي ٽانڊن جي سيڪ تي لذيدار مڇي جي سجي تيار ڪندو پيو آ ته چوڪ تان ايندڙ ۽ ويندڙ جو ڄڻ وات ئي پاڻي ٿيو وڃي. سانگهڙ شهر جو واحد سجي تيار ڪندڙ عبدالجبار ملاح ئي آهي جنهن جي سجي ۽ مڇي جي حلوي کي صرف پاڪستان جي چارئي صوبن جا ماڻهون نه رڳو پر ٻاهري ملڪ ۾ دبئي ، قطر ، ڪويت ، شام ۽ ايران جا ماڻهون وڏي شوق سان پسند ڪندا آهن. ان کان علاوه بلاول هائوس ۾ عبدالجبار کي گهرايو ويندو آهي ۽ اليڪشن جي وقت عمران خان سانگهڙ آيو ته هن جي مڇي کائي ويو ان کان علاوه اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواب شريف جنهن وقت بدين ۾ آيا ته مڇي سجي لاءِ هن کي گهرايو ويو هو. عبدالجبار ملاح جو سانگهڙ جي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق آهي جنهن پنهنجي زندگي جو سفر پنهنجي چاچي واحد علي وٽ ڀاڄي جي ڪاروبار ۾ به طور مزدور سڪرنڊ شهر ۾ ڪم ڪيو جنهن کان پوءِ هن کي 1995ع ۾ ٽوويل آپريٽر نوڪري ملي جيڪا نواب شريف جي تختي اُلٽي ٿيڻ سان گــڏ ختم ٿي وئي ان کان پوءِ غربت جي ڪري وري پنهنجي چاچي وٽ مزدوري ڪئي ۽ ڪجهه پيسا گڏ ڪري مڇي ج...