Posts

Showing posts with the label Naseemurehman

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

It is too large 600 words are erquired Foto Most of part is CV type, no story, nothing interesting, no description of personality محمد قاسم ماڪا    نسيم الرحمن فطرت هر انسان توڙي پکي پکڻ کان پنهنجي وس آهر ڪم وٺندي آهي پوء اهي انسان يا پکي پکڻ قدرت جي آڱر پڪڙي پنهنجي پنهنجي حصي جو آڇيل فرض ادا ڪندا رهن ٿا. ايستائين جو انهن جو جسم واپس ٻيهر مٽي ماء منجه ڳوهجي وڃي ٿو پر سندن زندگي لازوال بڻجي وڃي ٿي. ڪي انسان تاريخ جو تخليقون سلهاڙيندي سلهاڙيندي خود هڪ تاريخ جي خوبصورت تخليق بڻجي وڃن ٿا. انهن انسانن مان هڪ محمد قاسم ماڪا پڻ آهي. اڄ ان سنڌ جي محسن جي سوانحِ حيات بابت ڪجه لکڻ جو شرف حاصل ٿي رهيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي قوم لاء جاکوڙيندي گذاريندو پيو اچي . محمد قاسم ماڪا 3 مئي 1953 ۾ سنڌ جي شڪارپور ضلعي ماڪا ڳوٺ شاه ڀٽائي جي خليفن واري گهراڻي ۾ جنم ورتو. امڙ سندس نالو ”گل بخت” ۽ والد ”محمد قاسم“ رکيو. سندس والد جو نالو شاه محمد هو علائقي وارا کيس شاه ڀٽائي جو ”خليفو“ چئي پڻ سڏيندا هئا. محمد قاسم ماڪا ابتدائي تعليم قاضي واهڻ مان، ايليمنٽري تعليم لکي غلام شاه ۽ ميٽرڪ گورنم...

naseem u rahman-72/mc/2k17-Sindhi article Revised

Revised سنڌ ۾ امن امان صورتحال جو بگڙجڻ نسيم الرحمن            هڪ وقت هوندو هو ته چور ڪنهن گهر ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيندو هو ته ڀاڳئي جي سجاڳ ٿيڻ يا هڪل ڪرڻ سان چور ڀڄي ويندو هو ان وقت چورن ۾ حياءُ ۽ شرم هوندو هو، پر ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ان وقت چورن جي پٺڀرائي ڪوبه هئي ۽ هاڻ چور کي پوليس به عزت ڏئي ٿي ته تر ۾ به وڏو مان ۽شان اٿس پوءِ چاهي اهو چور ڌاڙيل جي روپ ۾هجي ياڦورو يا وري پاٿاريدار جي روپ ۾ هجي.       اڄڪلهه جيڪڏهن تر جي پوليس به توهان جي عزت ڪري ته پوءِ چوري ڦر ڌاڙو هڻڻ جو وڏو مسئلو ئي ڪونهي ڇو جو عوام جي تحفظ ڪندڙ پوليس وارا توهان چورن جا ٻانهن ٻيلي آهن ته پوءِ توهان جو ڪير به وار ونگو ڪونه ڪندو جيڪڏهن واردات ڪرڻ دوران ماڻهو مري به ته ڪو وڏو مسئلو ڪونهي ڇو جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پوليس جو ويٺي آهي جيڪڏهن توهان اتفاقن ظاهر به ٿي پيا ته پوءِ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ توهان کي گرفتار ڪري هلڪو ڦلڪو قلم لڳائي ڇڏيندا ته جيئن توهان جي ضمانت جلدي ٿي وڃي اهڙن واقعن ۾ پول...

Naseemurehman وڪٽوريا ٽاور

Editing by Ameet Not reporting based Naseemurehman BS-III Roll 72  Victoria Tower Jacobabad وڪٽوريا ٽاور جيڪب آباد نسيم الرحمنٰ دنيا ۾ تاريخي جڳهن کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو اهي تاريخي جايون انهي دور جي سڃاڻپ کي ورجائين ٿيون. جھڙي طرح مصر جي عجيب عجائبن کي دنيا جي خوبصورتي ۾ نڀيرڻ لاءِ فلمن، ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. اھڙو ئي وڪٽوريا ٽاور سنڌ جي عظيم ماڳن ۾ شمار آهي. جنهن ۾ تاريخي پسمنظر چٽيل آهن. ھي ٽاور کي ڏسندي مون پراڻي وقت جي جڙيل ڪارنامن جو ڏيک تصورات ۾ ڏٺو. سنڌ جي قديم شهر جيڪب آباد ۾ جڙيل وڪٽوريا ٽاور جنهن جي اونچائي مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو اھڙو ٽاور سياحن لاءِ ڏسڻ وٽان ڪنهن عجب ئي نظاري کان گهٽ ناهي. ٽاور جي جڙيل خوبصورتي کي ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياح ايندا آهن. جڏهن مون کي اها سڌ پئي ته جيڪب آباد جي وڪٽوريا ٽاور کي 162 سال گذري چڪا آهن ته منهنجي دل سٽ کاڌي ته ايتري قديم عمارت کي ڏسڻ گھرجي اتان جي رهاڪو منهنجي دوست ”احمد“ فوٽو ڏيکاريندي ٻڌايو ته هن ٽاور کي برطانيان جي راڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ برگيئڊيئر جان جيڪب هن ٽاور کي اڏايو ه...