Posts

Showing posts with the label Sindhi

خانابدوش Investigative Report-HOLD

Image
See what was ur topic? It was gypsies of Hyderabad and Jamshoro. U have gone general. Be specific. It is Investigation Report, that means it is news story and a news story has 5 WS+1 H. Here all 5 WS+1 H. are missing. Referred back. If u want to refile, discuss on Tuesday, April 16 خانابدوش FahadHingoro 2k17/mc/28 (leader) Arslan Qureshi 2k17/mc/19 (subleader ) Mehran Jamali 2k17/mc/57 Shehnaz Chandio 2k17/mc/143 Gull Afshan Mir jutt 2k17/mc/107 Sanobar Mallah 2k17/mc/83 Fahad Group: Khanabadosh : Fahad Hingoro Roll 28 (leader), Arslan Qureshi Roll /19, Mehran Jamali Roll/57, Shehnaz Chandio Roll/143, Gul Afshan Mirjat Roll/107, Sanobar Mallah Roll /83 اسانجي ھن دنيا ۾ ج ڏ ھن انسان ذات جووجود ٿيو ۽ پو ءِ وقت گذرڻ سان گ ڏو گڏ ج ڏ ھن انسان ۾ شعورآيو تھ ھو غ ارن ۾ نڪري ڪري گو ٺ ن ۽ شھرن ۾   رھڻ شروع ٿيا تھ ان سان گ ڏ وگ ڏ پنھنج ي ن س بنيادي سھولتن ک ي پوروڪرڻ جي بھ جدوجھد شروع ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ ھڪ مستقل رھڻ جي لاءِ يعني گھر جھڙي سھولت کي ڳوليندار...

Qasim Feature - Not topublish

I do not think this is approved topic .Check list for approval.  File too late. It is very small topic. can not publish it.      سنجهوري جي مٺائي محمد قاسم اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا   اُها رنگ به رنگي ۽ پورنور نظارن   سان ڀريل آهي.پرجڏهن اوهان ڪنهن سونهن يا نظارنن جي تصور   کي پنهنجي   عقل ۾ کڻي ڏسندو ته يقينن   هڪ سهڻو   ۽ دل کي موهيندڙ    منظر   ٺهيو وڃي     اگر ائين هي اوهان جي دل   جي پسنديدا شي جيئن کاڌو،   فروٽ ياڪا اهڙي شيءَجنهن کي کائڻ لاءَ دل بار بار چوندي آهي يا وري ڪا گھمڻ جي جاءَ هجي   انهي کي ڏسڻ جي   خواهش پيدا   ٿيندي آهي ائين وري مٺائي آهي جڏهن ٻارن وڏن،بزرگن يا مولن جي اڳيان   مٺائي جو ذڪر ڪيو وڃي جنهن ۾ گلاب جامن حلوو يا برفي جي ڳاله ايندي آهي ته   اُنهن ماڻهن جي دل ۾ کائڻ جي خواهش وڏي هوندي آهي پر ايتري مٺائي کائي   نه سگھندا آهين ڇاڪاڻ ته اُها مٺي وڌيڪ هوندي آهي پر يقينن   انهن جو شوق پورو ٿيو وڃي   اوهان   جي سامهون ...

Qasim-65 profile محبت علي منگريو

too short, it should be 600 words Primary data?  Foto?  Next time wrong file name amil will not be opened Referred back  محبت علي منگريو اڄ اسان هڪ اهڙي غريب گھراڻي جي شخص جي ڳاله ڪندا سين جنهن  پنهنجي گهر ۽  ڳوٺ نه پرسڄي سنجهوري شهر کي تعليم  جي روشني  سان  اجاگر  ڪيو اٿس.  محبت علي  منگريو1983   ۾ هن هڪ نڍي ڳوٺ فقير ميانداد منڱريو ۾  اک کولي جيڪو سنجھوري ۽جهول  شهر کان 7 .7ڪلومٽر  پري آهي.  پرائمري  تعليم  پنهنجي  ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين  اڳتي جون منزلون  طئي ڪندي انٽر ڪلاس سنجهورو جي هاءَ اسڪول  مان پاس ڪيائين   هن کي انساني  ڀلائي  جو جزبو ۽ اُتي پوتي پيل   علائقا جنهن  ۾ تعلمي  جي ڪمي  انهن ۾ اڻ پڙهيل ٻار ۽ انهن   جي ڀلائي جي باري  ۾ ڪجھ ڪرڻ ٿي  چاهيو   سنڌ يونيورسٽي مان شوشل ورڪ جي ڊگري  پوري   ڪري کان پوءَ NGO ۾ ڪم ڪرڻ لڳو  اُتي   هن ايتري سچائي سان محن...

Ahtisham Memon Feature درگاھ تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي

Image
Filed late درگاھ تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي. درگاھ ڪنهن بزرگ يا خدا جي وليءَ يا نيڪ ٻانهي جي آرام گاھ يا آستاني کي چيو ويندو آهي. ماڻهون اتي پنهنجي عقيدت يا مرادن جي لاءِ حاضري جي لحاظ کان ايندا آهن، درگاهون پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ موجود آهن جتي روزاني وڏي تعداد ۾ ماڻهون حاضري جي لاءِ ويندا آهن. ۽ انکان علاوه ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي انهن درگاهن تي مستقل طور رهندا آهن. ا تي ئي پنهنجي پوري زندگي گذاريندا آهن انهن جو انهن درگاهن تي رهڻ جا ٻه سبب هوندا آهن يا ته انهن جي درگاھ سان عقيدت جو حساب   هوندو آهي ته اسان کي پنهنجي پوري زندگي درگاھ جي خدمت ۾ گذارڻي آهي. يا ته وري انهن وٽ بيرروزگاري غربت ۽ بي گهر هجڻ جي ڪري درگاھ تي پنهنجي زندگي گذارڻ جي علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو. مٿي ڏنل تصوير سنڌ جي شهر مٽياري جي مشهور   درگاھ” درگاھ سخي هاشم شاھ “ جي آهي جيڪا تقريبن اڄ کان 320 سال پراڻي درگاھ آهي. ماڻهون بزرگ جي حاضري لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان ايندا رهندا آهن. جڏهن ته هن درگاھ تي عرس مبارڪ ربيع الاول جي 12_13_۽ 14 تي ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن مان...

Ahitsham memon- قاضي مقصود - انٽرويو

File Late ---------------------------------------------------------- Write proper intro,  he is writer, poet, known as how in the area and what is his standing in literature? Make question No 1 part of introduction What abt his photo?  What is his specialty? Do not give numbers to questions, to separate question make para Through his interview we can have literary scenario of Matiari of recent past انٽرويو تعارف: قاضي مقصود اصل نالو آهي، مٽياري شهر جي رهائش آهي، 6سيپٽمبر  1969ع تي جنم ٿيو.   ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ اسٽينو ٽائپسٽ آهي     (2)   لکڻ جو يا ليکڪ ٿيڻ جو شوق ڪڏهن پيدا ٿيو؟ جواب: - اصل ۾ اسان کي اسان جون وڏيون (پوڙهيون) لوڪ ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون، رات جو سمهڻ مهل، ان کان پوءِ ٿورڙي شعوري عمر ۾ آياسين ته سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپيل قصا (ٻارن وارا) جام پڙهياسين، جن کي پڙهي ۽ ڏسي، لکڻ جو شوق  پيدا ٿيو، 1981ع ۾ پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي لکيم، پوِء  اڳيان موڪليم، اهي ڪهاڻيون تڏهن ڇپجنديون ته نه هيون پر اسان جو ش...

Arslan qureshi- Interview عبدالستار چنا ڪلاسيڪل ڊانسر

Image
Revised Arslan Qureshi 2k17/MC/17 عبدالستار چنا (آرٽسٽ - ڪلاسيڪل ڊانسر) اسان جي هن دنيا ۾ ماڻهو خوشي جو اظهار ڪرڻ لاءِ يا ته گيت ڳائيندا آهن يا وري نچي جهمر هڻي خوشي جو اظهار ڪندا آهن، رقص کي پيشو بڻائڻ اسان جي هن معاشري ۾ آسان ناهي، ان جي ڪري ئي مان انٽرويو لاءِ عبدالستار جيڪو هڪ ڪلاسيڪل ڊانسر آهي جي چونڊ ڪئي. سوال-1 توهان هن شعبي جو ڇو انتخاب ڪيو؟ جواب: چوندا آهن ته دنيا ۾ انسان جيڪو ڪم ڪندو آهي نيٺ ان مان بيزار ٿي پوندو آهي پر مان جڏهن رقص ڪندو آهيان ته مون جي روح کي خوشي ملندي آهي، ان سان گڏوگڏ منهنجو رقص تي عبور رهيو آهي، ان سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪري مون رقص جو انتخاب ڪيو ۽ ان کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي ڇڏيو. سوال-2 توهان ڊانس جي فيلڊ ۾ ڪلاسيڪل ڊانس جو ڇو انتخاب ڪيو؟ جواب: هونئن ته دنيا ۾ ڪيتري ئي قسم جا رقص آهن، رقص هڪ خوشي جو اظهار آهي، قومن جي سڃاڻپ آهي ۽ اسان قص کي جسم جي شاعري به چئي سگهون ٿا، اهڙا کوڙ سارا ڊانس ۽ رقص جا نمونا ۽ قسم موجود آهن پر انهن جو ڪو به قائدو قانون ڪونهي پر انڊين ڪلاسيڪل ڊانس جنهن کي اسان ڪٿڪ ڊانس چوندا آهيون , ان جا 8 قسم آه...

Shoaib Mangrio Profile عبدالجبار ملاح

“مڇي ته عبدالجبار ملاح جي ” عبدالجبار ملاح جنهن مهل بچو بادشاه چوڪ سانگهڙ جي شهر ۾ هلڪي ٽانڊن جي سيڪ تي لذيدار مڇي جي سجي تيار ڪندو پيو آ ته چوڪ تان ايندڙ ۽ ويندڙ جو ڄڻ وات ئي پاڻي ٿيو وڃي. سانگهڙ شهر جو واحد سجي تيار ڪندڙ عبدالجبار ملاح ئي آهي جنهن جي سجي ۽ مڇي جي حلوي کي صرف پاڪستان جي چارئي صوبن جا ماڻهون نه رڳو پر ٻاهري ملڪ ۾ دبئي ، قطر ، ڪويت ، شام ۽ ايران   جا ماڻهون وڏي شوق سان پسند ڪندا آهن. ان کان علاوه بلاول هائوس ۾ عبدالجبار کي گهرايو ويندو آهي ۽ اليڪشن جي وقت عمران خان سانگهڙ آيو ته هن جي مڇي کائي ويو ان کان علاوه اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواب شريف جنهن وقت بدين ۾ آيا ته مڇي سجي لاءِ هن کي گهرايو ويو هو. عبدالجبار ملاح جو سانگهڙ جي   هڪ غريب گهراڻي سان تعلق آهي جنهن پنهنجي زندگي جو سفر پنهنجي چاچي واحد علي وٽ ڀاڄي جي ڪاروبار ۾   به طور مزدور سڪرنڊ شهر ۾ ڪم ڪيو جنهن کان پوءِ هن کي 1995ع ۾ ٽوويل آپريٽر نوڪري ملي جيڪا نواب شريف جي تختي اُلٽي ٿيڻ سان گــڏ ختم ٿي وئي ان کان پوءِ غربت جي ڪري وري پنهنجي چاچي وٽ مزدوري ڪئي ۽ ڪجهه پيسا گڏ ڪري مڇي ج...

shahzeb solangi profile ساحل ٻگهيو

Image
Ok ساحل ٻگهيو . انسان جسم کان نه دماغ مان معزور هوندو آهي. دنيا ۾ ڪجهه به اهڙو ناهي، جيڪو ناممڪن هجي، بس ان شئي تي يقين هجي ۽ ان شئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هماليه جيڏا ارادا هجن. اها ڪنهن کي خبر هئي ته 7 اپريل 1996ع ۾ سنڌ جي علائقي نوشهروفيروز ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جنهن جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جا زنده مثال اسان جي اڳيان آهن. ساحل جڏهن پيدا ٿيو ته جسماني لحاظ کان نارمل ٻار نه هو، ساحل جا ٻئي هٿ نه هئا، ۽ ٽنگن مان هڪ ٽنگ ننڍڙي ۽ ٻي نارمل هئي. اهو وقت ساحل جي والدين لاءِ ڪنهن ڏکئي امتحان کان گهٽ نه هو. پر ساحل جي والدين ان ٻار کي الله پاڪ جي طرف کان سمجهندڙ هڪ پيارو تحفو سمجهي ان کي دل سان قبول ڪيو ۽ ان کي هڪ نارمل ٻار سمجهيو. ساحل وارا پاڻ ۾ چار ڀاءُ ڀيڻ آهن، جنهن مان ساحل ٻيو نمبر آهي. ساحل جڏهن 4 سالن جو هيو ته ان جي والده ان کي پير سان لکڻ سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. آهسته آهسته ساحل پير سان لکڻ شروع ڪيو ۽ ساحل جي لکڻ جي صلاحيت ايتري ته سٺي آهي، جو ان جي يونيورسٽي ۽ اسڪول جي استادن پڻ اعتراف ڪيو آهي ته ساحل جي لکڻ جي صلاحيت هٿ سان لکڻ وارن فردن کان به بهترين آهي. ساحل پنهنجي ابتدائي تعليم پ...

Mudasir chandio profile بيدار بخشل چانڊيو revised

Image
Expanded for Magazine بيدار بخشل چانڊيو؛ نعت خواني ۽ شاعري جو عظيم امتزاج. سنڌ جي ذرخيز مٽيءَ پنهنجي خمير مان زرخيز ڏات ڌڻن کي جنم ڏنو آهي. جنهن مان ڪيترائي عالم، اديب شاعر، دانشور، محقق، استاد، فنڪار ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي شامل آهن. جن ملڪان ملڪ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي. قمبر، سنڌ جو اهو اهم شهر آهي جنهن اهڙي قسم جا ماڻهون ڏات جي دنيا کي ڏنا آهن. جن مان بخشل چانڊيو به هڪ آهي. جنهن شاعري ۽ نعت خواني ۾ پوري سنڌ نه بلڪه پوري پاڪستان ۾ نالو ڪمايو آهي. بخشل چانڊيو جو جنم ضلعي قمبر شهداڪوٽ تعلقي ميروخان جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم اسڪول سعدالله خان چانڊيو ۽ مئٽرڪ ڀنڀو خان چانڊيو هاءِ اسڪول ۾ ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان انٽر پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ايم ايڊ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ۽ سي ٽي لاڙڪاڻه ڊگري ڪاليج مان ڪئي. ان کانپوءِ 1987ع ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿيا، جيڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ شروعات ٿي. پرائمري کان بعد ايڇ ايس ٽي جو امتحان پاس ڪري استاد جي حيثيت سان ڳوٺ واري اسڪول کي جوائن ڪيو. شاگرد ؛بخشل چانڊيو؛ جڏهن پا...