خانابدوش Investigative Report-HOLD
See what was ur topic? It was gypsies of Hyderabad and Jamshoro. U have gone general. Be specific. It is Investigation Report, that means it is news story and a news story has 5 WS+1 H.
Here all 5 WS+1 H. are missing. Referred back. If u want to refile, discuss on Tuesday, April 16
خانابدوش
FahadHingoro 2k17/mc/28 (leader)
Arslan Qureshi 2k17/mc/19 (subleader )
Mehran Jamali 2k17/mc/57
Shehnaz Chandio 2k17/mc/143
Gull Afshan Mir jutt 2k17/mc/107
Fahad Group: Khanabadosh: Fahad Hingoro Roll 28 (leader), Arslan Qureshi Roll /19, Mehran Jamali Roll/57, Shehnaz Chandio Roll/143, Gul Afshan Mirjat Roll/107, Sanobar Mallah Roll /83
اسانجي ھن دنيا
۾ جڏھن انسان ذات جووجود ٿيو۽پوءِوقت
گذرڻ سان گڏو گڏجڏھن انسان ۾ شعورآيوتھ ھو غارن
۾ نڪري ڪري گوٺن۽شھرن ۾ رھڻ شروع ٿياتھ ان سان گڏوگڏ پنھنجي نس بنيادي
سھولتن کي پوروڪرڻ جي بھ جدوجھد شروع ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ھڪ مستقل رھڻ جي لاءِ يعني گھر جھڙي سھولت کي ڳوليندارھيا،جيئن ئي وقت گذرندورھيوتيئن ئي آبادي
۾ ازافوٿيندورھيوآھي۽موجودہ وقت ۾ اسانجي ھن دنيا ۾ ڪل
ساڍاست ارب آبادي موجودآھي۽ 195
ملڪن مان اسان جوملڪ پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنياجو
6 ھون نمبروڏو ملڪآھي۽جڏھن
1947ع ۾ پاڪستان ٺھيو تھ تڏھن لکن جي
تعداد ۾ مسلمان ھندستان مان لڏڻ تي مجبورٿيا، ان جي ڪري ئي مسلمان مشڪلاتن جو شڪار ٿيا ۽ نھ ئي ڪو روزگار ۽ نھ ئي ٻيو
ڪو آمدني جو ذريعو ھجڻ جي ڪري ئي پنھنجين
بنيادي سھولتن کان محروم ٿيا ۽ غربت جي
ڪري جھوپڙن ۾ رھڻ تي مجبور ٿيا، ھي جھوپڙن ۾ رھندڙ ماڻھو نھ صرف ھڪ ڳوٺ يا شھر ۾
رھن ٿا پر ھي سموري ملڪ جي ھر ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رھندي نظر ايندا پر نھ صرف پاڪستان ۾
پر ھي ماڻھو دنيا جي تقريبن ھر ملڪ ۾ نظر ايندا، انھن ماڻھن جي رھڻ جي ڪا ھڪڙي
جاءِ نھ ھوندي آھي پر ھي وقت سان گڏو گڏ ھڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ منتقل ٿيندا رھندا
آھن، انھي جي ڪري انھن ماڻھن کي ھر ٻولي ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو آھي، جنھن ۾
پکي باز، جپسي، خانا بدوش ۽ انگريزي ۾ نو ميڊس بھ چيو ويندو آھي اڄڪلھھ جي ھن
موجودہ دور ۾ ھڪ عام باشعور ۽ پڙھيل لکيل
شھري بھ ڪافي مشڪلاتن سان گھيريل آھن، ھر شھري پنھنجن پنھنجن گھر ڀاتين جي بھتري
جي ڪري مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا ۽ ٻئي طرف اسان انھن خانا بدوشن جي زندگي تي نظر
وجھون تھ اسان تصور بھ ڪو نھ ٿا ڪري سگھون تھ خانا بدوش ڪھڙين ڪھڙين مشڪلاتن کي
منھن ڏئي رھيا آھن، پھريون تھ ڪمائي جو ڪو بھ ذريعو نھ ھجڻ جي ڪري ھي ماڻھو پنڻ تي مجبور آھن ۽ ھي خانابدوش تعليم
۽ صحت جھڙين بنيادي سھولتن کان محروم آھن، ھنن خانابدوشن ۾ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي،
بلوچ، پختون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتون موجود آھن، ۽ جڏھن ھي خانا بدوش جنھن جاءِ
ڏانھن منتقل ٿيندا آھن تھ ھڪ ئي وقت ۾ ڪيئي سارا
خاندان يعني ٽولن جي شڪل ۾ لڏيندا آھن ۽ ھي خانا بدوش ملڪ ۾ تبديل ٿيندڙ
موسمن جي لحاظ کان بھ ھڪ شھر کان ٻئي شھر ڏانھن لڏپلاڻ ڪندا آھن ۽ ھي سال ۾ ھڪ کان
ٻھ دفعا لڏپلاڻ ڪندا آھن ۽ جڏھن ھنن خانا بدوشن کان انھن جي ٻارن جي تعليم لاءِ
پڇيو ويندو آھي تھ انھن جو جواب ھي ھوندو آھي تھ اسان بيروزگار ماڻھو آھيون، پني
ڪري ئي پنھنجو گذر سفر ڪندا آھيون ۽ ٻيو تھ اسان خانا بدوش آھيون ان جي ڪري اسان
جو ڪو بھ مستقل پتو نھ آھي، اسان ھميشھ ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانھن لڏپلاڻ ڪندا
رھندا آھيون، ان جي ئي ڪري ٻارن کي تعليم ڏيارڻ کان قاصر آھيون، ۽ انھن خانا بدوشن
۾ ڪجھھ خاندان اھڙا بھ ھوندا آھن جنھن وٽ
رھڻ لاءِ مستقل جاءِ تھ نھ ھوندي آھي پر ھو پنھنجي چوپائي مال جي ذريعي پنھنجي گھر
ڀاتين جو پيٽ ڀريندا ۽ سھولتون پوريون
ڪندا آھن، ان ڪري انھن وٽ چوپائي مال جھڙي سھولت موجود ھوندي آھي ۽ ان کان علاوہ سروي ڪرڻ سان اھا خبر پئي تھ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪجھھ اھڙا خانا بدوش
ٽولا بھ موجود آھن، جيڪي رھن تھ جھوپڙن ۾ ٿا پر انھن کي گورنمينٽ طرفان بجلي، پاڻي
۽ گيس جھڙين بنيادي سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن.
مذهب / تهذيب
خانه بدوش هڪ اهڙو
ڪافلو آهي جنهن جو هڪ ٺهڪانو ناهي رهندو، انهن جي زندگي پنڻ جي سفر ۾ ڪٽجي ويندي
آهي. انهن جي زندگي جو سفر پنهنجي جهوپڙين تان شروع ۽ لاچاري ۽ غربتون تي ختم ٿئي
ٿو. ڪوبه انسان پيدائشي فقير يا خانه بدوش نه هوندو آهي. انهن کي دنيا جون
مجبوريون، لاچاريون، غربتون ۽ بيوسي هڪ پيشي ور فقير ۽ سنگ دل انسان بڻائي ٿو، سنگ
دلي ۽ لاچاري ۾ هو پنهنجو مذهب، ذات پات، رنگ نسل، روپ ۽ ڪردار بدلائين ٿا يا انهن
سڀ حقيقتن کي مٽائي مجبوري ۾ خانه بدوشي جو هڪ پوشاڪ پهرين ٿا. جڏهن هي ان روپ ۾
اچن ٿا ته هي پنهنجو مذهب ۽ تهذيب کي به وسريو وڃن ٿا. انهن لاءِ مذهب ۽ تهذيب
ڪابه حيظيت نه ٿو رکي پر جڏهن انهن کان مذهب جي باري ۾ پڇيو وڃي ٿو ته معلوم ٿئي
ٿو هو ڪهڙي مذهب ۽ تهذيب سان تعلق ٿا رکن ۽ انهن جو چوڻ آءِ هن خانه بدوش جي روپ
هو پنهنجو مذهبي تهوار ۽ تهذيب خوشي سان ملهائڻ پر عام ڏينهن ۾ هو پنهنجو مذهب ۽
تهذيب کي ڀليو وڃن ٿا. خانه بدوشي ۾ ڪيتريون ذاتون اچي وڃن ٿيون انهن ۾ شيخ،
پنجابي، سخ ۽ ساڳيوئي طريقو اپنائن ٿا.
هندو ۽ ٻين مذهبن مان
تعلق رکندڙ اچي وڃن ٿا. پر اهي هندو هجن يا مسلمان انهن ۾ ڪوبه فرق ناهي رهندو. هي
سڀ الله جي نالي گُهرن ٿا ۽ گهر گهر وڃي خير وٺن ٿا. مذهب هُجڻ جي باوجود هي ڪنهن
فرقي کي نه ٿا مڃن. انهن جو مقصد صرف پنڻ ۽ پنهنجو پيٽ پالڻ آهي ۽ اهيو ئي طريقو
هي پنهنجي اولاد کي سيکارين ٿا ۽ اها نئي نسل به پنهنجي مذهب ۽ تهذيب کان محروم
رهجي وڃي ٿي مذهب ۽ تهذيب نه هجڻ جي ڪري هو انسانيت کي به وسري وڃن ٿا ۽ پنهنجي
ذات کي خانه بدوشيءَ جو نالو ڏين ٿا پر ڪنهن وقت انهن کي ڌتڪاريو ٿو وڃي ته هو
مايوس ٿيو وڃن ٿا ۽ پنهنجي حال تي روئن ٿا پوءِ اڃان وڌيڪ بُرائي ڏي وڃن ٿا. نشي
جا عادي ٿين ٿا الاهي قسمن جا نشا ڪن ٿا جيئن ته چرس، آفيم، هيروئن ۽ ٻين قسمن جا
نشا ڪن ٿا. پاڻ گهر ۾ ويهي پنهنجي اولاد کي زور زبردستي ڪري پنڻ تي مجبور ڪن ۽ اگر
اهي گهر خالي هٿ موٽن ٿا ته انهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ بي حيسي ۾ پنهنجي اولاد کي گهڻن
پئسن ۾ وڪڻن ٿا.
بي حسي ۽ بي ايمان
هوندا آهن پر جڏهن به انهن الله جي نالي تان گهرون وڃي ته جڏهن ڪوبه مليو لڳي ٿو
يا ڪنهن جو عرس مبارڪ اچي ٿو ته اهي سڀ پنهنجي خاندانن سميت اتي ملن تي وڃن ٿا.
اهيو انهن جي مذهب سان تعلق رکڻ جو به سبب آهي پر اُتي اچڻ وارن ماڻهن کان به پئسه
گهرڻ ۽ پنهنجي روزگار جو به طريقو آهي وڏن وڏن مزارن ۽ درگاهن تي وڃي ويهڻ ۽ پاڻ
کي هڪ فقير چوڻ به انهن جي پيشي ۾ اچي وڃي ٿو جڏهن انهن کان پڇيو وڃي ٿو ته توهان
مذهب اسلام مان تعلق رکو ٿا ۽ توهان مسلمان آهيو ۽ جيئن ته اسلام ان شيءَ جي اجازت
نه ٿو ڏيئي ته توهان درگاهن ۽ ٻين جڳاهن تي وڃي پنو ٿا ته انهن جو چوڻ آهي اسان
غلط ڪم نه ٿه ڪيون اسان غربت ۽ معذور آهيون
ته اسان اهيو ئي ڪم ڪندا سين ۽ اهي الله سان شڪوه ڪندا آهن ته اسان کي
خاميون ڏنيون جيئن ته اسان ان ئي رستي تي وينداسين اهيو ئي اسان جو پيشو آهي ۽
اهيو اسان جي زندگي گذارڻ جو هڪ طريقو آهي ۽ اهي پنهنجي ان ئي زندگي ۾ خوش رهندا
آهن ۽ جهوپڙين کي ئي محل سمجهندا آهين خانه بدوشي ڪو عيب نه هوندو آهي اهيو اسان
جي زندگي جو طرز عمل آهي.
تعليم
خانه بدوش جيڪو طبقو
آهي انهن کي تعليم جي ڪابه سهولت موجود ناهي هوندي ڀلي پوءِ اهي اسڪول سرڪاري هجن
يا پرائيوٽ هجن انهن ۾ هنن جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي اسان جي معاشري ۾ صفا گهٽ
تر واري حيثيت رکن ٿا ان ڪري خانه بدوش وارن جا ٻآر اگر اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ
ويندا آهن ته اسان جي معاشري جا ٻار انهن کي پنهنجي ويجهو به اچڻ نه ڏيندا آهن، ۽
انهن کي انهن جي حيثيت ٻڌائي انهن کي پاڻ کان گهٽ محسوس ڪرائيندا آهن، ٻار اسڪول
جو پورو عملو شاگردن تائين انهن کي ڌڪاريو ويندو آهي ۽ انهن کي ڪابه سهولت فراهم
نه ڪئي ويندي آهي. اسڪولن ۾ تعليم جي سهولت نه هجڻ جي ڪري هنن جا ٻار تعليم کان
محروم ٿي رهجي ويندا آهن ۽ سماج سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلي نه سگهندا آهن اسان جي
حڪومت کي گهرجي ته هنن سڀنن کي اهي سڀ سهولتون فراهم ڪري هنن جي ٻارن جو مستقبل جي
لاءِ هنن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪي حق ٻين ٻارن کي
ڏنا وڃن پيا اهي حق هنن ٻارن کي فراهم ڪيا وڃن، ڇو جو تعليم جو دارومدار انسان جي
حيثيت تي مشتمل ناهي، علم حاصل ڪرڻ هر انسان جو حق آهي اهي ٻار اسان جي سماج جا يا
ڪنهن به طبقي سان تعلق ڇو نه رکندا هجن. خانه بدوش برادري هندو يا مسلمان ڇو نه هجي علم حاصل ڪرڻ سڀ ڪنهن جو حق آهي. اسان
جي حڪومت کي گهرجي ته سڀنين کي برابر حق فراهم ڪري، اڪثر ڪري گهٽ طبقي جا ٻار علم
کان محروم رهجي ويندا آهن. پنهنجي حيثيت جي ڪري مجبورن ان کي پنهنجي حيثيت جي
مطابق پنهنجي خواهش ختم ڪري ۽ پنهنجي وڏن وانگر گهٽين ۾ وڃي گند ڪچرو گڏ ڪندا آهن.
ڇوجو اهي ٻار سماج جو رويو پاڻ سان ڏسي ۽ سمجهي ڏيندا آهن ته اسان ان سماج ۾ انهن
جي ڪابه حيثيت ناهي رهي ۽ نه انهن کي ڪڏهن به سماج ۾ ٻين ٻارن وانگر تعليم حاصل
ڪرڻ جو حق ڏنو ويندو، انهن ٻارن کي هر جڳهه تي بس ڌڪاريو ويندو آهي ۽ انهن کي،
انهن جي حيثيت جو بار بار ٻڌايو ويندو آهي ۽ هر جڳهه تي اسان جي معاشري جا ٻار
انهن جي ٻارن کي پاڻ سان گڏ کيڏڻ نه ڏيندا آهن ۽ نه ئي پاڻ سان گڏ اسڪول ۾ تعليم
حاصل ڪرڻ ڏيندا آهن، انهن کي هر جڳهه تي احساس ڪمتري جو شڪار بڻايو ويندو آهي.
روزگار
جيئن ته خانه بدوش
قبيلا مختلف جاين، هنڌن ۽ علائقن تان لڏ پلاڻ ڪري ايندا آهن تنهنڪري سندس روزگار
جا وسيلا به مختلف آهن. معلومات وٺڻ تي انهن ڪجهه ٻڌايو ته هو پاڻي جي دريائن،
ڏنڍن مان مڇيون پڪڙي ڪري، بازار ۾ وڪرو ڪندا آهن ۽ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هو ڪچري جي
ڍير مان مختلف شيون جهڙوڪ ڪاغذ جا گتا، پراڻا ڪپڙا، پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ ٻيون شيون
ميڙي بازار ۾ وڪرو ڪري پنهنجو گذرن ڪندا آهين، ان کان سواءِ انهن جون عورتون ۽ مرد
پنڻ وسيلي پنهنجو گذر سفر ڪندا آهين جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته هڪ ماڻهو روزانو 500 کان
600 روپيه ڪمائيندو آهي ان ڪري هنن پنهنجن ٻارن کي به پنڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، حيرت
جهڙي ڳالهه آهي ته اهي خانه بدوش قبيلا مختلف ماڻهن جون جاسوسيون پڻ ڪندا آهن،
جنهن سان ڪجهه ماڻهو ۽ ادارا کين ڪافي پئسا معاوضي طور تي ادا ڪندا آهن سنڌ جي
ٻهراڙي علائقن ۾ جڏهن ڪڻڪ جو لابارو ٿيندو آهي ته ڪجهه خانه بدوش قبيلا ڪڻڪ جو
لابارو ٺيڪي تي وٺي ان سان پنهنجو گذران ڪندا آهين، جنهن لاءِ خاص طور تي جابلو
علائقن مان سنڌ جي وچولي علائقن تان لڏ پلاڻ ڪري ايندا آهين، ٿر جي علائقي جا
ماڻهو لاباري جي موسم ۾ سنڌ جي اندرين علائقن ۾ اچي ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آهين.
ان کان سواءِ سنڌ ۾ انبن جي موسم ۾ باغن تي چوڪيداري لاءِ پڻ اهي خانه بدوش قبيلن
جي مردن کي رکيو ويندو آهي ۽ انهن جون عورتون انب ميرڻ ۽ پيتين ۾ ڀرڻ جو ڪم پڻ
ڪنديون آهين، ان کان سواءِ جديد دور ۾ مختلف روڊن جي ڪنارن تي عورتون انبن جا
عارضي ٺڪاڻا ٺاهي وڪڻنديون آهين ۽ پنهنجو گذر سفر ڪنديون آهين خانه بدوش جتي ٻيا
ڪم ڪن ٿا اتي ئي سنڌي هٿ جي هنر جا پڻ ماهر هوندا آهين. سنڌي، پشتوئي لباس خانه
بدوش جون مختلف عورتون ٺاهي ڪري بازار ۾ وڪڻنديون آهين، خانه بدوش جون عورتون
جهوپڙيءَ ۾ رهي ڪري سنڌي رليءَ، سنڌي لباس، سنڌي ٻڪي ۽ سنڌي هوا وارا، وجڻان، وارن
جي چوٽي واري سڳي، اڳٺ ۽ سنڌيون ٽوپيون ۽ ٻيون شيون پڻ ٺاهين ٿيون، جڏهن اسان خانه
بدوش کان پڇو ته هي سامان ڪيتري ۾ وڪرو ڪيو ٿا، ۽ هڪ ڏينهن ۾ ڪيترو کپي ٿو ته هن
ٻڌايو هر هڪ شيءَ جو الڳ اگهه آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ تقريبن چار کان پنج شيون وڪڙجي وڃن
ٿيون جنهن ۾ اسان کي ننڍين شين ۾ 300 کان 500 تائين ۽ وڏين شين ۾ 500 کان 2500
تائين منافو ٿيندو آهي، مختلف علائقن جي مختلف گهرن ۾ وڃي ڪري پنهنجو سامان وڪرو
ڪنديون آهين، جنهن سان انهن جي ڪاروبار ۾ منافو ۽ عزت وارو ٿيندو آهي.
خانه بدوش گهڻي تعداد ۾
هڏ حرام تي هوندا آهن، جنهن ڪري کين پنڻ وارو ڪاروبار آسان ۽ منافي وارو لڳندو
آهي، خانه بدوش ۾ تعليم جو شعور نه هجڻ ڪري گورنمنٽ جي نوڪرين کان محروم آهين،
انهن جو چوڻ آهي ته پڙهڻ لکڻ سان ڇا ٿيندو نه ڪو نوڪريون ملنديون ۽ نه ئي ڪجهه ٿيندو،
پوءِ به پنڻون ٿو پوي. هنن مٿان گورنمنٽ ڪابه سختيءَ نه رکي آهي. تنهن ڪري کين پنڻ
۾ وڌيڪ شوڪ پيدا ٿي رهيو آهي. مزدوريءَ ڪرڻ بجاءِ هنن پنڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي،
ان ڪري معاشري ۾ جهالت وڌي رهي آهي ۽ ڪنهن به شيءَ جو ڪو علم نه آهي گورنمنٽ جڏهن
کان خانه بدوش کان ووٽ گڻي ٿي ته کين سڌي راهه ڏيکارڻ جو فرض ۽ پڻ انجام ڏيڻ
گورنمنٽ جو فرض آهي.
گورنمنٽ طرفان ڪهڙيون
سهولتون ڏنيون ويون آهن، ۽ ووٽ وٺڻ مهل ڪير ايندو آهي؟
گورنمينٽ
جي طرفان خانا بدوش لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا آهن. هي پنهنجي زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. بنيادي سهولتن ۾
رهائش، کائڻ، پيئڻ، پائڻ جهڙي ڪابه سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي. هي هڪ تنبو لڳائي
رهندا آهن ۽ ڪنهن هڪ جاءِ تي مهيني کان وڌيڪ نه رهندا آهن. هنن ۾ تعليم نه هوندي
آهي ڇو جو شعور نه هوندو آهي ۽ غربت جي ڪري هي پڙهي نه سگهيا. هي روزانو پني يا ڪو
ڪم ڪار ڪري يا پاٺا ۽ پلاسٽڪ کپائي پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو
ته ٿر جا MNA, MPA
هر سال اسان کان ووٽ وٺڻ ايندا آهن ۽ اسان کي گاڏيون ڪري ووٽ ڏيڻ لاءِ وٺي ويندا
آهن ۽ اليڪشن کانپوءِ وري منهن ئي ناهن ڏيکاريندا. اسان سان ڪوڙا وعدا ڪري ويندا
آهن. هر سال واري ۽ هر ڪو ائين ڪندو آهي. جديد دور ۾ به اسان وٽ لائيٽ نه آهي ۽ نه
وري اسان وٽ گيس. اسان کي نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن ڇوجو اڻپڙهيل آهيون. غربت جي
ڪري پڙهي نه سگهياسين. بس هاڻي گذر سفر ڪرڻ لاءِ پنندا آهيون ۽ يا وري ڪچرو ۽
سامان ڳولهي کپائيندا آهيون. اسان وٽ رهڻ لاءِ ڪوبه گهر نه آهي، بس لڏو ڪولهي تي
پوءِ ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي ايئن پيا بس مڙئي زندگي جي گاڏي کي گهليون هنن جو
وڌيڪ چوڻ هو ته اسان وٽ ڪافي ادارا آيا هئا ۽ اهو چئي ويا ته ڪجهه ڪنداسين. پر هنن
صرف ڪوڙا دلاسا ڏنا ۽ اڄ تائين ڪنهن ڪجهه به نه ڪيو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي
اگر ڪٿي رهندا آهن ڪنهن خالي زمين تي اتان جا مالڪ اچي هنن کي اتان لڏي وڃڻ جو
چوندا آهن يا وري انهن کا پئسا وٺندا آهن مسواڙجي طور تي. گورنمنٽ جي طرفان جيڪو
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رکيو ان جي سهولتون کان به محروم آهيون، اهي به پئسا
عملدار کائي ويندا آهن. گهورنمينٽ جي طرفان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. اڃا
تائين هر ڪو آفيسر اچي ڏسي ۽ پوءِ پڇي هليو ٿو وڃي اڄ تائين ڪنهن به سار نه لڌي
آجهي. حڪومتون مٽيون پر اسان جا حالات اڃا اهڙا ئي آهن.
Comments
Post a Comment