Amjad Khoso MC 16 Article-Revised
Edited by Ali Ahmed Chhachhar سنڌ ۾ هلندڙ ڪارو ڪاري ۽ ڀوتارڪي نظام امجد علي کوسو ڪنهن به قوم يا ملڪ جي عروج ۽ زوال جو دارومدار ان جي هلندڙ نظام، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ رواجن تي هوندو آهي. سنڌ جيڪا پنهنجي ثقافت رسمن ۽ رواجن سان مالامال آهي. پر سنڌ ۾ هلندڙ ڪارو ڪاري وڏيرائي نظام سنڌ جي ثقافت رسمن رواجن ۽ ترقي تي وڏو خراب اثر وڌو آهي. سنڌ جيڪا صوفين، درويشن ۽ امن پسند ماڻهن جو ديس طور سڃاتو وڃي ٿو. پر ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪارو ڪاري نظام هزارن بيگناه عورتن کي موت جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. عورت کي هر معاشري ۽ مذهب ۾ وڏو درجو حاصل آهي. مثال طور مذهب اسلام عورت کي وڏي عزت ۽ اعليٰ درجو بخشو آهي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ فرمايو اهو مرد منهنجي لاءِ عزت وارو آهي جيڪو عورت جي عزت ڪري ٿو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ غيرت جي نالي تي تشدد ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو. ڪارو ڪاري جيڪو اسان جي معاشري لاءِ ناسور بڻيل آهي سنڌ جي قبائلي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪارو ڪاري نظام عام ٿي چڪو آهي جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي پسند جي مطابق ڪنهن سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جي گهر جا ڀاتي ان کي ڪارنهن ڄاڻائي ان ...