Ameet Kolhi Artilce 2K17-MC-15-Revised
Revised پاڻي جي کوٽ ۽ انساني زندگي جو جياپو اميت ڪولھي بحرانءِ پاڻي جي ڪري بيابان ۽ ويرانگيون ڏسڻ ۾اچن ٿيون، پاڻي زندگي آهي جتي ساهه وارن جو جياپو آهي اتي پاڻي لازمي آهي. پاڻي جي اهميت ان ٿري ماروڙي کان پڇو جو سوين ميٽرن جي دوريءَ تي پاڻي جي اڄ وسائڻ لاء ڳوليندو ويندو آھي. جي پاڻي ملي ته امرت جي نه ملي ته ڀٽڪڻ موت بڻجي وڃي، ائين ٿري جو چوپايو مال به آسمان ڏانھن نظر ڪري نھاري ٿو ۽ اکين ۾ اڄائل پيٽ جي لاء دعائون گّھري ٿو شل پاڻي رحمت بڻجي اچي. چوڻ ائين ته پاڻي جو وجود زندگي جو وجود آھي. پاڻي جي موجع ھن وسندي ڌرتي کي سرسبز، ساوڪ ۽ رنگين فضائن ۾ سميٽيو ڇڏي ٿي، جنھن سان ٿڌري سڙھاڻ جون ھيرون ھوائن ۾ پلٽيو پون ٿيون ۽ وڻندڙ نظارا اجاگر ٿين ٿا. گذريل صدي جو مطالعو ڪيو وڃي ته آبادي گھٽ ھئي ۽ معيشت اپاءّ جا وسيلا وڌيڪ ھئا، پوءِ وڌندر آبادي ۽ وقت سان گڏ معيشت جي گھٽتائي جنهنڪري زندگي گذارڻ مسئلن جو ڍير بڻجي وئي آھي. ڪجھ مھينا اڳ سنڌ جا ڪجهه علائقا ڏڪار ۾ ڏنڀجي ويا انهن جا ...