Ameet Kolhi Artilce 2K17-MC-15-Revised
Revised
پاڻي جي کوٽ ۽ انساني زندگي جو جياپو
اميت
ڪولھي
بحرانءِ پاڻي جي ڪري بيابان ۽
ويرانگيون ڏسڻ ۾اچن ٿيون، پاڻي زندگي آهي جتي ساهه وارن جو جياپو آهي اتي پاڻي
لازمي آهي. پاڻي جي اهميت ان ٿري ماروڙي کان پڇو جو سوين ميٽرن جي دوريءَ تي پاڻي
جي اڄ وسائڻ لاء ڳوليندو ويندو آھي. جي پاڻي ملي ته امرت جي نه ملي ته ڀٽڪڻ موت
بڻجي وڃي، ائين ٿري جو چوپايو مال به آسمان ڏانھن نظر ڪري نھاري ٿو ۽ اکين ۾ اڄائل
پيٽ جي لاء دعائون گّھري ٿو شل پاڻي رحمت بڻجي اچي. چوڻ ائين ته پاڻي جو وجود
زندگي جو وجود آھي. پاڻي جي موجع ھن وسندي ڌرتي کي سرسبز، ساوڪ ۽ رنگين فضائن ۾
سميٽيو ڇڏي ٿي، جنھن سان ٿڌري سڙھاڻ جون ھيرون ھوائن ۾ پلٽيو پون ٿيون ۽ وڻندڙ
نظارا اجاگر ٿين ٿا.
گذريل صدي جو مطالعو ڪيو وڃي ته آبادي
گھٽ ھئي ۽ معيشت اپاءّ جا وسيلا وڌيڪ ھئا، پوءِ وڌندر آبادي ۽ وقت سان گڏ معيشت جي
گھٽتائي جنهنڪري زندگي گذارڻ مسئلن جو ڍير بڻجي وئي آھي. ڪجھ مھينا اڳ سنڌ جا ڪجهه
علائقا ڏڪار ۾ ڏنڀجي ويا انهن جا سبب اھي ھئا ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چند مھينن
تائين پاڻي نه آيو جنهن ۾ عمرڪوٽ، ڪنري، ڍورونارو،شادي پلي، بدين ۽ ٻيا ڪجهه
علائقا آهن. ائين ئي ھن سال سنڌ جي ساحلي پٽي تي وسڪارو نه ٿيو، جنھن ڪري مختلف
علائقن ۾ موسمي فصل وقت موجب نه پوکاڻا جي پوکاڻا سي پاڻي جي قلت سبب تيار نه ٿي
سگھيا سڪي ختم ٿي ويا. چيٽ جي فصلن ۾ ھارين کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پيو. عمرڪوٽ
جي آسي پاسي وارن علائقن ۾ پوکيل سبزي ۽ ٻيا ڪيترائي فصل سڪي ختم ٿي ويا، جنھنڪري
ماڻھون مشڪلاتن جا شڪار رھيا.
اھي اسان جي سياسي اڳواڻن جون
قوتايون آھن جو پنھنجي جائز حقوقن جي لاء
عوام سان نه نڀايو. سياسي اڳواڻ ھميشه پنھنجي مفادن جي لاء گڏ بيٺا پنھنجي مفادن
جي نوعيت کي ڏسي آواز بلند ڪيو انھن عوام جي ڏکن، تڪليفن، دردن، کي ڪڏھن به نڀيرڻ
جي ڪوشش ناھي ڪئي. سياسي اڳواڻ محل، ماڙيون، ٺارائڻ ۽ عياشيون ڪرڻ جا طوبيدار رھيا
آھن عوام جي مايوسين ۾ ساٿ نه ڏنو، پاڻي جي موجودا صورتحال سنڌ ۾ افسوس جوڳي آھي
ڪيترن علائقن ۾ زمينون بنجڙ بڻجي ويون آھن جتي لڪ لڳي اتي واءُ ھلن جتي ساوڪ ٻوٽن
جي سرھاڻ ھجي اتي ويرانين جا ڏيک آھن. ناراويلي تي سرسبز ٿيندر ٻنيون بنجڙ بنجي
ويو آهن انهي جي اردگڙد علائقن ۾گذريل 3 مھينن کان پاڻي نه آيو، نارا ويلي تي اپت
ڀاريندڙ زمينون کوکلي مٽي جا ڍير بڻجي ويون آھن ساويلارنگ اڌوري سڪل اڏامندڙ واري
۾ بدلجي ويا ۽جنھن کي ڏسندي ويران منظر اکين ۾ چٽيو نظر اچن. اتي جا رھواسي ھاري
ماڻھون جنھن جو گذر ٻنين جي انھي اپت تي آھي. انھن جي روز ئي زندگي جو گذارو ڦٽيل
زخمن جي پيڙا وانگر بڻجي ويو آهي، ھاري جي ساري توجھ زمين جي ناياب اپت ڏانهن آھي
پر پاڻي جي کٽيل کپت ھاري جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ٿي.
ھاري، مزدور، لاچار، بيوس ۽ مجبور ٿئي
پيٽ جي پالنا لاء پنھنجا گھراڻا رشتا اڀاڻا ڪک ڇڏي ٻئي علائقن ڏانھن ويا آھن. اھڙي
صورتحال ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ آخري رستو ھوندو آھي، بنجڙ زمين مٿي پيئڻ جيترو پاڻي به نه
پوءِ لڏپلاڻ ڪندڙن جو چوپايو مال بک جي صورتحال ۾ آخري پسن ۾ مڙي وڃي ٿو. غريب
ھاري، مزدور ماڻھن جي زندگي ڪنھن وڏي عذاب کان گھٽ ناھي جنھن ۾ وڏو ھٿ وقت جي
حڪمرانن جو آهي، جيڪي عوام کي آساعتون ڏين ٿا ۽ عوام کي تذليل ۽ ذليل خوب ڪن ٿا.
سوچڻ اھو آھي ته پاڻي سان خواب جڙيِل آهن غريب پنھنجا ٺھيل ٺڪيل اڀاڻا گھر ڇڏي
زندگي جو چرخو ھلائڻ ۽ بکائل پيٽ جي پورت لاء ٻين علائقن ڏانھن وڃن ٿا جتي انھن
سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيو ۽ اھڙي معيشت جي گھٽتائي جي ڪري ڪاروباري
ڌندن تي وڏو اثر پوي ٿو، پاڻي جي کوٽ جو سڀنيءَ تي ايترو ئي اثر پوي ٿو.
انڪري حڪومتي سرواڻن سان اھا گذارش آھي
ته پنھنجن مفادن کي پاسيڙو ڪري غريب عوام جي جيئڻ لاء سوچجي ۽ عملي ڪم ڪجي تاڪي
عوام پنھنجيون بنجڙ بڻيل زمينون ٻيھر آباد ڪري سگھي ۽ خوشعانا زندگي گذاري سگھي.
File name and subject line not proper.
Is this fetaure or Article? u should mention it in the text file as well as in file name
Write ur name in English also in text file.
Observe paragraphing.
It is too general not specific. Topic not narrowed down. Ur topic was not approved in this manner
Find some references and fact figures from some report.
Referred back. file corrected version till next Monday evening
پاڻي جي کوٽ سبب انساني جياپي جو جيئڻ جھنجال
جيئڻ جي لاء پاڻي وڏي نعمت آھي زندگي جي گذارڻ ۾ پاڻي جياپو بڻيل آھي، جنھن سان ساھ وارن جو عام گنڍيل لاڳاپو آھي. جيئڻو آھي ته پاڻي لازمي آھي بغير پاڻي جي بيابانن ۽ ويرانگين جا ڏيک ڏسبا، پاڻي جي اڄ ان ٿري ماروڙي کان پڇو جو سوين ميٽرن جي دوري تي پاڻي جي سڪ ۽ اڄ وسائڻ لاء ڳوليندو وتندو آھي. پر جي پاڻي ملي ته واھ واھ جي نه ملي ته ڀٽڪڻ موت بڻجي وڃي، انھي ٿري جو چوپايو مال آسمان ڏانھن نظر ڪري نھاري ۽ اکين ۾ اڄائل پيٽ جي لاء دعائون گھڙي شل ڪو پاڻي رحمت بڻجي اچي. ائين انھن جي زندگي ڏکيل مرحلن کي منھن ڏيندي گذري ٿي پاڻي جياپو سڀني جي لاء آھي پر ٿري ڀرسات تي وڌيڪ ڀاريندا آھن اگر جي ڀرسات پوي ٿي ته انھن جون خوشيون دنيا جي سڀني خوشين کان مٿي ٿيو وڃي. چوڻ ائين ته پاڻي جو وجود زندگي جو وجود آھي. پاڻي جون موجوع ھن وسندي ڌرتي کي سرسبز ۽ ساوڪ سان رنگين فضائن ۾ سميٽيو ڇڏي، جنھن ۾ ٿڌري سڙھاڻ جون ھيرون ھوائن ۾ پلٽيو پوي ۽ وڻندڙ نظارا اجاگر ٿيو پون، جتي ماحولياتي رونڪ نرواڻ ٿئي ۽ جنھن ۾ زندگي جو وجود ظاھر ٿي پوي اھڙي زندگي پاڻي جي پرک ۾ تمام خوبصورت نظر اچي ٿي. گذريل صدي جو مطالعو ڪيون ته آبادي گھٽ ھئي ۽ معيشت اپاء جا وسيلا وڌيڪ ھئا، جنھن ڪري ھر طرف خوشيون ئي خوشيون ھيون جنھن ۾ جيون جي خوشي به عروج تي ھئي، ڇاڪاڻ جو مختصر خيالي شيون موجود ھيون وڌندر آبادي ۽ وقت جي تقاضا اھڙا ته ڏينھن اچي ويا آھن جو زندگي گذارڻ مسئلن جو ڍير بڻجي وئي آھي. ڪجھ مھينا اڳ سڄي سنڌ ڏڪار ۾ ڏنڀجي وئي ان جا سبب اھي ھئا ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چند مھينن تائين پاڻي نه آيو ۽ برساتن جو به ھن سال سنڌ جي ساحلي پٽي تي وسڪارو نه ٿيو، جنھن ڪري مختلف علائقن ۾ موسمي فصل وقت موجب نه پوکاڻا جي پوکاڻا سي پاڻي جي قلت سبب تيار نه ٿي سگھيا سڪي ختم ٿي ويا. چيٽ جي فصلن ۾ ھارين کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پيو. سنڌو نڌي پاڻي جي روڪ سنڌو کي موجن کان محروم ڪيو ويو اھي وڏا ملڪي مسئلا آھن جنھن ۾ انڊيا جو پنھنجي پاسي پاڻي وٺي وڄڻ ڊئمن کي جوڙائڻ وڌيڪ ترجيح ڏيڻ ھو ۽ جو ڪجھ سنڌ جي زمينن لاء آيو پئي اھو پنجاب پنھنجيون %70 زمينون آباد ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيو. تنھنڪري سنڌ جا ماڻھون مشڪلاتن جو شڪار رھيا، اھي اسان جي سياسي اڳواڻن جون قوتايون آھن جو پنھنجي جائز حقوقن جي لاء عوام سان نه نڀايو. پاڻي جي معاملي تي سنڌ حڪومت وازع ڪجھ ڪوشيشون ڪيو پر پوء به اڪثرتي زور ۾ پوئتي ۽ خاموش رھي سياسي اڳواڻ ھميشه پنھنجي مفادن جي لاء گڏ بيٺا پنھنجي مفادن جي نوعيت کي ڏسي آواز بلند ڪيو انھن عوام جي ڏکن تڪليفن دردن کي ڪڏھن به نڀيرڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي. سياست جا ڇارتا محل ماڙيون ٺارائڻ ۽ عياشيون ڪرڻ جا طوبيدار رھيا آھن عوام جي مايوسين ۾ ساٿ نه ڏنو، پاڻي جي موجودا صورتحال سنڌ ۾ افسوس جوڳي آھي ڪيترن علائقن ۾ زمينون بنجڙ بنجي ويون آھن جتي لڪ لڳي اتي واء ھلن جتي ساوڪ ٻوٽن جي سرھاڻ ھجي اڄ اتي ويرانين جا ڏيک آھن. ناراويلي عمرڪوٽ جي اردگڙد علائقن ۾ گذريل 3 مھينن کان پاڻي نه ھجڻ ڪري تمام فصل ن ٿي سگھيا رپورٽ موجب نارا ويلي تي سرسبز ٿيندڙ زمينون کوکلي مٽي جا ڍير بڻجي ويون آھن ساويلارنگ اڌوري سڪل اڏامندڙ واري ۾ بدلجي ويا ۽جنھن کي ڏسندي ويران منظر اکين ۾ چٽيو نظر اچي ۽ اڪيلائي جا خوفناڪ منظر طاري ٿيو وڃي. ساوڪ بيابانن سان گڏ ويران به ٿي وئي آھي اتي جي رھواسين ھاري ماڻھون جنھن جو گذر ٻنين جي انھي اپت تي آھي پيدار نٿي ٿئي ته انھن جي روز ئي زندگي جو گذارو ڦٽيل زخم جي پيڙا وانگر بڻيو وڃي، ھاري جي ساري توجھ زمين جي ناياب اپت تي آھي پر پاڻي جي کٽيل کپت ھاري جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ٿي، لڙڪن جو ازالو ھاري کان نٿو ٿئي ڇاڪاڻ جو غربت واري زندگي گذارڻ ھاري مقدر ٿو سمجھي ھاري، مزدور، بيوس، لاچار، مجبور ٿئي پيٽ جي پالنا لاء پنھنجا گھراڻا رشتا اڀاڻا ڪک ڇڏي ٻئي علائقن ڏانھن متوجا ٿيندا آھن. اھڙي صورتحال ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ جو آخري رستو ھوندو آھي جنھن سان ٻيو ديس وسائجي بنجڙ زمين مٿي پئڻ جيترو پاڻي به نه پوء لڏپلاڻ ڪندڙن جو آخري سھارو ساٿ نڀائيندڙ چوپايو مال بک جي صورتحال ۾ آخري پسن ۾ مڙي وڃي ٿو. غريب ھاري مزدور ماڻھن جي زندگي ڪنھن وڏي غذاب کان گھٽ ناھي جنھن ۾ وڏو ھٿ وقت جي حڪمران جو جيڪي عوام کي آساعتون ڏين ٿا ۽ عوام کي تذليل ۽ ذليل خوب ڪن ٿا. سوچڻ اھو آھي ته غريب پنھنجا ٺھيل ٺڪيل اڀاڻا گھر ڇڏي زندگي جو چرخو ھلائڻ لاء بکائل پيٽ جي پورت لاء ٻين علائقن ڏانھن وڃن ٿا جتي انھن سان ڪيتريون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيو. زمينن کي آباد ڪرڻ لاء زميني پمپ لڳايا ويندا آھن، جنھن سان ڪجھ زميني حصو آباد ڪيو ويندو آھي پر وڌيڪ تعداد ۾ لڳل ٽوئيل پمپ سان پاڻي مھيا ڪيو ويندو آھي. ان سان پيدار حاصل ڪئي ويندي آھي تمام علائقن ۾ پاڻي کارو ھوندو آھي جيڪا اپت لاء نقصانڪار آھي اھڙي معيشت جي گھٽتائي سان ڪاروباري سسٽم تي وڏو اثر پوي ٿو جنھن ڪري پاڻي جي کوٽ جو سڀنيء تي ايترو اثر پوي ٿو. انڪري حڪومتي سرواڻن سان اھا گذارش آھي ته پنھنجن مفادن کي پاسيڙو ڪري غريب عوام جي جيئڻ لاء سوچجي ۽ عملي ڪم ڪجي تاڪي عوام پنھنجيون بنجڙ بڻيل زمينون ٻيھر آباد ڪري سگھي ۽ خوشعانا زندگي گذاري سگھي.
اميت ڪولھي
2K17-MC-15
Comments
Post a Comment