ali khan gaju-14/mc/2k17-Sindhi article ننڍپڻ ۾ شادي
Change during editing. its taken from some already published paper. No proper prargraphing ننڍپڻ ۾ شادي ان جا اثر ۽ قانون علي خان گجو اختيار، کڻي ايئن چئجي ته خيالات جي اھميت اسانجي زندگي جي ھر فيصلي جو بائث بڻجي ٿي. قدر ۽ اختيار زندگي جواھم حصو آھي پرجيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ھن معاشري ۾ پنھنجي زندگي تي ھر فرد کي ڪيتروحق حاصل آھي، خاص ڪري عورتن کي برابري يا پنھنجي زندگي کي آزادي سان گذارڻ لاءِ؟ يقينن ھڪ منجھائيندڙ جواب آھي،عورت سان جي سماج ۾ مختلف رويا رکيا ويا آهن ۽ عورت مختلف سماجن ۾ مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندي رهي آهي، هن سماج ۾ عورت کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نه ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلهه جي جديد دور ۾ به غلاميءَ واري زندگي گذاري ٿي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، اسان جي سماج جي بيحسي ايتري آ جو عورت رڳو گهر ۽ ماني پچائڻ تائين محدود ٿي رهي آهي،اسانجي معاشري ۾ عورتن کي برابري جاحق ته پري جي ڳالھ آھي پر انھن کي ته انسان جو درجوئي مشڪل سان ڏنووڃي ٿو. حقيقت ۾ ته ان جي صحت کان وٺي ان جي زندگي تي...