ali khan gaju-14/mc/2k17-Sindhi article ننڍپڻ ۾ شادي


Change during editing. its taken from some  already published paper.
No proper prargraphing
ننڍپڻ  ۾  شادي ان جا اثر ۽ قانون


علي خان گجو

اختيار، کڻي ايئن چئجي ته خيالات جي اھميت اسانجي زندگي جي ھر فيصلي جو بائث بڻجي ٿي. قدر ۽ اختيار زندگي جواھم حصو آھي پرجيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ھن معاشري ۾ پنھنجي زندگي تي ھر فرد کي ڪيتروحق حاصل آھي، خاص ڪري عورتن کي برابري يا پنھنجي زندگي کي آزادي سان گذارڻ لاءِ؟ يقينن ھڪ منجھائيندڙ جواب آھي،عورت سان جي سماج ۾ مختلف رويا رکيا ويا آهن ۽ عورت مختلف سماجن ۾ مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندي رهي آهي، هن سماج ۾ عورت کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نه ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلهه جي جديد دور ۾ به غلاميءَ واري زندگي گذاري ٿي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، اسان جي سماج جي بيحسي ايتري آ جو عورت رڳو گهر ۽ ماني پچائڻ تائين محدود ٿي رهي آهي،اسانجي معاشري ۾ عورتن کي برابري جاحق ته پري جي ڳالھ آھي پر انھن کي ته انسان جو درجوئي مشڪل سان ڏنووڃي ٿو. حقيقت ۾ ته ان جي صحت کان وٺي ان جي زندگي تي ان جو پنھنجو اختيار ئي ناھي. ھن مرداڻي معاشري يا مرداڻي حاڪميت واري ماحول ۾ عورتن سان روزڪيترائي مسئلا ٿين ٿا، ڪڏھن ڪارنھن جي ناوُن تان قتل ٿئي ٿي ته ڪڏھن خون عيوض سڱ چٽي ۾ ڏني وڃي ٿي. افسوس سان ! اسان وٽ ته ھاڻي شادي يا کڻي چئجي ڏاجي جي نالي تي نياڻين کي 3 کان 4 لکن ۾وڪروڪرڻ جورواج عام ٿيندو پيووڃي ان وقت نه ان نياڻي جي عمرکي ڏٺو وڃي ٿو نه ئي ان جي مستقبل کي ته اڳتي هن سان ڪھڙا مسئلا ٿي سگھن ٿا، بس پنھنجي مٿان بار لاھي ڦٽوٿا ڪن. جيڪڏھن ڏسجي ته هڪ طرف معاشروترقي ڪري پيو ٻئي طرف اڃان تائين اھي دقيانوسي رسمون ھلن پيون. جتي عورت سان ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا اتي هڪ ڳنڀير مسئلو جيڪو اسانجي ڳوٺن ۾ ھلي پيو، ننڍپڻ جي شادي، اھو ڇوڪرو ھجي يا ڇوڪريجنهن جي ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪرائي وڃي ٿي. اھي گهر ۽ معاشري کي سمجھي به نه سگھندا آھن ته انھن جي مٿان ذميواريون اڇلايون وينديون آھن. ننڍي عمر ۽ زبردستيءَ جون شاديون عورتن خلاف تشدد جي هڪ انتهائي شڪل آهي جنهن سان عورتون ۽ ڇوڪريون سڄي عمر لاءِ جنسي، جسماني ۽ ذھني تشدد جي ور چڙهي وڃن ٿيون. اهي ڇوڪريون (جن جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ ٿي وڃي ٿي) غير شادي شدهه ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گھريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. اڪثر ڪري اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اهڙيون ڇوڪريون جن جي شادي ننڍي عمر ۾ وڏي عمر جي مرد سان ٿي وڃي ته اهي سمجهن ٿيون ته مڙس طرفان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪرڻ جائز آهي. ڇوڪريون ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ کان پوءِ جذباتي لحاظ کان پنهنجي گھر ڀاتين، مڙس ۽ ساهرن طرفان ڪافي گھڻو دٻاءُ محسوس ڪن ٿيون، جيڪو انهن جي پنهنجي زندگي متعلق فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت گھٽائي ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت يا صلاحيت ناهي هوندي. ھڪ سروي جي مطابق ننڍي عمر۾ شادي ٿيڻ سان ڇوڪري ڪيترين ئي خطرناڪ صورتحالن کي منھن ڏئي ٿي، خاص طور تي جسماني ڪمزورين ۽ موت جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻٻار پيدا ڪرڻ موت جو شڪارٿينٿيون.ننڍي عمر جون بالغ ڇوڪريون جسماني ، ذهني ۽ جذباتي لحاظ کان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هونديون آهن. عالمي انگن اکرن موجب 20 سالن جي عمر کان پوءِ پيٽ سان ٿيندڙ ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ 15سالن جي عمر ۾ پيٽ سان ٿيندڙ ڇوڪرين لاءِ موت جو خطرو پنجوڻ تي وڌيڪ رهي ٿو. هن وقت جيڪي عورتون ٻار پيدا ڪرڻ دوران موت جو شڪار ٿين ٿيون انهن مان گهڻيون اهي آهن جن جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي آھي.سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ عورتن جي ويم دوران ٿيندڙ موت جا سبب عورت جي غذا جي گهٽتائي، سندن صحت جا مسئلا، سندن ازدواجي زندگي ۾ بي جوڙ ننڍپڻ جون شاديون آهن، جيڪي نه رڳو سندن صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، ننڍپڻ جي شادي جي ڪري گلن جھڙيون نياڻيون ھڪ ته پنھنجو بچپن وڃائي ويھن ٿيون ۽ ٻيو ته جسماني، ذھني، معاشرتي مسئلن کي منھن ڏين ٿيون جنھن جي ڪري اڪثر نفسياتي بيمارين ۽ ڊپريشن جو به شڪار ٿين ٿيون. نتيجي طور سندن ٻارن جي ذهني ۽ جسماني صحت ۽ ٻين به خطرناڪ بيمارين جي حد تائين متاثر ٿيندي آهي. ھن وقت پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ھي مسئلو عام ٿيندوپيو وڃي، پاڪستان ۾ 15کان 19سالن جي هر ڇهن عورتن منجهان هڪ عورت پرڻيل آهي (آبادي ۽ صحت بابت سروي 2006 ۽ 2007ع) ٻار جي پيدائش دوران پندرنهن سالن کان گھٽ عمر جي مائرن کي انهن مائرن کان پنج ڀيرا وڌيڪ موت جو خطرو هوندو آهي جن جي عمر 20سال يا ان کان مٿي هجي (يونيسيف 2009ع)، پاڪستان ۾ 60 لک عورتون 15سالن کان 19سالن جي عمر دوران ٻارن کي جنم ڏين ٿيون، اهي دنيا ۾ ٿيندڙ ڪل ويم جو لڳ ڀڳ 11سيڪڙو آهي. (صحت جو عالمي ادارو ڊبليو ايڇ او). سنڌ اسيمبلي 2013ع ۾ ننڍي عمر جي شادي جي روڪٿام جو قانون پاس ڪيو، هن ايڪٽ (قانون) کي ننڍي عمر ۾ شادين جي روڪٿام جو سنڌ ايڪٽ 2013ع نالو ڏنو ويو آهي. هن قانون تحت: ٻار مان مراد اهو ڇوڪرو يا ڇوڪِرِي جنهن جي عمر 18سالن کان گھٽ آهي. ننڍي عمر جي شاديءَ جو مطلب شاديءَ جي معاهدي جي ڌرين (گھوٽ ۽ ڪنوار) مان ڪنهن به هڪ جي عمر 18 سالن کان گھٽ هجي. 18سالن کان وڏي عمر جو ڇوڪرو جيڪڏهن 18سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪِرِيءَ سان شادي ڪندو ته ان کي قيد يا ڏنڊ جي سزا اچي سگھي ٿي. قيد جي سزا جو مدو ٽي سال آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ننڍپڻ جي شادي ڪرائي ٿو يا اها ٿيڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو ۽ ننڍي عمر جي شاديءَ جي حوالي سان ڄاڻي واڻي ڪوبه ثبوت پيش نه ٿو ڪري ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ماڻھو جيڪي شڪايت ڪن ٿا انھن کي ڌمڪايو وڃي ٿو اتي ثبوت پيش نٿو ڪري ته ان کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا اچي سگھي ٿي. قيد جي سزا جو مدو ٽي سال آھي. هن قانون تحت والدين، ،نڪاح خوان، سرپرست يا ڪوبه لاڳاپيل شخص جيڪڏهن ننڍي عمر جي شاديءَ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو يا ان جي اجازت ڏئي ٿو ته ان کي تڪڙي سزا، ڏنڊ ۽ قيد کي منهن ڏيڻو پوندو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان وٽ قانون جي موجودگي جي باوجود به ان تي عمل ڪونه ٿو ٿئي، ڇو ته اسان وٽ وڏيرا شاھي. يا ڪرپشن عام جام ھجڻ ڪري ھن وقت تائين ننڍپڻ جي شادي جي مسئلي تي نه ڪوئي کلي ڳالھائي ٿو نه ئي وري ڪوئي عملي قدم کنيووڃي ٿو. ھڪ ٻيو سبب به ته ھتي هنن سماجي مسئلن کي گھريلو يا ذاتي مسئلو ڄاڻائي چپ ڪرايو ٿو وڃي. ان صورت ۾ ان گلن جھڙي نياڻي جي زندگي تباھ ٿئي ٿي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ھن سماجي برائي، ڳنڀير مسئلي کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ گھرجي. ته جيئن گلن جھڙين نياڻين جي زندگي تباھ ٿيڻ کان بچي سگھي. ۽ حڪومتي سطح تي جاڳرتا مھم ھلائڻ گھرجي.

Change during editing. its taken from some  already published paper
Seems ok. Next time observe proper paragraphing

ننڍپڻ  ۾  شادي ان جا اثر ۽ قانون

علي خان گجو

اختيار کڻي ايئن چئجي ته خيالات جي اھميت اسانجي زندگي جي ھر فيملي جو بائث بڻجي ٿو. قدر ۽ اختيار زندگي جو اھم حصو آھي پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ھن معاشري ۾ اھا اھميت پنھنجي زندگي تي ھر فرد کي ڪيترو حق حاصل آھي خاص ڪري عورتن کي برابري يا پنھنجي زندگي کي آزادي سان گذارڻ لاءِ يقينن ھڪ منجھائيندڙ جواب آھي اسان جي معاشري ۾ عورتن کي برابريءَ جا حق پري جي ڳالھ آھي پر انھن کي انسان جو درجوئي مشڪل سان ڏنو وڃي ٿو.حقيقت ۾ ان جي صحت کان وٺي ان جي زندگيءَ تي ان جو پنھنجو اختيار ناھي  ھن مرداڻي معاشري يا مرداڻي حاڪميت واري ماحول ۾ عورت سان روز ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا. ڪڏھن ڪارھن جي ناوءُن  تان قتل ٿئي ٿي ته ڪڏھن خون جي عيوض سڱ چٽي ڏنو وڃي ٿو. افسوس سان! اسان وٽ به ھاڻي شادي يا ڏاجي نالي سان نياڻين کي 3کان 4 لکن ۾ وڪرو ڪرڻ وارو رواج عام ٿيندو پيو  وڃي، ان وقت ته ان نياڻي جي عمر کي ڏٺو وڃي ٿو نه ان مستقبل کي نه اڳتي ھن سان ڪھڙا مسئلا ٿي سگھن ٿا.بس پنھنجي مٿان بار لاھين ٿا.جيڪڏھن ڏسجي ته جتي عورتن سان ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا. اتي ھڪ ڳنڀير مسئلو اسانجي ڳوٺن  ۾ ھلي پيو. ننڍپڻ ۾ شادي اھو ڇوڪرو ھجي يا ڇوڪري اھي گھر معاشري کي سمجھي نه سگھندا آھن ته انھن جي مٿان ذميواريون اڇلايون وينديون آھي. ننڍي عمر ۾ زبردستي جون شاديون عورت جي خلاف تشدد جي ھڪ انتھائي شڪل آھي جنھن سان عورتون ۽ ڇوڪريون سڄي عمر لاءِ جنسي ، جسماني ۽ ذھني تشدد جي ورچڙھي وڃن ٿيون، اھي ڇوڪريون (جن جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ ٿي وچي ٿي) غير شادي شدھ ڇوڪرين جي ڀيٽ م وڌيڪ گھريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون اڪثر ڪري اھو ڏسڻ م آيو آھي ته اھڙيون ڇوڪريون جن جي شادي ننڍي عمر ۾ وڏي عمر واري مرد سان ٿي وڃي ٿي ته اھي سمجھن ٿيون ته مڙس طرفان ڪڏھن ڪڏھن پنھجي زال کي مارڪٽ ڪرڻ جائز آھي. ڇوڪريون ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ کان پوءِ جذباتي لحاظ کان پنھنجي گھر ڀاتين مڙس ۽ ساھرن طرفان ڪافي گھڻو دٻاءُ محسوس ڪن ٿيون.جيڪو انھن جي پنھنجي زندگي متعلق فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت گھٽائي ڇڏين ٿيون. ڇاڪاڻ ته انھن وٽ فيملي ڪرڻ جي طاقت يا صلاحيت ناھي ھوندي ھڪ سروي جي مطابق ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ سان ڇوڪريون ڪيترين ئي خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏين ٿيون خاص طور تي جسماني ڪمزورين ۽ موت جھڙي صورتحال پيداٿيڻ جو خطرو رھي ٿو،ننڍي عمر جون بالغ ڇوڪريون جسماني،ذھني ۽ جذباتي لحاظ کان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ تيار نه ھونديون آھن.عالمي انگن اکرن موجب15 سال جي عمر کان پوءِ پيٽ سان ٿيندڙ ڇوڪرين لاءِ موت جو خطرو آھي ھن وقت جيڪي عورتون ٻار پيدا ڪرڻ دوران موت جو شڪار ٿين ٿيون انھن مان گھڻيون اھي آھن جنھن جي شادي ننڍي عمر ڪرائي ويندي آھي، عورتن جي ويم دوران ٿيندڙ موت جا سبب عورت جي غذا جي گھٽتائي سندن صحت جا مسئلا سندن ازدواجي زندگي ۾ بي جوڙ ننڍپڻ جون شاديون آھن. ننڍپڻ جي شادي جي ڪري گلن جھڙيون نياڻيون ھڪ ته بچپن وڃائي وئي ٿيون رھن ۽ ٻيو ته جسماني ذھني معاشرتي مسئلن کي منھن ڏين ٿيون جنھن ڪري اڪثر نفسياتي بيمارين ۽ ڊپريشن جو به شڪار ٿين ٿيون نتيجي طور سندن ٻارن جي ذھني جسماني صحت به خطرناڪ ھد تائين متاثر ٿيندي آھي.ھن وقت پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي  ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ھي مسئلو عام پيو وڃي، پاڪستان ۾ 15کان 19 سالن جي  ھر ڇھن عورتن منجھان ھڪ عورت بڻيل آھي.آبادي ۽ صحت بابت سروي 2006۽2007ع ٻار جي پيدائش دوران پندرھن سالن کان گھٽ عمر جي مائرن کان پنج ڀيرا وڌيڪ موت جو خطرو ھوندو آھي، جن جي عمر 20 سال يا ان کان مٿي ھجي يونيسيف 2009ع پاڪستان ۾ 60 لک عورتون 15 کان 20 سالن جي عمر دوران ٻار کي جنم ڏين ٿيون. اھي دنيا ۾ ٿيندڙ ڪل ويم جو لڳ ڀڳ 11 سيڪڙو آھي (صحت عالمي ادارو ڊبليو ايڇ او) سنڌ اسيمبلي 2013ع ۾ ننڍي عمر جي شادي جي روڪٿا ۾ بل پاس ڪيو ھن ايڪٽ (قانون) کي ننڍي عمر ۾ شادين جي روڪٿام جو سنڌ ايڪٽ 2013ع نالو وڌو ويو آھي، ھن قانون تحت ٻار مان مراد اھو ڇوڪرو يا ڇوڪري جنھن جي عمر 18 سالن کان گھٽ آھي، ننڍي عمر جي شادي جو مطلب شادي جي معاھدي جي ڌرين (گھوٽ ۽ ڪنوار) مان ڪنھن به ھڪ جي عمر 18سالن کان گھٽ آھي يا 18 سال کان وڏو ڇوڪرو 18 سالن کان گھٽ عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪندو ته ان کي قيد جي سزا ۽ ڏنڊ لڳندو، قيد جي سزا جو مندو 3 سال ھوندو، ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھون ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائي ٿو يا وري شادي ٿيڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو ۽ ان جي خلاف ثبوت پيش نٿو ڪري ان کي قيد جي سزا ۽ ڏنڊ لڳندو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ  قانون جي موجودگي جي باوجود ان تي عمل ڪون ٿو ٿئي ڇو ته اسان وٽ وڏيرا شاھي يا ڪرپشن عام جام ھجڻ جي ڪري ھن وقت تائين ننڍپڻ جي شادين جي مسئلن تي ڪو کلي ڳالھائي نٿو ان صورت ۾ گلن جھڙين نياڻين جي زندگي تباھ ٿئي ٿي . ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ھن سماج برائي ٻين مسئلن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي قانون  تي سختي سان عمل ڪرڻ ڪرائڻ گھرجي ۽ حڪومتي سطح تي جاڳرائي مھم ھلائڻ گھرجي.

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised