Abid Hussain Mazari Roll 06 Article-Revised
Revised گڊو بئراج خستا حالي جو شڪار عابد حسين مزاري گڊو بئراج پل خستا حالي جو شڪار آهي. پاڪستان جي قديم اثاثن مان گڊو بئراج پل به هڪ قديم اثاثو آهي. گڊو بئراج پل سنڌ صوبي جي تعلقي ڪشمور ۾ واقع آهي. هن پل جو سنگِي بنياد 1957ع ۾ ميجر جنرل اسڪندر مرزا رکيو هو. بئراج جو افتتاح ان وقت جي صدر مملڪت فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان 1963ع ۾ ڪيو هو. بئراج جا ڪل 65 دروازا آهن جڏهن ته هن بئراج جي ڪل ڊيگھ 4445 فٽ آهي. هن بئراج کان چار ڪينال نڪرندا آهن جن ۾ (1) بي اس فيڊر (2) پٽ فيڊر (3) گھوٽڪي فيڊر (4) ريڻي ڪينال فيڊر شامل آهن. انهن ڪينالن ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ٻين قومي اثاثن وانگر گڊو بئراج پل به خستا حالي جو شڪار آهي. انتظاميا جي نااهلي سبب سنڌ ۽ پنجاب کي ملائيندڙ پل جا ڪيترائي دروازا هن وقت ناڪارا بڻيل آهن گذريل مها ٻوڏ بعد زنجير ٽٽڻ سبب بئراج جو دروازو نمبر 34 ڪري پيو هو جنهن کي ڪيترا ئي مهينا گذرڻ باد جڳاڙ ڪري بيهاريو ويو آهي. جيڪو پاڻي جو دباءُ برداشت ڪرڻ جي سگھ نه رکڻ سبب ڪنهن به وقت ڪري سگھي ٿو. گڊو بئراج جي 65 دروازن مان 8 کان وڌي...