Abid Hussain Mazari Roll 06 Article-Revised
Revised
گڊو بئراج خستا حالي جو شڪار
عابد حسين مزاري
گڊو بئراج پل خستا حالي جو شڪار آهي. پاڪستان جي قديم اثاثن مان گڊو بئراج پل به هڪ قديم اثاثو آهي. گڊو بئراج پل سنڌ صوبي جي تعلقي ڪشمور ۾ واقع آهي. هن پل جو سنگِي بنياد 1957ع ۾ ميجر جنرل اسڪندر مرزا رکيو هو. بئراج جو افتتاح ان وقت جي صدر مملڪت فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان 1963ع ۾ ڪيو هو. بئراج جا ڪل 65 دروازا آهن جڏهن ته هن بئراج جي ڪل ڊيگھ 4445 فٽ آهي. هن بئراج کان چار ڪينال نڪرندا آهن جن ۾ (1) بي اس فيڊر (2) پٽ فيڊر (3) گھوٽڪي فيڊر (4) ريڻي ڪينال فيڊر شامل آهن. انهن ڪينالن ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ٻين قومي اثاثن وانگر گڊو بئراج پل به خستا حالي جو شڪار آهي. انتظاميا جي نااهلي سبب سنڌ ۽ پنجاب کي ملائيندڙ پل جا ڪيترائي دروازا هن وقت ناڪارا بڻيل آهن گذريل مها ٻوڏ بعد زنجير ٽٽڻ سبب بئراج جو دروازو نمبر 34 ڪري پيو هو جنهن کي ڪيترا ئي مهينا گذرڻ باد جڳاڙ ڪري بيهاريو ويو آهي. جيڪو پاڻي جو دباءُ برداشت ڪرڻ جي سگھ نه رکڻ سبب ڪنهن به وقت ڪري سگھي ٿو. گڊو بئراج جي 65 دروازن مان 8 کان وڌيڪ دروازا مناسب سار سنڀال نه لهڻ سبب استعمال جي لائق نه رهيا آهن. جڏهن ته دروازن کي اليڪٽرڪ ٽرالين وسيلي هيٺ مٿي ڪندڙ ڪيتريون ئي ٽراليون ناڪارا ٿي چڪيون آهن.
هن وقت 65 دروازن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ رڳو هڪ ٽرالي موجود آهي. هنگامي حالتن ۾ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ دروازا مٿي ڪرڻ لاءِ آبپاشي علدار بيوس بڻجي سگهن ٿا. گڊو بئراج وزني گاڏين جي گذر توڙي پل جي مٿان مقرر ٿيل رفتار کان تيز هلندڙ گاڏين جي اچ وڃ سبب لڏي رهي آهي. پل جي ٻنهي طرفن کان روڊ مٿان وڏا کڏا پئجي ويا آهن جن سبب ڪيترائي حادثا پيش ايندا آهن انهن حادثن سبب هن رستي جو بند ٿيڻ معمول ٿي چڪو آهي. مسافر گاڏيون بيهڻ سبب مسافرن کي وڏين پريشانين کي مونھ ڏيڻو پوي ٿو آبپاشي کاتن جي ذريعن موجب اڪثر بئراجن وٽان پار ٿيندڙ گيس جو پائپ لائنون بئراج کان پري مفاصلي تي پار ڪرائڻون پوندو آهي ۽ ٻين بئراجن مان جيڪي گيس جون پئپ لائنون پار ٿيل آهن اهي پڻ وڏي فاصلي تي آهن. پر گڊو بئراج جي تعمير ٿيڻ بعد مختلف آبپاشي انجنيئرن گيس جون لائنون وڇائيندڙ ڪپنين کي 3 کان وڌيڪ گيس جو وزني لائنون توڙي ٻيا پائيپ گذارڻ جي اجازت ڏني. مختلف ڪپنين پاران گئس جون پائپ لائنون لڳائڻ خاطر وزني مشينريون پل تان گزاريون جنهن سبب پل جون بنيادون ڪمزور ٿي چڪيون آهي. جڏهن ته بئراج کي روشن ڪرڻ لاءِ سيپڪو کان بجلي جو هڪ جدا فيڊر منظور ٿيل آهي جنهن جي مد ۾ آبپاشي کاتو ماهوار تقريبن 8 لک رپيه بل جي صورت ۾ ادا ڪري ٿو. بئراج لاءِ ايندڙ بجلي بئراج مٿان استعمال ٿيڻ بدران گڊو بئراج جي آس پاس وارن ڳوٺن ۽ دڪانن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن جي سبب گڊو بئراج رات جي وقت اونڌاين ۾ هوندو آهي.. گڊو بئراج کي دهشتگردي ۽ ٻين واقعن کان بچائڻ لاءِ لکين روپين جي لاڳت سان سرڪٽ ڪيمرائون لڳايون ويون پر اهي هڪ مهينو به مس هلي سگهيون ۽ اڄ اهو سمورو سسٽم بند پيل آهي. گڊو بئراج جي سارسنڀال لهڻ ۽ پاڻي جي مقدار ماپڻ لاءِ بئراج جي تعمير ٿيڻ واري ڏينهن کان سسئي ٻيڙو بئراج لاءِ مقرر ٿيل آهي جيڪو گذريل ڪيترن سالن کان بند پيل آهي.

هتان جي مڪامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بئراج جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ماھوار ڪروڙي رپيه اچن ٿا جنهن ۾ دروازن کي ترتيب وار گاسليٽ سان ڌوئي انهن مٿان گريس لڳائڻ، درن اندر ڦاٿل گند ڪچرو ڪڍڻ، درن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ ٽراليون لڳائڻ، بجلي بند هوڻ جي صورت ۾ جنريٽر کي استعمال لائق ڪرڻ ۽ ان جي تيل جي فراهمي سان گڏوگڏ بئراج جي سار سنڀال لاءِ فراهم ڪيل سسئي ٻيڙي جي مرئمت بئراج جي صفائي ۽ عوامي پارڪ جي سارسنڀال لاءِ ماهوار اهي پيسا اچن ٿا پر گڊو بئراج جي انتظاميان اهي پيسا بئراج جي سارسنڀال ۽ مرئمت بدران رڳو ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪري رهي آهي.
Comments
Post a Comment