Abid Hussain Mazari BS-III roll 06 Feature-REVISED

REVISED

ڪشمور جو سير
عابد حسين مزاري

ڪشمور جتان سنڌ شروع ٿئي ٿي. ڪشمور جو پراڻو نالو کزمير هو جنهن کي پوءِ ڪشمور نالو ڏنو ويو. ڪشمور پاڪستان جي ٻين شهرن وانگر هڪ قديم ۽ اعلي حيثيت رکندڙ شهر آهي. ڪشمور شهر ضلعي ڪشمور جو تعلقو آهي جيڪو اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب تي موجود آهي اتر سنڌ جو ننڍو شهر ڪشمور جيڪو پاڪستان جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي فطري سنگم جي علامت کان علاوه ايشيا کنڊ ۾ بجلي پيدا ڪندڙ وڏن مرڪزن ۾ شمار ٿيندڙ گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جهڙي عظيم قومي اثاثي ۽ پوري دنيا ۾ اڻلڀ ٿي ويندڙ انڊس ڊولفن يا عام سنڌي ۾ سڏجندڙ انڌي بلڙ جي اباڻي ديس طور مشهور ڪشمور شهر پنهنجي قديمي ريتن، رسمن، روايتن ۽ فطري رنگن سان مالا مال آهي. نهري ريلوائي ۽ روڊ رستن سان ڳنڍيل ڪشمور شهر جو شمار جيتوڻيڪ تعليم، صحت ۽ بنيادي صحولتن کان وانجهيل علائقي ۾ ٿئي ٿو پر جنڊري ۽ سنڌ جي قومي لباس ٽوپي تيار ڪندڙ نازڪ هٿن ۽ اعلي هنري مرڪزن سان آرائستا ڪشمور شهر قومي معيشت جي واڌاري ۾ برابر جو شريڪ آهي. انگريز دور جون ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون هن شهر جي تاريخي حيثيت ۾ اضافو آڻين ٿيون. اهڙين عمارتن ۾ مختيارڪار آفيس، پوليس اسٽيشن، جانورن جي اسپتال ۽ گورمنٽ اسڪول شامل آهن.
هتي تيار ٿيندڙ چمڙي جي جتي غريب توڙي امير ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ يڪسان مقبول آهي. اهيو ئي سبب آهي جو هتي تيار ٿيندڙ جتي سوکڙي طور ڪم اچي ٿي خاص طرح سان وڏن تهوارن تي جتي جي تياري ۽ خريداري ۾ اضافو اچي وڃي ٿو. جيڪب آباد جي ضلعي جي تحصيل ۾ هوڻ سبب هي شهر حڪومت جي عدم توجھ سبب پٺ تي پيل علائقو سڏيو ويندو هو پر 2004 ۾  الڳ ضلعي جي حصول سان گذريل 10 کان 15 سال جي دور ۾ ڪشمور شهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان شروع ٿي ويو آهي. ”سردار سليم جان خان مزاري“ جي اڳواڻي ۾ پهري چونڊيل ضلعا حڪومت ڪشمور شهر جي ترقي طرف توجھ ڏيندي روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇايو غريب عوام کي بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ جديد طرز تي اسپتالون قائم ڪيون ويون هال هي هن سال ۾ ڪشمور جي شهر ۾ اکين جي  اسپتال جو افتتاح ۽ اي بي ئي سکر يونيورسٽي جي ڪيمپس جو افتتاح پڻ هن شهر جي ترقي ۾ اضافو آڻي ٿو هي شهر مذهبي رواداري جو انوکو مثال آهي جتي قائم هندن جو سنت بابا جڙيا رام نالي مندر ۽ گرو ارجن ديو نالي سک اقليتن جو گردوارو پڻ قائم آهي چيو وڃي ٿو ته هي گردوارو شهر ۾ رهندڙ سک اقليتن پاران تقريبن 10 سال اڳ قائم ڪيو ويو. هتي وسندڙ اقليتي برادريون پنهنجي مذهبي توڙي سماجي ريتون، رسمون وڏي عقيدت ۽ احترام سان ادا ڪنديون آهن ڪشمور شهر ۾ اقليتي برادري جي ماڻهن کي ايترا ته حقوق حاصل آهن جو ڪشمور شهر ۾ هندو ۽ سک هن شهر جي واپار جو ذريعو سڏجن ٿا. چانورن جي وڏين ملن کان وٺي ميڊيڪل جا وڏا اسٽور سڀ اقليتون برادريون هلائينديون آهن. ڪشمور شهر جي مغرب کان سنڌوءُ درياءٌ وهندو آهي جنهن تي گڊو بئراج ٺهيل آهي گڊو بئراج واحد پل آهي جيڪو سنڌ ۽ پنجاب کي زميني رستي سان ملائي ٿو هن پل جو سنگ بنياد 1957ع ۾ ميجر جنرل اسڪندر مرزا رکيو ۽ هن جو افتتاح صدري مملڪت فيلڊ مارشل ايوب خان 1963ع ۾ ڪيو. گڊو بئراج 65 گيٽن تي مشتمل آهي، جڏهن ته هن بئراج جي ڪل ڍيگھ 4445 فٽ آهي هن بئراج کان چار ڪينال نڪرندا آهن، جن ۾ پهريون بي ايس فيڊر، ٻيو پٽ فيڊر، ٽيو گهوٽڪي فيڊر ۽ چوٿون ريڻي ڪينال شامل آهن. ان ڪينالن ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. ڪشمور شهر ۾ ڪجھ سال پهريان چوري ۽ ڌاڙن جون واداتون عام هيون ڌاڙيل سلطو شر ۽ ڪجھ تنظيمن جي ڪري هتان جي امن جو پکي اڏامي چڪو هو قبائلي تڪرارن جي ڪري به هي شهر بدنام آهي، پر حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪوششن ۽ قربانين سان هاڻي ڪشمور شهر جون حالتون پهرين کان بهتر ٿيون آهن چوري ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ نمايان ڪمي اچي وئي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته قبائلي تڪرار اڃان تائين ختم نه ٿي سگهيا ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا گهٽتائي ٿي.  



Referred back
It is too short. 600+ words are required. 
Topic was approved about kashmore city, not district. what are specialties and characteristics, important places in city. How it has developed changed during last 10 years or so? Relate some interesting stories about kashmore.  Its similarities and dis-similarities with other cities
Make it reporting based. Write in interesting style.
This format is like essay or article 
File name and subject line are wrong
file it again till Monday Feb 4 .



ڪشمور جو سير
ڪشمور جنهن جو پراڻو نالو کزمير هو. بعد ۾ ان جو نالو ڪشمور رکيو ويو، اڃا تائين به ڪجهه مقامي ماڻهو هن کي کزمير جي نالي سان سڏيندا آهن. ڪشمور ضلعو هڪ قديم ضلعو آهي. جيڪو پاڪستان جي صوبن اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي وچ تي قائم آهي. ڪشمور ضلعو 2004ع کان پهريان جيڪب آباد جو تحصيل هو. بعد ۾ جنهن کي الڳ ضلعي ٽن تعلقن ۾ ورهايل آهي.
  1. ڪنڌ ڪوٽ (2) ڪشمور (3) تنگواني، هن ضلعي جون سرحدون پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ بلوچستان سان ملن ٿيون، ڪشمور ضلعي جي آبادي لڳ ڀڳ 11 لک آهي. ڪشمور ضلعي جي مفرب کان سنڌو دريا وهندو آهي، جنهن تي گڊو بئراج ٺهيل آهي، ڪشمور ضلعي ۾ گهڻو ڪري پاڪستان جي چئن صوبن جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو موجود آهن، جئين سنڌي ،بلوچ ، پٺاڻ ، ۽ پنجابي، ڪشمور ضلعو پنهنجي ثقافت سان به سڃاتو وڃي ٿو. مثال طور ڪشمور ضلعي جي شهر ديراموڙ جون سنڌي ٽوپيون پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن. هتي جنڊري جو ڪم به وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. ڪشمور ضلعي ۾ ماڻهون جي تفريح لاءَ ٻه پارڪ قائم ڪيا ويا آهن . ڪشمور سٽي پارڪ ۽ ڪندڪوٽ سٽي پارڪ، ڪشمور ضلع جي مشرق ، راجن پور جو ڪچو ۽ گهوٽڪي جو ڪچو لڳڻ سبب هتي قبائلي جهيڙا۽ چوري جون وارداتون عام هيون ڪچي جي علائقن ۾ آباد سلطوگينگ ۽ ڇوٽو گينگ جهڙن تنظيمن هتان جي امن خراب ڪري ڇڏيو هو . پر ڪجهه شالن کان قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪوششن ۽ محنت سان هاڻي ڪشمور ضلعي  ۾ حالتون پهرين کان بهتر ٿيون آهن.

Comments

Popular posts from this blog

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised

Sadia Shamim BS -III roll-79 feature