Arslan qureshi- Interview عبدالستار چنا ڪلاسيڪل ڊانسر

Revised
Arslan Qureshi 2k17/MC/17
عبدالستار چنا (آرٽسٽ - ڪلاسيڪل ڊانسر)

اسان جي هن دنيا ۾ ماڻهو خوشي جو اظهار ڪرڻ لاءِ يا ته گيت ڳائيندا آهن يا وري نچي جهمر هڻي خوشي جو اظهار ڪندا آهن، رقص کي پيشو بڻائڻ اسان جي هن معاشري ۾ آسان ناهي، ان جي ڪري ئي مان انٽرويو لاءِ عبدالستار جيڪو هڪ ڪلاسيڪل ڊانسر آهي جي چونڊ ڪئي.

سوال-1 توهان هن شعبي جو ڇو انتخاب ڪيو؟
جواب: چوندا آهن ته دنيا ۾ انسان جيڪو ڪم ڪندو آهي نيٺ ان مان بيزار ٿي پوندو آهي پر مان جڏهن رقص ڪندو آهيان ته مون جي روح کي خوشي ملندي آهي، ان سان گڏوگڏ منهنجو رقص تي عبور رهيو آهي، ان سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪري مون رقص جو انتخاب ڪيو ۽ ان کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي ڇڏيو.
سوال-2 توهان ڊانس جي فيلڊ ۾ ڪلاسيڪل ڊانس جو ڇو انتخاب ڪيو؟
جواب: هونئن ته دنيا ۾ ڪيتري ئي قسم جا رقص آهن، رقص هڪ خوشي جو اظهار آهي، قومن جي سڃاڻپ آهي ۽ اسان قص کي جسم جي شاعري به چئي سگهون ٿا، اهڙا کوڙ سارا ڊانس ۽ رقص جا نمونا ۽ قسم موجود آهن پر انهن جو ڪو به قائدو قانون ڪونهي پر انڊين ڪلاسيڪل ڊانس جنهن کي اسان ڪٿڪ ڊانس چوندا آهيون, ان جا 8 قسم آهن، ڪٿڪ الفاظ جي معنيٰ آهي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ يا اسٽوري ٽيلر، ڪٿڪ هندي سنسڪرت ٻولي جو الفاظ آهي، ڪٿڪ الفاظ ڪٿا مان ورتل آهي، ڪٿا معنيٰ ڪهاڻي، ڪٿڪ ڊانس جا اصول ۽ ترتيب سان گڏ تبلي جي تال تي ۽ تبلي جي ٽيڪن تي پرفارم ڪيو ويندو آهي، ڪٿڪ رقص جي ذريعي سان ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهون ٿا، ڪهاڻي ڊرامو ڪنهن به سماجي حالتن کي به ڪٿڪ رقص جي ذريعي ماڻهن کي آگاهه ڪري سگهجي ٿو.
سوال-3 توهان کي ان فيلڊ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون پيش آيون؟
جواب: يقينن رڪاوٽون پيش آيون، مٽ مائٽن گهروارن ۽ دوستن پڻ طنز ۽ طعنا هنيا، سماجي سوال منهنجي اڳيان اڀهريا، انهي ۾ منهنجي لاءِ تمام ڏکيو مرحلو ٿيو پر مان ان سڀني مرحلن کي عبور ڪري پنهنجي پاڻ کي ان سڀني اڳيان مڃرايو.
سوال-4 ڇا توهان کي پنهنجي گهر طرفان ڪا سپورٽ ملي؟
جواب: ها يقينن سپورٽ ملي، ڇو جو هو به هن سماج ۾ رهن ٿا.
سوال-5 ڇا توهان ڊانس سان گڏوگڏ پڙهائي به جاري رکي آهي؟
جواب: جي بلڪل آئون سنڌ يونيورسٽي جو سنڌي شعبي جو ٽئين سال جو شاگرد آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ ”سمپا“ سنڌ انسٽيٽيوٽ ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ جو شاگرد به آهيان، جتي مان اسٽيج ناٽڪ ”ٿيٽر“ جو ڊپلوما به ڪري رهيو آهيان.
سوال-6 ڇا توهان تي معاشري جا ماڻهو طنز ڪندا آهن؟
جواب: ها بلڪل طنز ڪندا آهن، توهان جي جنس تي ڳالهيو ويندو آهي، خواجا سرا، مورت، تبلائي، مجرائي، اهڙي ڪيتري ئي قسم جا نازيبا ڪمينٽس ملندا آهن ۽ ماڻهن جو رقص بابت تمام برو نظريو آهي، رقص بري شيءِ ناهي، دراصل ان فيلڊ ۾ خراب ماڻهو آهن، جيڪي رقص جي آڙ ۾ جسم فروشي ڪن ٿا، رقص ته هڪ خوشي جو اظهار آهي.
سوال-7 توهان جي فيلڊ مان معاشري کي ڪهڙو فائدو آهي، پنهنجي نظرئي سان ٻڌايو؟
جواب: اسان جي فيلڊ مان معاشري کي ذهني سڪون ملي ٿو، جڏهن انسان رقص ڏسندو آهي يا موسيقي ٻڌندو آهي ته ان کي راحت ملندي آهي، رقص هڪ آرٽ آهي، جنهن جي ذريعي معاشري مان نفرت ختم ڪري سگهجي ٿي.

سوال-8 اسان جي هن سماج ۾ رقص کي ڪيتري اهميت ڏني وڃي ٿي؟
جواب: اسان جي هن سماج ۾ بيشڪ رقص کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڪنهن به قسم جي خوشي جي تقريب هجي ماڻهو پاڻ به رقص ڪندا آهن، اها رقص جي اهميت ناهي ته ٻيو ڇا آهي.

سوال-9 توهان جو مستقبل جو ڇا پلان آهي؟
جواب: مستقبل ۾ پنهنجو ڊانس اسڪول قائم ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پاڪستان ۾ بهترين ڊانس ٽيچر جو اعزاز حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ ڪوريوگرافر طور ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.

سوال-10 توهان پنهنجي فيلڊ ۾ ڪهڙيون اچيومينٽ حاصل ڪيون آهن؟
جواب: اچيومينٽ ايڏيون وڏيون ته حاصل نه ڪيون آهن، ڪجهه اچيومينٽ آهن، حيدرآباد ۾ سٺو آرٽسٽ سڏايو وڃان ٿو، منهنجو پنهنجو ڊانس ڪلب آهي، جنهن ۾ شاگردن کي ڊانس ڪلاس ڏيندو آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي کي آل پاڪستان فوڪ ڊانس چيمپئن بڻايو آهي ۽ اڃا به نيشنل ليول تي سنڌ يونيورسٽي کي فوڪ رقص جي حوالي سان ريپريزنٽ ڪندو آهيان.

سوال-11 توهان هن فيلڊ ۾ شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟

جواب: مان هن فيلڊ ۾ آفيشل طور تي 2014ع کان شروعات ڪئي، مختلف پرائيويٽ ۽ رجسٽرڊ آرگنائزيشن سان باحيثيت ڊانسر پرفارم ڪم ڪندو رهيو آهيان، مختلف اسٽيجن تي ڪم ڪري چڪو آهيان، اڃا به ڪم جاري آهي.

----------------------------------------------------------------------------------------------------------------
Filed Late

Proper introduction, foto 
Do not give question number 
Question no 11, put it at start or as part of introduction

Arslan Qureshi 2k17/MC/17
عبدالستار چنا (آرٽسٽ) ڪلاسيڪل ڊانسر)

سوال-1 توهان هن شعبي جو ڇو انتخاب ڪيو؟
جواب: چوندا آهن ته دنيا ۾ انسان جيڪو ڪم ڪندو آهي نيٺ ان مان بيزار ٿي پوندو آهي پر مان جڏهن رقص ڪندو آهيان ته مون جي روح کي خوشي ملندي آهي، ان سان گڏوگڏ منهنجو رقص تي عبور رهيو آهي، ان سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪري مون رقص جو انتخاب ڪيو ۽ ان کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي ڇڏيو.

سوال-2 توهان ڊانس جي فيلڊ ۾ ڪلاسيڪل ڊانس جو ڇو انتخاب ڪيو؟
جواب: هونئن ته دنيا ۾ ڪيتري ئي قسم جا رقص آهن، رقص هڪ خوشي جو اظهار آهي، قومن جي سڃاڻپ آهي ۽ اسان قص کي جسم جي شاعري به چئي سگهون ٿا، اهڙا کوڙ سارا ڊانس ۽ رقص جا نمونا ۽ قسم موجود آهن پر انهن جو ڪو به قائدو قانون ڪونهي پر انڊين ڪلاسيڪل ڊانس جنهن کي اسان ڪٿڪ ڊانس چوندا آهيون, ان جا 8 قسم آهن، ڪٿڪ الفاظ جي معنيٰ آهي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ يا اسٽوري ٽيلر، ڪٿڪ هندي سنسڪرت ٻولي جو الفاظ آهي، ڪٿڪ الفاظ ڪٿا مان ورتل آهي، ڪٿا معنيٰ ڪهاڻي، ڪٿڪ ڊانس جا اصول ۽ ترتيب سان گڏ تبلي جي تال تي ۽ تبلي جي ٽيڪن تي پرفارم ڪيو ويندو آهي، ڪٿڪ رقص جي ذريعي سان ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهون ٿا، ڪهاڻي ڊرامو ڪنهن به سماجي حالتن کي به ڪٿڪ رقص جي ذريعي ماڻهن کي آگاهه ڪري سگهجي ٿو.

سوال-3 توهان کي ان فيلڊ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون پيش آيون؟
جواب: يقينن رڪاوٽون پيش آيون، مٽ مائٽن گهروارن ۽ دوستن پڻ طنز ۽ طعنا هنيا، سماجي سوال منهنجي اڳيان اڀهريا، انهي ۾ منهنجي لاءِ تمام ڏکيو مرحلو ٿيو پر مان ان سڀني مرحلن کي عبور ڪري پنهنجي پاڻ کي ان سڀني اڳيان مڃرايو.

سوال-4 ڇا توهان کي پنهنجي گهر طرفان ڪا سپورٽ ملي؟
جواب: ها يقينن سپورٽ ملي، ڇو جو هو به هن سماج ۾ رهن ٿا.
سوال-5 ڇا توهان ڊانس سان گڏوگڏ پڙهائي به جاري رکي آهي؟

جواب: جي بلڪل آئون سنڌ يونيورسٽي جو سنڌي شعبي جو ٽئين سال جو شاگرد آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ ”سمپا“ سنڌ انسٽيٽيوٽ ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ جو شاگرد به آهيان، جتي مان اسٽيج ناٽڪ ”ٿيٽر“ جو ڊپلوما به ڪري رهيو آهيان.

سوال-6 ڇا توهان تي معاشري جا ماڻهو طنز ڪندا آهن؟
جواب: ها بلڪل طنز ڪندا آهن، توهان جي جنس تي ڳالهيو ويندو آهي، خواجا سرا، مورت، تبلائي، مجرائي، اهڙي ڪيتري ئي قسم جا نازيبا ڪمينٽس ملندا آهن ۽ ماڻهن جو رقص بابت تمام برو نظريو آهي، رقص بري شيءِ ناهي، دراصل ان فيلڊ ۾ خراب ماڻهو آهن، جيڪي رقص جي آڙ ۾ جسم فروشي ڪن ٿا، رقص ته هڪ خوشي جو اظهار آهي.

سوال-7 توهان جي فيلڊ مان معاشري کي ڪهڙو فائدو آهي، پنهنجي نظرئي سان
 ٻڌايو؟
جواب: اسان جي فيلڊ مان معاشري کي ذهني سڪون ملي ٿو، جڏهن انسان رقص ڏسندو آهي يا موسيقي ٻڌندو آهي ته ان کي راحت ملندي آهي، رقص هڪ آرٽ آهي، جنهن جي ذريعي معاشري مان نفرت ختم ڪري سگهجي ٿي.

سوال-8 اسان جي هن سماج ۾ رقص کي ڪيتري اهميت ڏني وڃي ٿي؟
جواب: اسان جي هن سماج ۾ بيشڪ رقص کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڪنهن به قسم جي خوشي جي تقريب هجي ماڻهو پاڻ به رقص ڪندا آهن، اها رقص جي اهميت ناهي ته ٻيو ڇا آهي.

سوال-9 توهان جو مستقبل جو ڇا پلان آهي؟
جواب: مستقبل ۾ پنهنجو ڊانس اسڪول قائم ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پاڪستان ۾ بهترين ڊانس ٽيچر جو اعزاز حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ ڪوريوگرافر طور ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.

سوال-10 توهان پنهنجي فيلڊ ۾ ڪهڙيون اچيومينٽ حاصل ڪيون آهن؟
جواب: اچيومينٽ ايڏيون وڏيون ته حاصل نه ڪيون آهن، ڪجهه اچيومينٽ آهن، حيدرآباد ۾ سٺو آرٽسٽ سڏايو وڃان ٿو، منهنجو پنهنجو ڊانس ڪلب آهي، جنهن ۾ شاگردن کي ڊانس ڪلاس ڏيندو آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي کي آل پاڪستان فوڪ ڊانس چيمپئن بڻايو آهي ۽ اڃا به نيشنل ليول تي سنڌ يونيورسٽي کي فوڪ رقص جي حوالي سان ريپريزنٽ ڪندو آهيان.

سوال-11 توهان هن فيلڊ ۾ شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب: مان هن فيلڊ ۾ آفيشل طور تي 2014ع کان شروعات ڪئي، مختلف پرائيويٽ ۽ رجسٽرڊ آرگنائزيشن سان باحيثيت ڊانسر پرفارم ڪم ڪندو رهيو آهيان، مختلف اسٽيجن تي ڪم ڪري چڪو آهيان، اڃا به ڪم جاري آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Mehak ali حیدراباد میں دلہن پراٹھے کی دھوم

Musabbiha Imtiyaz-حیدرآباد میں فوڈ سٹریٹ کا رحجان

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال