shahzeb solangi profile ساحل ٻگهيو


Ok
ساحل ٻگهيو.

انسان جسم کان نه دماغ مان معزور هوندو آهي.
دنيا ۾ ڪجهه به اهڙو ناهي، جيڪو ناممڪن هجي، بس ان شئي تي يقين هجي ۽ ان شئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هماليه جيڏا ارادا هجن.
اها ڪنهن کي خبر هئي ته 7 اپريل 1996ع ۾ سنڌ جي علائقي نوشهروفيروز ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جنهن جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جا زنده مثال اسان جي اڳيان آهن.
ساحل جڏهن پيدا ٿيو ته جسماني لحاظ کان نارمل ٻار نه هو، ساحل جا ٻئي هٿ نه هئا، ۽ ٽنگن مان هڪ ٽنگ ننڍڙي ۽ ٻي نارمل هئي. اهو وقت ساحل جي والدين لاءِ ڪنهن ڏکئي امتحان کان گهٽ نه هو. پر ساحل جي والدين ان ٻار کي الله پاڪ جي طرف کان سمجهندڙ هڪ پيارو تحفو سمجهي ان کي دل سان قبول ڪيو ۽ ان کي هڪ نارمل ٻار سمجهيو. ساحل وارا پاڻ ۾ چار ڀاءُ ڀيڻ آهن، جنهن مان ساحل ٻيو نمبر آهي. ساحل جڏهن 4 سالن جو هيو ته ان جي والده ان کي پير سان لکڻ سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. آهسته آهسته ساحل پير سان لکڻ شروع ڪيو ۽ ساحل جي لکڻ جي صلاحيت ايتري ته سٺي آهي، جو ان جي يونيورسٽي ۽ اسڪول جي استادن پڻ اعتراف ڪيو آهي ته ساحل جي لکڻ جي صلاحيت هٿ سان لکڻ وارن فردن کان به بهترين آهي. ساحل پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مُلا خان ٻگهيو مان ڪئي، پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيو. هاڻي ئي  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 4 سال بيچلرز جي ڊگري بي ايس (ڪامرس) ۾  گريجوئيشن مڪمل ڪئي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان حيدرآباد مان انٽرنشپ ڪئي، جنهن ۾ پڻ پهرين پوزيشن ماڻي. ساحل ٻگهيو وڌيڪ CSS ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اميد آهي ته ساحل CSS ۾ به ڪاميابي ماڻيندو.
ساحل هاڻي 23 سالن جو ٿي چڪو آهي، پنهنجي CSS جي تيارين سان گڏوگڏ زاهد ايوينٽس ۾ موٽيويشنل اسپيڪنگ جا فرض سرانجام ڏئي پيو ۽ ساحل سوشلسٽ پڻ آهي ۽ Rotaract Club حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ آهي. Rotaract International۾  پلڪ اميج سنڌ ۽ بلوچستان ليول تي پنهنجا سرانجام ڏئي پيو.
جڏهن منهنجي ساحل سان ملاقات ٿي ته مان حيراني مان ان کي ڏسندو رهيس. ان جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڪو به فرق محسوس نه ٿيو ته هو جسماني طور تي اسان کان الڳ آهي ۽  ڳالهه ٻولهه دوران ساحل چيو ته انسان جسم کان نه پر دماغ کان معذور هوندو آهي. دنيا ۾ ڪجهه به اهڙو ناهي جيڪو ناممڪن هجي. بس پاڻ تي يقين هجي ۽ پاڻ کي سڃاڻڻو آهي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي ملڪ ۾ تعليم  ايتري ته عام هجي جو نارمل ٻارن سان گڏوگڏ ايب نارمل ٻار به باآساني  تعليم حاصل ڪري سگهن. ۽ تعليم جي ڪري ئي مان ڪامياب آهيان ۽ تعليم ئي مون کي پاڻ کان واقف ڪرايو. ۽ تعليم جو مقصد نوڪري جو اصول ڪڏهن به نه هجي. تعليم سان آگاهي ۽ شعور پيدا ٿيندو آهي ۽ مستقبل ۾ مان هڪ پڙهيل لکيل پنهنجي ملڪ جو فرد ٿيڻ چاهيان ٿو، محنت ۽ ڪوشش ۽ پاڻ تي يقين ضروري آهي. جيڪي ماڻهو محنت نٿا ڪن اُهي هميشه پوئتي رهجي ويندا آهن ۽ محنت ڪرڻ وارا ڪڏهن به پوئتي ناهن ٿيندا.
نالو___ شاهزيب ڪمال سولنگي
رول نمبر_________ 2k17/MC/89

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised