Mudasir chandio profile بيدار بخشل چانڊيو revised
Expanded for Magazine
-----------------------------------------------------------------------------------------------------------
No compare contrast, no images.
Less interested in his CV, rather what made him so.
Intro is too traditional. change it. What is theme.
Primary data is missing. It should be reporting based
Observe paragraphs
بيدار بخشل چانڊيو؛ نعت
خواني ۽ شاعري جو عظيم امتزاج.
سنڌ جي ذرخيز مٽيءَ پنهنجي خمير مان زرخيز ڏات
ڌڻن کي جنم ڏنو آهي. جنهن مان ڪيترائي عالم، اديب شاعر، دانشور، محقق، استاد،
فنڪار ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي شامل آهن. جن ملڪان ملڪ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجي ڌرتي
جو نالو روشن ڪيو آهي. قمبر، سنڌ جو اهو اهم شهر آهي جنهن اهڙي قسم جا ماڻهون ڏات
جي دنيا کي ڏنا آهن. جن مان بخشل چانڊيو به هڪ آهي. جنهن شاعري ۽ نعت خواني ۾ پوري
سنڌ نه بلڪه پوري پاڪستان ۾ نالو ڪمايو آهي. بخشل چانڊيو جو جنم ضلعي قمبر شهداڪوٽ
تعلقي ميروخان جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم اسڪول
سعدالله خان چانڊيو ۽ مئٽرڪ ڀنڀو خان چانڊيو هاءِ اسڪول ۾ ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
مان انٽر پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ايم ايڊ ٽنڊو
ڄام يونيورسٽي ۽ سي ٽي لاڙڪاڻه ڊگري ڪاليج مان ڪئي. ان کانپوءِ 1987ع ۾ پرائمري
اسڪول ۾ استاد ٿيا، جيڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ شروعات ٿي. پرائمري کان بعد ايڇ ايس ٽي جو
امتحان پاس ڪري استاد جي حيثيت سان ڳوٺ واري اسڪول کي جوائن ڪيو.
شاگرد ؛بخشل چانڊيو؛ جڏهن پاڻ استاد ٿي ساڳي
اسڪول کي جوائن ڪيو ته سندس والدين کان وڌيڪ خوشي سندس جي استادن ۽ خاص ڪري استاد
گل حسن چانڊيو صاحب جن کي ٿي. شاگرد بخشل چانڊيو جيترو پنهنجي استادن ۾ مقبول رهيو
ان کان وڌيڪ استاد بخشل چانڊيو وري پنهنجي شاگردن ۾ مقبوليت ماڻي. ڇهين درجي کان
ڏهين درجي تائين سڀ شاگرد سندس ديوانا هوندا هيا ۽ آهن.ڪٿي به هجي پر پنهجي فرض کي
روزانو سرانجام ڏيندا آهن. ويتر به شاگردن کي تمام وڏو انتظار هوندو آهي استاد
بيدار بخشل چانڊيو اچي ڪلاس ۾ پڙهائي. سندن ۾ خدا تعالي هڪ اهم خوبي رکي آهي هوئنن
ته اڪثر ڇهين درجي جو ڪلاس ۽ نائين جي سنڌي پڙهائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل اٿن. ڀلي ٻين
ڪلاسن ۾ سندس جا ڪلاس ڇو نه هجن پر اهي به شاگرد پڙهڻ جي لاءِ وڏي شوق سان وٺي
ويندا آهن. توڙي شاگرد اسڪول مان پاس ڇو نه ڪري وڃن پر اهي اڄ به ديوانه آهن. ڪٿي به هجن پر عيد واري ڏينهن بخشل چانڊيو
سان ضرور ملڻ اچن. جڏهن ته استادي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن سندس جا شاگرد پوري پاڪستان
۾ موجود آهن.
بخشل چانڊيو نه فقط استاد آهي پر هن جي شخصيت
۾ الله تعاليٰ ڪيترائي ٻيا رخ به رکيا آهن. جنهن ۾ شاعري ۽ نعت خواني ۾ تمام گهڻو
اڳڀرو رهي آهي. شاعري ۾ تخلص “بيدار؛ اٿس. ۽ ان تخلص سان پوري پاڪستان ۾ ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو. پڙهڻ سان چاھ رکندڙ ۽ وري ان سان گڏوگڏ نعت خواني ۽ شاعري ۾ به مالا
مال آهي. شاعري جي شروعات 1980ع کان ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ شاعري نه صرف نعت بلڪه غزل
وائي ڪافي حمد قصيده پڻ شامل آهن. سندس جي شاعري جا ست ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
جن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. بيدار
بخشل چانڊيو جو مشهور ڪتاب “نعتيون نبي پاڪ جون؛تمام گهڻو مقبول رهيو نه صرف
پنهنجي علائقي ۾ ئي بلڪه پوري سنڌ ۾ سنڌي نعت شاعريءَ جو ڪتاب مقبول رهيو. ۽ ان
کان علاوه ٻيا به ڪتاب ساڳي ريت مشهور ويا. جيڪي اڄ به پوري سنڌ ۾ سندس جي شاعريءَ
جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. ۽ شاعريءَ ۾ استاد، لاڙڪاڻي جو مشهور ريڊيو پاڪستان
جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ادريس آزاد ان کان
علاوه سنڌ جو مشهور معروف نعت خوان شاعر
جيڪو پنهجي وقت ۾ ته پوري سنڌ ۾ مشهور هيو. ۽ اڄ به ان جو نالو مقبول آهي. حاجي
غلام نبي مهيسر جو به شاعري جي سکيا ۾ شان
ٿئي ٿو. سندن جي شاعرءَ ۽ نعت پڙهڻ جو
انداز به هڪ نرالو هيو.انهن جي صحبت ۾ ڪافي ڪجھ سکڻ جي لاءِ مليو اٿن. حاجي غلام
نبي نه صرف نعت خوان هيو پر هو هڪ وقت جو اهم شاعر به هيو. سندن جي شاعري کي سنڌ
جي ڪيترن ئي فنڪارن توڙي نعت خوانن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايو آهي.
بيدار
بخشل چانڊيو کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هوندو هيس ۽ اڄ به جاري آهي. 1975ع کان
نعت پڙهڻ شروع ڪئي. سڀ کان پهرين نعت پڙهڻ جي شروعات 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان کان
ڪئي. ۽ ان کانپوءِ ريڊيو خيرپور تي به ڪافي نعت رڪارڊ ڪرايون جن چند عرصي ۾ ريڊيو
جي لهرن وسيلي ريڊيو ٻڌندڙن شام جي پهرن ۾ ماڻهون هوٽلن تي يا اوطاقن ۾ ريڊيو تمام
وڏي شوق سان ٻڌندا هيا. جڏهن آذان کان بعد بيدار بخشل چانڊيو جي نعت هلندي هئي ته
ماڻهون پنهنجي ڪچهري ڇڏي نعت ٻڌندا هيا.اهي ماڻهون ساڳي ئي وقت جو انتظار ڪندا هيا
ته ڪڏهن بيدار بخشل چانڊيو جي نعت هلندي. ريڊيو تي نعت هلڻ کان بعد ڪافي سندس کي
مقبوليت ملي. ان کانپوءِ البم جي شروعات ڪئي. ۽ تقريبن 200 البم وڊيو سي ڊي آديو
ڪڍي چڪو آهي. جيڪي هنئير به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. سڀ کان پهرين نعت البم “سيني ۾
عشقي مصطفيٰ؛ اهيو البم تمام وڏو مقبول رهيو، ڪيسيٽ واري زماني ۾ 1988ع ۾ تمام وڏي
پذيرائي ماڻي. جهر جهنگ توڙي شهرن بيدار بخشل جو آواز گونجندو هيس. هوئنن ته نعت پڙهڻ جو اعزاز نه صرف سنڌ ۾ پر پوري پاڪستان
۽ سعودي عرب تائين اها سعادت حاصل آهي. سندن کي نعت هر ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي مهارت
آهي. ان ۾ انگلش اردو سنڌي فارسي، عربي، بروهي، بلوچي، سرائڪي ۽ ٻيون به ٻوليون
شامل آهن. پاڻ پروگرام جا مور آهن. هر ٻوليءَ ۾ نعت پڙهڻ جي مهارت ڪنهن ڪنهن
ماڻهوءَ کي حاصل هوندي آهي. پر بيدار بخشل چانڊيو جن کي هر ٻوليءَ ۾ نعت پڙهڻ جي
مهارت حاصل آهي پروگرام ۽ ٽيليوزن تي انگلش نعت “ڪال مي ڪال مي مدينه؛ اها نعت
اردو توڙي سنڌي چئنل يا وري لائيو پروگرام ۾ اڪثر اها نعت وڏي شوق سان پڙهائيندا
اٿن. جڏهن ته نعت پڙهڻ جي صدقي ۾ ڪافي ايورڊ ملي چڪا آهن. جنهن ۾ چار دفعا عمري ۽
حج جي سعادت ماڻي چڪو آهي. ان کان علاوه سنڌي نعت خوانن ۾ سڀ کان وڏو ۾ وڏو اعزاز
اهو آهي ته سندس کي 2005ع ۾ ايم اين اي فريال ٽالپر طرفان ربيع الاوال جي موقعي تي
تاج پارايو ويو. جيڪو سنڌي نعت خوانن ۾ سڀ کان پهرين ايوارڊ بيدار بخشل چانڊيو وٽ
آهي. ۽ ان علاوه جڏهن پير صاحب پاڳارو پاڻ جڏهن
زنده هوندا هيا ته بيدار بخشل چانڊيو کي
هر مهيني نه ته هر ٻئي مهيني
پنهنجي آستاني تي گهرائي نعت ضرور ٻڌندا هيا. ٻيا ڪيترائي ايورڊ نعت جي صدقي ملي چڪا آهن. جن
۾ پير سائين پاڳارو به ڪنگري هائوس تي گهرائي وڏي چاھ سان نعتيون ٻڌندا هيا.
پاڻ 2001ع کان وٺي سنڌ جي مشهور ٽي وي چئنل ڪي
ٽي اين ۽ ريڊيو پاڪستان سان وابسطه رهيو آهي. ۽ پاڪستان جو مشهور ٽي وي چئنل اي آر
واءِ ڪيو ٽي وي، تي به ڪيترائي ڀيرا لائيو پروگرام ۾ نعت جي سعادت حاصل ٿي اٿن. ۽
کوڙ ساريون اردو نعت به رڪارڊ ٿيل آهن.سنڌي توڙي اردو ٽي چئنلن جنهن ۾ بحثيت نعت
خواني طور تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ۽ اڄ به انهن سان ئي سلهاڙيل آهي کيس کي سندس نعت خواني ۽ استادي پيشي سان پوري سنڌ ۾ مقبوليت آهي. سندس سوين
شاگردن ۽ عاشقن ۾ اسان به شامل آهيون. وڏي ڳالھ اها آهي ته ڪٿي به هجي پر پنهنجي
ڊيوٽيءَ کي اڄ به ساڳئيءَ ريت سرانجام ڏيندو اچي ٿو. اسان جي دعا آهي ته شال الله
سائين اهڙن نيڪ استادن ۽ پنهنجي فن سان محبت ڪندڙن وڏي ڄمار بخشي. جيڪي پوري سنڌ
جو نالو روشن ڪندا اچن ٿا. سنڌ جو ثقافتي ڪردار وڏي ڄمار ماڻي سندن پنهنجي فن ۽
ڪلا ۾ اعليٰ مقام ماڻي ۽ فن جي دنيا ۾خدمت ڪندو رهي. اسان جي دعا آهي ته الله
سائين کين ڪامل صحت ۽ خوشيون عطا فرمائي
آمين ثمم آمين.
رول نمبر _ 130
بي ايس پارٽ ٿري ٽو ڪي/ سيونٽين ايم سي
--------------------------------------------------------------------------------------------------------- --------------Revised
Intro still weak
بيدار بخشل چانڊيو؛ نعت
خواني ۽ شاعري جو عظيم امتزاج.
سنڌ جي ذرخيز مٽيءَ پنهنجي خمير مان زرخيز ڏات
ڌڻن کي جنم ڏنو آهي. جنهن مان ڪيترائي عالم، اديب شاعر، دانشور، محقق، استاد،
فنڪار ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي شامل آهن. جن ملڪان ملڪ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجي ڌرتي
جو نالو روشن ڪيو آهي. قمبر، سنڌ جو اهو اهم شهر آهي جنهن اهڙي قسم جا ماڻهون ڏات
جي دنيا کي ڏنا آهن. جن مان بخشل چانڊيو به هڪ آهي. جنهن شاعري ۽ نعت خواني ۾ پوري
سنڌ نه بلڪه پوري پاڪستان ۾ نالو ڪمايو آهي. بخشل چانڊيو جو جنم ضلعي قمبر شهداڪوٽ
تعلقي ميروخان جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم اسڪول
سعدالله خان چانڊيو ۽ مئٽرڪ ڀنڀو خان چانڊيو هاءِ اسڪول ۾ ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
مان انٽر پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ايم ايڊ ٽنڊو
ڄام يونيورسٽي ۽ سي ٽي لاڙڪاڻه ڊگري ڪاليج مان ڪئي. ان کانپوءِ 1987ع ۾ پرائمري
اسڪول ۾ استاد ٿيا، جيڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ شروعات ٿي. پرائمري کان بعد ايڇ ايس ٽي جو
امتحان پاس ڪري استاد جي حيثيت سان ڳوٺ واري اسڪول کي جوائن ڪيو.
شاگرد ؛بخشل چانڊيو؛ جڏهن پاڻ استاد ٿي ساڳي
اسڪول کي جوائن ڪيو ته سندس والدين کان وڌيڪ خوشي سندس جي استادن ۽ خاص ڪري استاد
گل حسن چانڊيو صاحب جن کي ٿي. شاگرد بخشل چانڊيو جيترو پنهنجي استادن ۾ مقبول رهيو
ان کان وڌيڪ استاد بخشل چانڊيو وري پنهنجي شاگردن ۾ مقبوليت ماڻي. ڇهين درجي کان
ڏهين درجي تائين سڀ شاگرد سندس ديوانا هوندا هيا ۽ آهن. استادي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
آهن سندس جا شاگرد پوري پاڪستان ۾ موجود آهن.
بخشل چانڊيو نه فقط استاد آهي پر هن جي شخصيت
۾ الله تعاليٰ ڪيترائي ٻيا رخ به رکيا آهن. جنهن ۾ شاعري ۽ نعت خواني ۾ تمام گهڻو
اڳڀرو رهي آهي. شاعري ۾ تخلص “بيدار؛ اٿس. ۽ ان تخلص سان پوري پاڪستان ۾ ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو. پڙهڻ سان چاھ رکندڙ ۽ وري ان سان گڏوگڏ نعت خواني ۽ شاعري ۾ به مالا
مال آهي. شاعري جي شروعات 1980ع کان ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ شاعري نه صرف نعت بلڪه غزل
وائي ڪافي حمد قصيده پڻ شامل آهن. سندس جي شاعري جا ست ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
سندس شاعري ۾ استاد لاڙڪاڻي جو مشهور ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ادريس آزاد
۽ مرحوم حاجي گلام نبي مهيسر جو به شان ٿئي ٿو. انهن جي صحبت ۾ ڪافي ڪجھ سکڻ جي
لاءِ مليو اٿن. ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هوندو هيس ۽ اڄ به جاري آهي. 1975ع کان
نعت پڙهڻ شروع ڪئي. سڀ کان پهرين نعت پڙهڻ جي شروعات 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان کان
ڪئي. ۽ تقريبن 200 البم وڊيو سي ڊي آديو ڪڍي چڪو آهي. جيڪي هنئير به مارڪيٽ ۾
موجود آهن. نعت پڙهڻ جو اعزاز نه صرف سنڌ ۾ پر پوري پاڪستان ۽ سعودي عرب تائين اها
سعادت حاصل آهي. سندن کي نعت هر ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي مهارت آهي. ان ۾ انگلش اردو سنڌي
فارسي عربي بروهڪي بلوچي سرائڪي ۽ ٻيون به ٻوليون شامل آهن. جڏهن ته نعت پڙهڻ ۾
ڪافي ايورڊ ملي چڪا آهن جنهن ۾ چار دفعا عمري ۽ حج جي سعادت ماڻي چڪو آهي. ان کان
علاوه سنڌي نعت خوانن ۾ سڀ کان وڏو ۾ وڏو اعزاز اهو آهي ته سندس کي 2005ع ۾ ايم
اين اي فريال ٽالپر طرفان ربيع الاوال جي موقعي تي تاج پارايو ويو. جيڪو سنڌي نعت
خوانن ۾ سڀ کان پهرين ايوارڊ بيدار بخشل چانڊيو وٽ آهي. ۽ ان علاوه ٻيا ڪيترائي
ايورڊ نعت جي صدقي ملي چڪا آهن. جن ۾ پير سائين پاڳارو به ڪنگري هائوس تي گهرائي
وڏي چاھ سان نعتيون ٻڌندا هيا.
پاڻ 2001ع کان وٺي سنڌ جي مشهور ٽي وي چئنل ڪي
ٽي اين ۽ ريڊيو پاڪستان سان وابسطه رهيو آهي. جنهن ۾ بحثيت نعت خواني طور تمام
گهڻو ڪم ڪيو آهي. کيس کي سندس نعت خواني ۽ استادي
پيشي سان پوري سنڌ ۾ مقبوليت آهي. سندس سوين شاگردن ۽ عاشقن ۾ اسان به شامل
آهيون. وڏي ڳالھ اها آهي ته ڪٿي به هجي پر پنهنجي ڊيوٽيءَ کي اڄ به ساڳئيءَ ريت
سرانجام ڏيندو اچي ٿو. اسان جي دعا آهي ته شال الله سائين اهڙن نيڪ استادن ۽
پنهنجي فن سان محبت ڪندڙن وڏي ڄمار بخشي. جيڪي پوري سنڌ جو نالو روشن ڪندا اچن ٿا.
سنڌ جو ثقافتي ڪردار وڏي ڄمار ماڻي سندن پنهنجي فن ۽ ڪلا ۾ اعليٰ مقام ماڻي ۽ فن
جي دنيا ۾خدمت ڪندو رهي. اسان جي دعا آهي ته الله سائين کين ڪامل صحت ۽ خوشيون عطا فرمائي آمين ثمم آمين.
رول نمبر _ 130
بي ايس پارٽ ٿري ٽو ڪي/ سيونٽين ايم سي
-----------------------------------------------------------------------------------------------------------
No compare contrast, no images.
Less interested in his CV, rather what made him so.
Intro is too traditional. change it. What is theme.
Primary data is missing. It should be reporting based
Observe paragraphs
Comments
Post a Comment