Ahitsham memon- قاضي مقصود - انٽرويو
File Late
----------------------------------------------------------
Write proper intro, he is writer, poet, known as how in the area and what is his standing in literature?
Make question No 1 part of introduction
What abt his photo?
What is his specialty?
Do not give numbers to questions, to separate question make para
Through his interview we can have literary scenario of Matiari of recent past
انٽرويو
تعارف: قاضي مقصود اصل نالو آهي، مٽياري شهر جي رهائش آهي، 6سيپٽمبر 1969ع تي جنم ٿيو.
ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ اسٽينو ٽائپسٽ آهي
(2) لکڻ جو يا ليکڪ ٿيڻ جو شوق ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: - اصل ۾ اسان کي اسان جون وڏيون (پوڙهيون) لوڪ ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون، رات جو سمهڻ مهل، ان کان پوءِ ٿورڙي شعوري عمر ۾ آياسين ته سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپيل قصا (ٻارن وارا) جام پڙهياسين، جن کي پڙهي ۽ ڏسي، لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، 1981ع ۾ پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي لکيم، پوِء اڳيان موڪليم، اهي ڪهاڻيون تڏهن ڇپجنديون ته نه هيون پراسان جو شوق پورو ٿيندو هو ته اسان جو نالو آيو. پوِء بس اتان کان لکڻ جو شوق پيدا ٿيو .
(3) هينئر تائين توهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
جواب: - ڪتاب، مند ناهي ماٺ جي (شاعري) (1997) ،مسلمان ٻارن جا نالا (2003)، تاريخ مٽياري (2006) ،لاکو ڦلاڻي (2010)، ڪتاب رحيق المخطوم (سيرت النبي تي مشتمل) ( 2013 ۽ 2008) ،دائرا شاعري (2015) ،پير آغا غلام مجدد جان سرهندي (2016) آزادي جي تحريڪ.
(4) ڪتاب لکڻ سان گڏوگڏ ڪتابي ميلا به لڳرائيندا آهيو؟
جواب: - ها!مٽياري ۾ هيسيتائين آئون تقريباً 6 ڪتابي
ميلا لڳرائي چڪو آهيان.
(5) ڪتابي ميلو لڳرائڻ جو اصل مقصد ڪهڙو هوندو آهي؟
جواب: - انهيءَ ۾ منهنجو ته رجهان اهو هوندو هو ته نوٽ ڪجي ته ڪهڙا ڪهڙا مستقل خريدار ٿين ٿا، ۽ آئون سمجهان ٿو ڪافي ماڻهو اهڙا هئا جيڪي پهريان ڪتاب نه پڙهندا هئا پرانهن ڪتابي ميلن جي ڪري پڙهڻ تي هريا، ۽ انهن مان ڪجهن لکڻ به شروع ڪيو. ڪنهن به ڪتابي ميلي جو اصل مقصد اهوئي هوندو آهي ۽ اهائي بنيادي ڪاميابي آهي.
(6) شاعري ڪندي معاشري کي ڪهڙي نصيحت ڪرڻ جي ڪوشش هوندي آهي؟
جواب: - هڪڙا دوست شڪايت ڪندا آهن ته ڪتاب ڇپراياسين پر ڪير وٺي ڪونه ٿو. انهيءَ ۾ منهنجو مشاهدو اهو آهي ته اگر ڪتاب ۾ ماڻهن جي دلچسپيءَ جي ڪا ڳالهه هوندي ته هو خود به خود اهو ڪتاب خريد ڪندا، انڪري منهنجو رجهان پنهنجي شاعري يا مضمون جي ذريعي معاشري ۾رهندڙ ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي جيڪو انهن جي دلين ۽ جذباتن کي ڇهي، جيئن رومانوي شاعري آهي اها به ماڻهن جي اندروني ڪيفيتن کي ڇيڙي ٿي، ان کان علاوه اگر سماجي مضمونن تي لکون ٿا ته ان ۾ به اهائي ڪوشش هوندي آهي ته اهو ماڻهن جي ذهنن کي ڇهي، بس ائين ڪريون ٿا ماڻهن وٽ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي.
(7)شاعري جي حوالي سان توهان ڪھڙن شاعرن جي شاعريءَ مان گهڻو متاثر آهيو؟
جواب: - شاعري ته الاهن شاعرن جي وڻي آهي، پر اهي شاعر جن جي شاعري هر وقت ذهن تي تاري هجي انهن ۾ هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻيو استاد بخاري آهي.
(8) مشهور ڪتاب”تاريخ مٽياري“ لکڻ جي سوچ ڪئين پيدا ٿي؟
جواب: - مٽياري جون اصل ۾ ڪجهه شخصيتون آهن، جنهن جي باري ۾ اسان ڪٿي به ويندا هياسين ته پڇا ٿيندي هئي، جنهن ۾ مولوي هدايت الله مشتاق، قاضي لال محمد، مخدوم محمد عثمان، سخي رڪن الدين شاهه، سخي هاشم شاهه، پيرآغا عبدالرحيم شامل آهن. پوءِ بس ذهن چيو ته مٽياري انهن شخصيتن جي ڪري ئي ته مشهور آهي ۽ انهن تي مضمون لکڻ گهرجن جنهن ۾ انهن جي باري ۾ صحيح معلومات هجي، پوءِ مضمون لکندي لکندي ڪتاب ٿي ويو، پوءِ انهيءَ ۾ ڪجهه تاريخ ۽ ڪجهه شخصيتن جي پروفائل اچي ويون ۽ ان کان پوءِ انهي کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو.
(9) انهي ڪتاب جي ڊيٽا ڪليڪشن ۾ ڪهڙيون مشڪالتون پيش آيون؟
جواب:- ها! مشڪالتون ته هر ڪم ۾ سامهون اينديون آهن، هن ڪم ۾ به آيون، هن ڪتاب ۾ اصل ۾ بيڪ گرائونڊز به آهن، ۽ انهيءَ جي معلومات وٺڻ لاءِ ڪافي ماڻهن وٽ ويندا هياسين ته ڏسندا هئا ته ڪير آيو آهي؟ ڇو آيو آهي؟ پوءِ ڪن رخ ڪو نه ڏنو ۽ ڪن سٺو تعاون ڪيو، هتي مٽياري کان وڌيڪ مٽياري کان ٻاهر ماڻهن وٽ تمام گھڻي معلومات موجود آهي ڇو جو انهن جا ابا ڏاڏا هتي پڙهيا آهن، ۽ انهن تحقيقون پڻ ڪيون آهن. اهي سڀ حواله انهن جي نالي سان ڪتاب ۾ به موجود آهن.
(10) شاعري ۽ ادب تي ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جو ڪهڙو اثر ٿيوآهي؟
جواب: - اصل ۾ تحقيق ڪو آسان ڪم ڪونهي، هڪ ڪتاب تي الاهي ساريون محنتون ٿين ٿيون، ۽ پئسه خرچ ٿين ٿا، هينئر جيڪي آن لائن يا سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود آهن، مونکي نٿو لڳي ته سنڌجي ماڻهن جو انهن کي پڙھڻ ڏانھن ڪو گھڻو رجھان ٿيو آھي، وڌ ۾ وڌ جيڪي ڪتاب مفت ملن ٿا اهي انٽرنيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري وٺن ٿا. باقي پئسه خرچ ڪري ڪتاب وٺڻ جو رجهان ايترو ناهي، هينئر تائين به الاهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اچي اگر ڪنهن ڪتاب جي گهر ڪندا ۽ پوءِ انهن کي چئجي ٿو ته مون وٽ هينئر موجود ناهي، انٽرنيٽ تي موجود آهي، اتان پڙھي وٺ ته انھن جو منھن ڦريو وڃي پوءِ پر پٺ گھڻيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن.
(11) ان سان گڏوگڏ هينئر انٽرنيٽ بلوگنگ جو گهڻو رجهان ٿيندو پيو وڃي،ماڻهو پنهنجا خيال لکي اتي شيئر ڪندا رهندا آهن، انهي جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب؛_ پهرين ڳالھ ته سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي ته هو
پنهنجو بلوگ ٺاهي ۽ اهو اڪيلي چڱي نموني سان هلائي. ها اها شيِءِ دنيا ۾ تمام سٺي نموني سان پکيڙجندي پئي اچي پر هتي پاڻ وٽ اڃان انهيءَکي ٿورڙو ٽائيم لڳندو.
(12) مستقبل ۾ انهي انٽرنيٽ بلوگنگ جا ڪهڙا اثر پوڻ جو انديشو آهي؟
جواب: - مستقبل ۾ پيپر جو استعمال ته ختم ٿي ويندو، جيئن اڳ ۾ هٿ سان ڪتاب لکبا هئا، هينئر هٿ سان ڪتاب لکڻ جو تصور به ڪونهي، ڊائريڪٽ ڪمپوز ٿا ٿين، انهيءَ طرح انٽرنيٽ بلوگنگ ۽ انٽرنيٽ تان ڊائلوڊ ٿيندڙ ڪتابن جو ماڻهن جي ذهنن تي گهڻو اثر پوڻ جو انديشو آهي، جنهن جي
نتيجي ۾ انهن جو ادب کان رجهان گهٽجي ۽ انٽرنيٽ ڏانهن وڌيڪ راغب ٿيندو.
احتشام عابد ھاشماڻي
2k17/Mc/10
Comments
Post a Comment