Shoaib Mangrio Profile عبدالجبار ملاح

< Shoaib Mangrio Media &Communication studies Department>
“مڇي ته عبدالجبار ملاح جي
عبدالجبار ملاح جنهن مهل بچو بادشاه چوڪ سانگهڙ جي شهر ۾ هلڪي ٽانڊن جي سيڪ تي لذيدار مڇي جي سجي تيار ڪندو پيو آ ته چوڪ تان ايندڙ ۽ ويندڙ جو ڄڻ وات ئي پاڻي ٿيو وڃي. سانگهڙ شهر جو واحد سجي تيار ڪندڙ عبدالجبار ملاح ئي آهي جنهن جي سجي ۽ مڇي جي حلوي کي صرف پاڪستان جي چارئي صوبن جا ماڻهون نه رڳو پر ٻاهري ملڪ ۾ دبئي ، قطر ، ڪويت ، شام ۽ ايران  جا ماڻهون وڏي شوق سان پسند ڪندا آهن. ان کان علاوه بلاول هائوس ۾ عبدالجبار کي گهرايو ويندو آهي ۽ اليڪشن جي وقت عمران خان سانگهڙ آيو ته هن جي مڇي کائي ويو ان کان علاوه اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواب شريف جنهن وقت بدين ۾ آيا ته مڇي سجي لاءِ هن کي گهرايو ويو هو.
عبدالجبار ملاح جو سانگهڙ جي  هڪ غريب گهراڻي سان تعلق آهي جنهن پنهنجي زندگي جو سفر پنهنجي چاچي واحد علي وٽ ڀاڄي جي ڪاروبار ۾  به طور مزدور سڪرنڊ شهر ۾ ڪم ڪيو جنهن کان پوءِ هن کي 1995ع ۾ ٽوويل آپريٽر نوڪري ملي جيڪا نواب شريف جي تختي اُلٽي ٿيڻ سان گــڏ ختم ٿي وئي ان کان پوءِ غربت جي ڪري وري پنهنجي چاچي وٽ مزدوري ڪئي ۽ ڪجهه پيسا گڏ ڪري مڇي جو ڪاروبار ڪيو جيڪو  ڪامياب نه ٿي سگهيو نقصان جي ڪري هي استاد رجب سان گڏ آرڊر تي سجي تيار ڪرڻ لاءِ ويو ان دورن ڄام صادق جي ڌيءَ جي شادي ۾ هن سجي تيار ڪئي . عبدالجبار ملاح جو چوڻ آهي ته “ استاد رجب بيمار ٿي ويو جنهن کي ڊاڪٽر جو مشورو هو ته باهه کان پري رهو ان کان پوءِ مان آرڊر وٺڻ شروع ڪيا ۽ 2016ع  ۾ مون سانگهڙ ۾ هي دڪان کوليو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته گراهڪ کي ڪڏهن ناراض نه ڪيان ۽ پنهنجي  فائدي کي گهٽ اهميت ڏئي گراهڪ کي خوش ڪيان سندس گراهڪ  آصف علي جو چوڻ هو ته “اسان رات جي ڏهين وڳي ڪراچي کان صرف عبدالجبار ملاح جي واکاڻ ٻڌي ڪري آيا آهيون” ان کا علاوه واحد احمد ڀٽي چيو ته “ هو به ڪراچي جوسفر ڪري عبدالجبار جي سجي کائڻ آيو آهي ۽ ڪراچي جهڙي شهر۾ به اوهان کي  اهڙي مڇي جي سجي نه ملندي ۽ هن وڌيڪ چيو ته سانگهڙ به رستو پڇندي پڇندي آيو آهي” ان وقت ڪجهه ماڻهون نوشهروفيروز مان آيل هئا جن مان محمد جميل جو چوڻ هو ته “آئون دوست سان گڏ هن جي مڇي کائڻ آيو آهيان ۽ هن جي مڇي  سڄي سنڌ م پنهنجي ذائقي جي ڪري مشهور آهي”  هي مڇي کي تيار ڪرڻ لاءِ چار سنهين لئه جي ڪاٺين سان مڇي کي سڌو ڪندو آهي ته جئين اها کلي بيهي،ان کانپوءِ ان جي وچ ۾ هڪ لئه جي  وڏي ڪاٺي لڳائيندو آهي جنهن جي مدد سان باھ جي پاسي ۾ مڇي کي بيهاري سگھي انکانپوءِ مڇي کي ان باھ جي سيڪ تي پچايو ويندو آهي ۽ وري مڇي کي مصالحه هڻندو آهي جنهن م اڇو جيرو،چاٽ مصالحو،مڇي مصالحو، ڌاڻا ،ننڍا فوٽا،وڏا فوٽا،ڪارا مرچ ۽  گدامڙي رس شامل هوندي آهي جنهن کانپوءِ وري مڇي کي باھ جي سيڪ تي پچايو ويندو آهي هن سڄي مرحلي م 2 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا جنهن جي ڪري رستي تان هر ايندڙ ويندڙ جو وات پاڻي ٿي ويندو آهي.عبدالجبار جو چوڻ آهي ته “منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي به پنهنجي سجي کارايان۽ هن وڌيڪ چيو ته مٺل ملاح مونکي هميشه وٺي ويندو هو ته جلال محمود شاه لاءِ سجي تيار ڪري ڏي جن کي مون جھينگي مان سجي تيار ڪري ڏني ۽ مڇي جو حلوو تيار ڪري ڏنو.هن وڌيڪ چيو ته آئون ماءُ پيءَ جو اڪيلو اولاد آهيان ۽ مون تي انهن جون وڏيون دعائون آهن ۽ آئون ٻين کي به نصيحت ڪندو آهيان ته پنهنجي والدين جي عزت ڪيو،هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مڇي جو سجي سردي جي موسم ۾ وڏي شوق سان کاڌي ويندي آهي انڪري مونکي هڪ دوست چيو آهي ته هو مونکي ڪوھ مري ۾ دڪان کولي ٿو ڏي جتي اڪثر سردي هوندي آهي ۽ مڇي جي خريداري وڌيڪ ٿيندي جيڪو اسان انشاالله جلدي کولينداسين.

شعيب احمد مڱريو
بي.ايس پارٽ III 2K17/mc/92
پروفائيل

< Shoaib Mangrio Media &Communication studies Department>

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised