Ahtisham Memon Feature درگاھ تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي


Filed late
درگاھ تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي.
درگاھ ڪنهن بزرگ يا خدا جي وليءَ يا نيڪ ٻانهي جي آرام گاھ يا آستاني کي چيو ويندو آهي. ماڻهون اتي پنهنجي عقيدت يا مرادن جي لاءِ حاضري جي لحاظ کان ايندا آهن، درگاهون پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ موجود آهن جتي روزاني وڏي تعداد ۾ ماڻهون حاضري جي لاءِ ويندا آهن. ۽ انکان علاوه ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي انهن درگاهن تي مستقل طور رهندا آهن. اتي ئي پنهنجي پوري زندگي گذاريندا آهن انهن جو انهن درگاهن تي رهڻ جا ٻه سبب هوندا آهن يا ته انهن جي درگاھ سان عقيدت جو حساب  هوندو آهي ته اسان کي پنهنجي پوري زندگي درگاھ جي خدمت ۾ گذارڻي آهي. يا ته وري انهن وٽ بيرروزگاري غربت ۽ بي گهر هجڻ جي ڪري درگاھ تي پنهنجي زندگي گذارڻ جي علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو.

مٿي ڏنل تصوير سنڌ جي شهر مٽياري جي مشهور  درگاھ” درگاھ سخي هاشم شاھ “ جي آهي جيڪا تقريبن اڄ کان 320 سال پراڻي درگاھ آهي. ماڻهون بزرگ جي حاضري لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان ايندا رهندا آهن. جڏهن ته هن درگاھ تي عرس مبارڪ ربيع الاول جي 12_13_۽ 14 تي ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهون درگاھ جي حاضري لاءِ ايندا آهن.
هن درگاھ سان عقيدت رکندڙ مريد ته سموري سنڌ ۾ پکڙيل آهن. پر هڪ خاندان اهڙو آهي جيڪو نسل درنسل هن  درگاھ جي خدمت ۾ پنهنجي پوري زندگي گذاري رهيو آهي. پاڻ مجيداڻا فقيرسڏائيندا آهن ۽ درگاھ جي پٺين پاسي هڪ ڪچي گهر ۾ رهن ٿا. گهر ۾ چار ڀاتي آهن ۽ ڪمائڻ وارو هڪ به نه آهي. درگاھ جي خدمت سرانجام ڏيندڙ هن خاندان جي هيءَ ٽين پيڙھي هلي رهي آهي. پهريون خدمت گار فقير خيرمحمد مجيداڻو هو. جنهن پنهنجي پوري زندگي درگاھ جي خدمت ۾ وقف ڪئي. ان جي وفات کان پوءِ ان  جي پٽ محمد سومار درگاھ جي خدمت جو ڪم سنڀاليو ۽ هاڻي وري محمد سومار جا ٻه پٽ رضامحمد مجيداڻو ۽ حافظ محمد ابراهيم مجيداڻو درگاھ جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پاڻ  درگاھ جي ٻوهاري، صفائي ۽ ننگر پاڻي جو انتظام سنڀاليندا آهن جڏهن ته کين درگاھ جي گادي نشين وٽان  ڪوبه پگهار ناهي ملندو. پاڻ درگاھ تي ٿيندڙ خيراتن ننگرن ۽ درگاھ جي ملندڙ چندي مان پنهنجو گذر صفر ڪندا آهن.
جڏهن ان خاندان سان ڳالھ ٿي ته انهن جو چوڻ هو اسان کي ڪافي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صرف ننگر، خيرات ۽ چندي جي ڪجھ رپين مان زندگي نٿي گذاري سگهجي.
ان کان علاوه جڏهن درگاھ جو ساليانو عرس ٿيندو آهي ته درگاه جا گادي نشين اسان جي مڙئي ٿوري گهڻي سارسنڀال لهندا آهن
عام ڏينهن ۾ ڪجھ اهڙا به ڏينهن ايندا آهن جو اسان وٽ ڪجھ کائڻ لاءِ به ناهي هوندو بس اسان صرف پنهنجي عقيدت جي ڪري درگاھ جي خدمت ڪري رهيا آهيون جيئن اسان جي وڏن ڪئي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ڪندا رهنداسين. ائين کڻي چئجي ته اسان پنهنجي زندگي درگاھ شريف جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي پوري حياتي درگاھ جي خدمت ڪنداسين ۽ اتي ئي دم ڏينداسين. انهن جو چوڻ هو ته تڪليفون تمام گهڻيون آهن پر اسان کي هتي ويهڻو آهي اسان جي محبت ۽ عقيدو آهي اسان کي ڪنهن انسان ۾ آسرو نه آهي بس اسان پنهنجي مرشد ۽ الله جي آسري ويٺل آهيون. تڪليفون ته زندگي جو حصو آهن پرهي تڪليفون نه آهن هي اسان جو امتحان آهي. هر انسان تڪليفن کي پنهنجي نظر سان ڏسندو آهي اسان جي نظر ۾ امتحان آهي  اسان پنهنجي زندگي مان مطمئن ۽ خوش آهيون جيئن اسان جي مرشد اسان جي وڏن کي پوري زندگي سنڀاليو تيئن ئي اسان کي سنڀاليندو اچي.


حتشام عابد ھاشماڻيا
2k17/ MC/ 10  رول نمبر:


Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised