Ali Ahmed هالا ۾ ڪاشيءَ جو هنر

Revised 
Ali Ahmed  BS Part -III Feature Roll 113-Revised
هالا جي ڪاشيءَ جي هنر جي شاهوڪاري                                           
                              

علي احمد ڇڇر

انساني سماج ۾ هنر هڪ باشاه وانگر آهي ۽ انسان جي هٿ جي هنر جي ضرورت هر دور ۾ پيش آئي آهي ۽ اهو هنر جنهن جي شاهوڪاري دنيا ۾ هجي اهوهنر هر انسان جي وس جوڳو نه آهي ۽ ڪجه اهڙا هنر هوندا آهن جيڪي قدرت طرفان تحفو ڏنل هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو سخت محنت ڪري هنر سکندا آهن ته ڪن کي خانداني ورسي ۾ ملندو آهي ته ڪي وري پنهنجي ذهن سوچ ۽ عقل سان ان هنر کي تخليق ڪندا آهن وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ ان تخليق ۾ خوبصورتي ٿيندي رهندي آهي ۽ اها خوبصورتي انساني ذهن کي پنهنجي طرف مائيل ڪندي آهي.
جڏهن سفر ۾ هيس ته سوچيندو ويس ته ڪاشيءَ جو ڪارخانو ڪو وڏو هوندو ۽ اهڙن ٿانون کي تيار ڪرڻ لاءِ جديد مشينري هوندي پر جڏهن ان ڪارخاني ۾ داخل ٿيس ته کاٻي پاسي هڪ گول ڪبي وانگر بٺي (خورو) ٺهيل هيو ۽ ساڄي پاسي وڏي عمر وارو شخص ٽائيلن تي پينٽنگ ڪري رهيو هو ۽ ٻه ٻاهرين ملڪ جا وزيٽر آيل هئا جيڪي  عورت ۽ مرد هئا عورت 60 سالن جي پئي لڳي ۽ مرد 70 سالن جو پئي لڳو جيڪي ڪاشيءَ جي سرن کي چڱين ريت ڏسي رهيا هئا جڏهن انهن کان پچيم ته توهان ڪٿان آيل آهيو؟ هتي ڪيئن آيل آهيو؟ ۽ توهان کي هي محنت ڏسي ڇا ٿو محصوص ٿي؟ عورت ٻڌايو ته اسين ڪينڊا مان آيا آهيون اسان کي اسان جي هڪ دوست ڪاشيءَ جي ٿانون ۽ ٽائيلن جا فوٽو موڪليا هئا اهي ڪلرن سان پينٽ ٿيل ٿانو ۽ ٽائيلو ڏسي منهنجي دل چيو اهيو هلي ڏسڻ گهرجي هوئن به اهڙا ڪلر مونکي تمام گهڻا پسند آهن. هنن ٿانون کي ڏسي لڳي ٿو ته اڄ جي دور ۾ اهڙيون شيون گهٽ اچي بچيون آهن ۽ اسان کي اهڙن ڪاريگرن ۽ هنر جو قدر ڪرڻ ڪپي.
هونئن ته دنيا ۾ ڪيترائي هنر آهن پر هالا جي ڪاشيءَ جو هنر پنهنجي مِٽِ پاڻ آهي ان جي خوبصورتي دل کي ڇوهي ٿي وڃي ۽اها ڪاشي  ڪيترن ئي رنگبرنگي ڪلرن سان پينٽ ٿيل آهي ان جي صفائي ۾ ڪوبه نقس ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ڪاشي لفظ فارسي ٻولي مان ورتل آهي جنهن جي معني آهي ٽائيل ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهيو لفظ وچ عراق جي شهر ڪشان مان ورتل هجي.
هالا شهر تاريخي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو هن شهر۾ ڪاشيءَ جي هنر کي 200 کان 300 سال ٿي ويا آهن هونئن ته ڪاشيءَ جي هنر کي 900 سال گذري چڪا آهن پر هالا جي ڪاشيءَ جو هنر صفائي ۽ خوبصورتي ۾  بي مثال آهي ان جو مثال ڪٿي نه ملندو_عراق ۾ به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ جيئن ملتان، نصرپور ۾ پر اڄ به انهن جي ڪاشيءَ ۾ اها صفائي،خوبصورتي ۽ ڪشش نه آهي جيڪا هالا جي ڪاشيءَ ۾ آهي ان جا مثال هي آهن ته شهيد ذالفقار ڀٽو لائيبرري کي نصرپور جي ڪاشيءَ لڳائي وئي هئي ان کي لهرائي هالا جي ڪاشيءَ لڳرائي وئي ۽ غلام شاه ڪلهوڙي جي مذار تي به هالا ڪاشي سينٽر ڪم ڪيو هو پر انهن جو نالو ختم ڪري نثرپور ڪاريگرن جو نالو مشهور ڪيو ويو ان کان علاوه ملتان ۾ به هالا جي ڪاشي لڳندي آهي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهن ٻين شهرن جي ڪاشيءَ کي رجيڪٽ ڪيو آهي.
هالا  جا ڪاشيگير ڪيتريون ئي شيون ٺاهيندا آهن مثال طور گلدان ننڍو وڏو وچولو، ديوار وارو گلدان، ماشاالله واري پليٽ، ڊنر سيٽ، واٽر سيٽ، ٽي سيٽ، مور، هاٿي، ڪبوتر، جھرڪي، ڍڳو، گول ڪونڊيون، چڪور ڪونڊيون، ڇهن ڪنڊن واريون ڪونڊيون، مسجد جا مينار جنهن جا 3،8،10 پيس هوندا آهن ۽ مسجد جي نيل جا 6 پيس هوندا آهن ٽائيل جا قسم ريزو، ڪٽورڪ ۽ باڊر ٽائيل به ٺاهيندا آهن.
هالا جي ڪاشيءِ ڪاريگرن جو چوڻ هو ته هنن سڀني شين کي مختلف مٽين ۽ ڪيمڪلن جي مدد سان ٺاهيندا آهيون ٽائيل ٺاهڻ لاءِ مِٽي سنڌو درياءُ مان آڻيندا آهيون جيڪا اڇي ۽ صاف هوندي آهي. ڳاڙهي مِٽِي سيوڻ جي لال باغ مان آڻيندا آهيون انهيءَ مِٽيءَ کي پونڊر ڪري ٽائيل تي هڻندا آهيون ٿانون کي ٺاهڻ جا مختلف فريم هوندا آهن ۽ ٽائيل کي ڪٽڻ لاءِ بونامي فريم استعمال ٿيندو آهي اهو فريم رکي چاقو جي مدد سان ڪٽنگ ڪندا آهيون ان کان پوِءِ ٽائيل کي 24 ڪلاڪ ڇانوءِ ۾  ۽ 3 ڏينهن اس ۾ رکندا آهيون ان کان پوءِ ٽائيل تي اٽي جو ليپ هڻندا آهيون پوءِ استر جيڪو اروڙ جبل مان آڻيندا آهيون ان کي گرينڊر ۾ وجهي پونڊر ٺاهي ان کي ڇانڻي ان جو ليپ ٽائيل تي هڻندا آهيون ته جيئن اهو چڪمڪ وانگر چمبڻي وڃي.
ان کان پوءِ ان جي پينٽنگ ٿيندي آهي پينٽنگ ۾ مختلف قسم جا ڪيميڪل استعال ٿيندا آهن مثال طور ڪابائيڊ آڪسائيڊ، ڪاپرآڪسائيڊ، ڳاڙهو آڪسائيڊ، ڪارو پونڊر، ڳاڙهو لينڊ، چڪمڪ پٿر، ميٽوڙي کڙي، اڇي کڙي، سنڌور ۽ چوڙين جا مختلف ڪلر سڀ ڪيمڪل ملائي پنهنجو ڪلر ٺاهيندا آهن ڪاريگر جو چوڻ هو ته اسين ٽائيل تي هڪ ته پنهنجي ذهن سان گل ٺاهيندا آهيون ٻيو وري ڪي ماڻهو فوٽو کڻي ايندا آهن ته اسان کي ههڙي گلن جي ڊزائين ٺاهي ڏيو ان کان پوءِ ٿانون ۽ ٽائيل کي هڪ ڏينهن بٺي (خورو) ۾ وجهڻ لاِءِ لڳندو آهي هڪ ڏينهن باه ٻارڻ لاءِ لڳندو آهي جيڪا 800 ٽيمپريچر تائين هوندي آهي اهو ٽيمپريچر ڪنهن اوزار سان نه پر انساني اک سان سمجهي ماپيندا آهن باه  ٻارڻ لاءِ 30 مڻ ٻٻر جو ڪاٺ استعمال ٿيندو آهي جيئن ڪارو دونهون ٿانو يا ٽائيل ڪارا نه ڪري سگهي 3 ڏينهن ڪاشيءَ جي سامان کي ٿڌي ٿيڻ ۾ لڳندو آهي
هالا شهر پنهنجي هنر جي شاهورڪاري جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ڪيترين ئي صدين کان دنيا جي مختلف هنڌن کان ماڻهو هالا جو هنر ڏسڻ ايندا آهن ۽ اهيو هنر سنڌ جي ثقافت ۾ شمار ٿئي ٿو پر اڄ به حڪومت جي ان تي توجه نه آهن ان جي نتيجي ۾ هالا شهر ۾ 6 کان 7 ڪاشيءَ جا ڪارخانه وڃي بچا آهن اتان جي سينئر ڪاشيءَ جي ڪاريگر ” غلام عباس سومري“ ٻڌايو ته هالا جي ڪاشي سنڌ جي سڃاڻپ آهي آئون ڪيترين ئي ملڪن مان انهيءَ ڪاشيءَ جي هنر جي ڪري گھمي آيو آهيان ۽ اسين ڪاشيءَ جو سامان جرمني، لنڊن، فرانس، پيئرس ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ڪراچي، اسلام آباد، ملتان، لاهور، جيڪب آباد ۾ موڪليندا آهيون اسان وٽ ڪيترن ئي يونيورسٽين مان شاگرد رسرچ ڪرڻ ايندا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان ماڻهو انٽرويو وٽ ۽ وزٽ ڪرڻ ايندا آهن. ”جميل الدين سومري“ جنهن جو ڪم ڪاشيءَ جو سامان ٺاهڻ لاءِ مٽي تيار ڪرڻ آهي ان جو چوڻ هو ته مون کي 20 سال ٿي چڪا آهن هي ڪم ڪندي هن هنر منهنجا خواب پورا ڪيا آهن ڪڏهن به هالا کان ٻاهر جي دنيا نه ڏٺي هئي پر هن هنر جي ڪري آئون لاهور، ملتان، اسلام آباد ۽ سنڌ جا ڪيترائي شهر گھمي آيو آهيان. ڪاشيءَ جي هنر جي ڪري اسان سان جنرل ڪياني ۽ پاڪستان جو اڳوڻو سپه سالار جنرل راحيل شريف ملڻ آيو اسان ان کي ڪيترائي ٿانو ۽ ٽائيلو ڏيکاريون ان تي جنرل صاحب اسان کان پڇيو ته هي ٽائيل ۽ ٿانو ڪيئن ٺاهيندا آهيون ته اسان جنرل صاحب کي ٻڌايو ته اسان ڪهڙيون ڪهڙيون مٽيون استعمال ڪندا آهيون ۽ پينٽنگ جي ڪلرن لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ڪيميڪلن جي مدد وٺندا آهيون جڏهن جنرل صاحب کي ٻڌايو ته هن سڄي مرحلي کي هڪ هفتو لڳندو آهي ۽ مٽي جي ٺهيل بٺي (خورو) ڏيکاريو ته هوءُ حيرت ۾ پئجي ويا.
ڪاشيءَ جي ڪارخاني جي مالڪ ”نعيم الدين سومري“ جو چوڻ آهي ته هالا شهر جا ماڻهون ڪيترن ئي هنرن ۾ ماهر آهن هتي ڪيترائي هنر ٿيندا آهن مثال طور جنڊي، ڪاشي، اجرڪ، ٽوپي ۽ سوسي ڪپڙو به هتي ٺهندو آهي پر حڪومت جي نظرساني نه هوڻ جي ڪري انهن سڀني شين جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن پر جيڪي بچل سچل ڪاريگر هئا سي به هتان لڏي ويا بس هاڻي وڃي ڪاشيءَ جا ڪارخانا بچا آهن
هڪ ڳاله هتي واضع ڪندو هلا ته هالا جا رهاڪو ڪاشيءَ جو سامان استعمال ۾ نه آڻيندا آهن اگر خريد به ڪندا آهن ته شوپيس وانگر گھر ۾ سينگھاري رکندا آهن.

سومرن کي ڪاشيءَ جو هنر ڪندي چار پيڙهيون گذري چڪيو آهن ائين ٻيون به مقصوص ذاتيون هي هنر ڪنديون آهن مثال طور ارباب، ميمڻ، ڪمڀارهالا پنهنجي هنر ۾ شاهوڪار آهي هن جديد دور ۾ ڪاشيءَ جو قديم هنر انساني ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي ته مٽي به ايتري خوبصورت ٿي سگھي ٿي ۽ سئوين سال گذرڻ جي باوجود مٽيءَ ۾ ايتري طاقت سگھ خوبصورتي برقرار رهي سگهي ٿي. اهيو سوال انساني ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. 



Talk with  consumers and experts etc is missing, Ur observation and quotes of related people are need.Relate some story, if some celebrity has visited this work or some other story



                                   هالا جي ڪاشيءَ جي هنر جي شاهوڪاري                                  

علي احمد ڇڇر


انساني سماج ۾ هنر هڪ باشاه وانگر آهي ۽ انسان جي هٿ جي هنر جي ضرورت هر دور ۾ پيش آئي آهي ۽ اهو هنر جنهن جي شاهوڪاري دنيا ۾ هجي اهوهنر هر انسان جي وس جوڳو نه آهي ۽ ڪجه اهڙا هنر هوندا آهن جيڪي قدرت طرفان تحفو ڏنل هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو سخت محنت ڪري هنر سکندا آهن ته ڪن کي خانداني ورسي ۾ ملندو آهي ته ڪي وري پنهنجي ذهن سوچ ۽ عقل سان ان هنر کي تخليق ڪندا آهن وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ ان تخليق ۾ خوبصورتي ٿيندي رهندي آهي ۽ اها خوبصورتي انساني ذهن کي پنهنجي طرف مائيل ڪندي آهي.

هونئن ته دنيا ۾ ڪيترائي هنر آهن پر هالا جي ڪاشيءَ جو هنر پنهنجي مِٽِ پاڻ آهي ان جي خوبصورتي دل کي ڇوهي ٿي وڃي ۽اها ڪاشي  ڪيترن ئي رنگبرنگي ڪلرن سان پينٽ ٿيل آهي ان جي صفائي ۾ ڪوبه نقس ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ڪاشي لفظ فارسي ٻولي مان ورتل آهي جنهن جي معني آهي ٽائيل ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهيو لفظ وچ عراق جي شهر ڪشان مان ورتل هجي.
هالا شهر تاريخي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو هن شهر۾ ڪاشيءَ جي هنر کي 200 کان 300 سال ٿي ويا آهن هونئن ته ڪاشيءَ جي هنر کي 900 سال ٿي ويا آهن پر هالا جي ڪاشيءَ جو هنر صفائي ۽ خوبصورتي ۾  بي مثال آهي ان جو مثال ڪٿي نه ملندو_عراق ۾ به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ جئين ملتان، نثرپور پر اڄ به انهن جي ڪاشيءَ ۾ اها صفائي،خوبصورتي ۽ ڪشش نه آهي جيڪا هالا جي ڪاشيءَ ۾ آهي ان جا مثال هي آهن ته شهيد ذالفقار ڀٽو لائيبرري کي نثرپور جي ڪاشيءَ لڳائي وئي هئي ان کي لهرائي هالا جي ڪاشيءَ لڳرائي وئي ۽ غلام شاه ڪلهوڙي جي مذار تي به هالا ڪاشي سينٽر ڪم ڪيو هو پر انهن جو نالو ختم ڪري نثرپور ڪاريگرن جو نالو مشهور ڪيو ويو ان کان علاوه ملتان ۾ به هالا جي ڪاشي لڳندي آهي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهن ٻين شهرن جي ڪاشيءَ کي رجيڪٽ ڪيو آهي.

هالا  جا ڪاشيگير ڪيتريون ئي شيون ٺاهيندا آهن مثال طور گلدان ننڍو وڏو وچولو، ديوار وارو گلدان، ماشاالله واري پليٽ، ڊنر سيٽ، واٽر سيٽ، ٽي سيٽ، مور، هاٿي، ڪبوتر، جھرڪي، ڍڳو، گول ڪونڊيون، چڪور ڪونڊيون، ڇهن ڪنڊن واريون ڪونڊيون، مسجد جا مينار جنهن جا 3،8،10 پيس هوندا آهن ۽ مسجد جي نيل جا 6 پيس هوندا آهن ٽائيل جا قسم ريزو، ڪٽورڪ ۽ باڊر ٽائيل به ٺاهيندا آهن.
Put following quotes from mouth of Karigar
هنن سڀني شين کي مختلف مٽين ۽ ڪيمڪلن جي مدد سان ٺاهيندا آهن ٽائيل ٺاهڻ لاءِ مِٽي سنڌو درياءُ مان آڻيندا آهن جيڪا اڇي ۽ صاف هوندي آهي. ڳاڙهي مِٽِي سيوڻ جي لال باغ مان آڻيندا آهن انهيءَ مِٽيءَ کي پونڊر ڪري ٽائيل تي هڻندا آهن ٿانون کي ٺاهڻ جا مختلف فريم هوندا آهن ۽ٽائيل کي ڪٽڻ لاءِ بونامي فريم استعمال ٿيندو آهي اهو فريم رکي چاقو جي مدد سان ڪٽنگ ٿيندي آهي ان کان پوِءِ ٽائيل کي 24 ڪلاڪ ڇانوءِ ۾  ۽ 3 ڏينهن اس ۾ رکندا آهن ان کان پوءِ ٽائيل تي اٽي جو ليپ هڻندا آهن پوءِ استر جيڪو اروڙ جبل مان آڻيندا آهن ان جو پونڊر ٺاهي انکي ڇانڻي ان جو ليپ ٽائيل تي هڻندا آهن ته جيئن اهو چڪمڪ وانگر چمبڻي وڃي
ان کان پوءِ ان جي پينٽنگ ٿيندي آهي پينٽنگ ۾ مختلف قسم جا ڪيميڪل استعال ٿيندا آهن مثال طور ڪابائيڊ آڪسائيڊ، ڪاپرآڪسائيڊ، ڳاڙهو آڪسائيڊ، ڪارو پونڊر، ڳاڙهو لينڊ، چڪمڪ پٿر، ميٽوڙي کڙي، اڇي کڙي، سنڌور ۽ چوڙين جا مختلف ڪلر سڀ ڪيمڪل ملائي پنهنجو ڪلر ٺاهيندا آهن ان کان پوءِ ٿانون ۽ ٽائيل کي هڪ ڏينهن بٺي (خورو) ۾ وجهڻ لاِءِ لڳندو آهي هڪ ڏينهن باه ٻارڻ لاءِ لڳندو آهي جيڪا 800 ٽيمپريچر تائين هوندي آهي اهو ٽيمپريچر ڪنهن اوزار سان نه پر انساني اک سان سمجهي ماپيندا آهن باه  ٻارڻ لاءِ 30 مڻ ٻٻر جو ڪاٺ استعمال ٿيندو آهي جيئن ڪارو دونهون ٿانو يا ٽائيل ڪارا نه ڪري سگهي 3 ڏينهن ڪاشيءَ جي سامان کي ٿڌي ٿيڻ ۾ لڳندو آهي
هالا شهر پنهنجي هنر جي شاهورڪاري جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ڪيترين ئي صدين کان دنيا جي مختلف هنڌن کان ماڻهو هالا جو هنر ڏسڻ ايندا آهن ۽ اهيو هنر سنڌ جي ثقافت ۾ شمار ٿئي ٿو پر اڄ به حڪومت جي ان تي توجه نه آهن ان جي نتيجي ۾ هالا شهر ۾ 6 کان 7 ڪاشيءَ جا ڪارخانه وڃي بچا آهن اتان جي سينئرڪاشيءَ جي ڪاريگر ” غلام عباس سومري ٻڌايو ته هالا جي ڪاشي سنڌ جي سڃاڻپ آهي آئون ڪيترين ئي ملڪن مان انهيءَ ڪاشيءَ جي هنر جي ڪري گھمي آيو آهيان ۽ اسين ڪاشيءَ جو سامان جرمني، لنڊن، فرانس، پيئرس ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ڪراچي، اسلام آباد، ملتان، لاهور، جيڪب آباد ۾ موڪليندا آهيون اسان وٽ ڪيترن ئي يونيورسٽين مان شاگرد رسرچ ڪرڻ ايندا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان ماڻهو انٽرويو وٽ ۽ وزٽ ڪرڻ ايندا آهن ڪيتراني جرنل ڪرنل اسان سان هن هنر جي ڪري ملڻ آيا.
هالا پينهجي هنر ۾ شاهوڪار آهي هن جديد دور ۾ ڪاشيءَ جو قديم هنر انساني ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي ته مٽي به ايتري خوبصورت ٿي سگھي ٿي ۽ سيوئن سالن کان پوءِ به مٽيءَ ۾ ايتري طاقت سگھ خوبصورتي برقرار ٿي سگھي ٿي

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised