Arslan Qureshi MC2k17-19-Revised
Revised
ڳوٺن مان ٽانگن جي گهٽجڻ جو رجحان
ارسلان قريشي
Roll No:2k17/MC/19
هن هيڏي ساري ڪائنات ۾ جيڪي به شيون موجود آهن اهي عروج ۽
زوال ڏسنديون رهيون آهن، اهو زندگي جي ارتقا جو عمل آهي، انسان هونئن به هميشه
بهتر سهولتن جو گهرجائو رهيو آهي، انهي ڪري هن پنهنجي لاءِ هميشه سٺي کان سٺي چونڊ
پئي ڪئي آهي، وقت جا ڪانٽا ڏينهن، هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين کي تبديل ڪندا رهيا
آهن پر اهي به انساني زندگي ۾ به انيڪ تبديليون آڻي ويا آهن، پاڻ جيڪڏهن ماضي ڏي
نظر ڊوڙايون ته پاڻ کي جيڪا شاهي سواري ملي ٿي اها ٽانگي گاڏي ئي آهي، اها الڳ ڳالهه
آهي جو هاڻي ان شاهي سوار جي قدر گهٽجي وئي آهي، هاڻي گهوٽ ڪنوار کي بگي تي نه پر وڏين
گاڏين ۾ آندو وڃي ٿو پر تڏهن به ڪي قدر دان اڄ به خاص موقعن تي ٽانگي گاڏي جو
استعمال ڪن ٿا، ٽانگي گاڏي جو زوال انهي ڪري شروع ٿيو جو وقت جي تيزي صفري سهولتون
وڌائي ڇڏيون، ماڻهن جلدي منزل تي پهچڻ لاءِ قديمي سواري بدران جديد سوارين کي ترجيح
ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ٽانگي کي سواري طور استعمال ڪرڻ وارو رجحان گهٽجي ويو، اهڙي طرح ٽانگي
مان بيروزگار ٿيا ته اهي وڃي ٻين نوڪرين سان لڳا، يا وري ٽانگا هلائيندڙن پنهنجي
اولاد کي پڙهايو ته انهن ٻين شعبن کي ترجيح ڏني، بچت گهٽ هجڻ جي ڪري ڪيترن ماڻهن
ٽانگا هلائڻ ڇڏي ڏنا، پراڻي عشق وانگر ڪجهه ماڻهو اڄ به ٽانگا هلائيندا اچن پيا، ٽانگي
جي سواري جو عروج جو اندازو ٽانگي جي عروج واري دور جي فلمن مان به لڳائي سگهجي
ٿو، ڇو ته ان دور ۾ جن گيتن مقبوليت ماڻي انهن ۾ ”مين هون مرد ٽانگي والا، مجهي
دشمن ڪيا ماريگا، ميرا دوست هي اوپر والا“ ۽ ”ٽانگي والا خير منگدا“ شامل آهن، برطانيا،
آئيرلينڊ، آمريڪا ۽ روس ۾ اڄ به ٽانگي جي سواري کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، نيپال ۾
ٽانگي کي قومي سواري جو درجو مليل آهي، نيپال ۾ جڏهن به ڪو وزير ٿيندو آهي ته کيس ٽانگو
۽ گهوڙو پڻ ڏنو ويندو آهي، جيڪو ان تي چڙهي آفيس اچڻ جو پابند هوندو آهي، برطانيا
۾ شاهي خاندان ٽانگي جو استعمال ڪندو آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ٽانگو موڪلائيندو
پيو وڃي، ڪجهه خاندانن وٽ گهوڙا شوق ۾ پالين ضرور پيا پر ٽانگي کي عام سواري طور
استعمال ڪرڻ وارو رجحان نه هجڻ جي برابر ئي وڃي بچو آهي، ڪٿي ڪٿي ٻهراڙي وارن
علائقن ۾ اڄ به ٽانگي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ايندڙ وقت ۾ ٽانگو ماضي جو قصو
بڻجي ويندو، ڇو ته مصروفيتن جي جهان ۾ وڃائجي ويل ماڻهن کي وقت شايد ايتري فرصت ئي
نه ڏيندو ته هو شاهي سواري تي ٻيهر سوار ٿيڻ لاءِ سوچي سگهن.Is this feature or article? U should mention it in text file. No proper file name. Next time item sent in such manner will not be considered.
Some figure, concrete reference are required. Thru some news or incident make this current and relevant
ڳوٺن مان ٽانگن جي گهٽجڻ
جو رجحان
ارسلان قريشي
Roll No:2k17/MC/19
جڏهن دنيا ۾ وهيل جو وجود آيو ته انسان ذات ان وهيل
کي ڏسي سواري جا ڪيترائي نوان ذريعا پيدا ڪيا، انهن مان هڪ ذريعو ٽانگو به هو. هي انهن ڏينهن
جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا شهر ۾ ٽي ڦيتا رڪشا نه پهتا هئا، شهر جا روڊ رستا ڪشادا ۽
صاف هوندا هئا، انهن ڏينهن ۾ سواري لاءِ ماڻهو ٽانگو استعمال ڪندا هئا، ٽانگن لاءِ
وچ شهر ۾ هڪ بگي اسٽاپ هوندو هو، جتان هر وقت بگيون ۽ ٽانگا هلندا هئا، نامياري
ليکڪ منظوري جوکئي لاڙڪاڻي شهر جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻي ”آيو جو گهوڙو“ کي پڙهيو ته
مون کي لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ وارو لاڙڪاڻو ياد اچي ويو، جڏهن لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي
صرف ٽانگا ۽ سائيڪلون نظر اينديون هيون، جنهن شيءِ کي اڄ اسين پبلڪ ٽرانسپورٽ چئون
ٿا سا تنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر اهي بگيون ۽ ٽانگا ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ هئا ۽
اهي ٽانگا ڏاڍا سينگاريل ۽ سهڻا به هوندا هئا، شام جو ڪي ماڻهو بگي تي چڙهي لاهوري
ريگيوليٽر وٽ، رائيس ڪئنال جي ڪپر تي تفريح لاءِ ويندا هئا، ته ڪي وري پنهنجن
ننڍڙن ٻارن کي ٽانگي تي سوار ڪرائي تجر باغ جنهن کي هاڻي جناح باغ چيو وڃي ٿو جي
در تي اچي لهندا هئا، ڳوٺن ۾ رهندڙ زميندارن ۽ وڏيرن وٽ به ذاتي سواري لاءِ ٽانگا
هوندا هئا، جيستائين شهر ۾ رڪشائون نه آيون تيستائين شهر جو ماحول صاف سٿرو ۽
پرسڪون رهيو، لاڙڪاڻي شهر ۾ پهريون رڪشا 1943ع ۽ 1944ع ڌاري نظر آيو، ڪجهه ڏينهن
تائين اهو هڪڙو رڪشا شهر ۾ هلندو رهيو، جنهن کانپوءِ وقفي وقفي سان ڪجهه ٻيا رڪشا
به شهر ۾ اچي ويا، جڏهن رڪشائن جو رجحان وڌڻ لڳو ته هڪ ڏينهن رڪشائن جي خلاف هڙتال
ٿي وئي ۽ سوين ٽانگا وي آءِ پي روڊ تي ڊي سي آفيس آڏو وڃي بيهاريا ويا پر وريو
ڪجهه به نه، وقت سان گڏ رڪشائن جو تعداد به وڌندو ويو، پوءِ اهو انگ سون کان هزارن
تائين وڃي پهتو، ان ڪري ٽانگي وارن پورو ڀاڙو وٺڻ بدران في ماڻهو جي حساب سان ڀاڙو
وٺڻ شروع ڪيو ۽ بندر روڊ تي ٽانگا اسٽينڊ آباد رهيو ۽ پوءِ جڏهن چائنا کان آيل
چنگچي رڪشا وڌيا ته انهن به لاڙڪاڻي شهر ۾ ٽانگن جيان في سواري جو ڀاڙو وٺڻ شروع
ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽانگن جو خاتمو شروع ٿيو، ان ڪري ڪيترن ئي ٽانگن وارن پنهنجا
ٽانگا کپائي چنگچي رڪشا وٺڻ شروع ڪيا.
اسان ته
پنهنجن ڪيترين سهڻين روايتن کي وساري ڇڏيو آهي، جن ۾ ٽانگي سواري به شامل آهي پر برطانيا
جي شاهي خاندان جا فرد ڪجهه خاص موقعن تي اڄ تائين بگي ۾ نظر اچن ٿا ۽ گهوڙي سواري
به ڪن ٿا، گهوڙي کي شان ۽ بهادري جي علامت سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري دنيا جي ڪيترن
ئي وڏن چترڪارن گهوڙي کي پنهنجي فن جو موضوع پڻ بڻايو آهي، ساڳئي وقت سنڌي ٻولي ۾ شاعري
۾ به گهوڙي جو ذڪر شان ۽ شوڪت سان ڪيو ويو آهي.
Comments
Post a Comment