Abdul Hafeez bhutto خيرپور جون کجيون
Abdul Hafeez bhutto BS-lll feature-Revised
extend
روائيزڊ فيچر
عبدالحفيظ ڀٽو
رول نمبر (2) بي_ايس_پارٽ ٿري خيرپور جون کجيون
کجين کي هميشه
دنيا جي تقريبن ثقافتن ۽ مذهبن ۾ تمام
گهڻي اهميت حاصل آهي ان ڪري دنيا جي هن سڀني ميون جي سردار جي حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو ته کجين جي تاريخ جي باري ۾ قرآن
پاڪ ۾ ويهه دفعا ذڪر ٿيو آهي ۽ ان کان علاوه پيغمبرن جون ڪيتريون ئي حديثون پڻ آهن
هن بهترين غذائيت واري ميوي کي پوري دنيا جي شاعرن پنهنجي شاعرئ ۾ پڻ ڳايو آهي ان
تي ڪنهن شاعر چيو آهي ته کجيون يعني کهجور ۽ مڇي شهنشاهه کاڌا آهن. جيئن ته الله پاڪ هن دنيا کي ڪيترو ته وسيع ۽ ڪيترو نه خوبصورت ڪري بڻايو
آهي ۽ پنهنجي قدرت جي جلون سان وري ان ۾ مختلف قسمن جا ميوات پڻ پيدا ڪيا اٿس الله پاڪ جي هن سهڻي دنيا جي اندر ڪنهن به ميوات
جي ڪمي ته نه آهي پر هن دنيا تي انسانن جي اچڻ کانپوءِ هن پوري دنيا کي
ستن(7) کنڊن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهن ستن کنڊن کي وري مختلف ملڪن ۾ ملڪن
کي صوبن ۽ شهرن ۾ ورهايو ويو آهي اهڙي طرح خدا جي خلقيل ميوات به ورهائجي وئي آهي، هاڻي ڳالهه ڪجي ٿي خدا جي
طرفان ڏنل ميوات مان هڪ کجئ جي جيڪا نه صرف هڪ ميوات ئي آهي بلڪي خدا جي پياري
حبيب اسان جو پيارو نبي کجئ جي ميوات کي پڻ تمام گهڻو پسند فرمائيندا هئا ايتري قدر جو نبي سائين رمضان مبارڪ جو روزو هڪ کجئ
جي قتل سان افتار ڪرڻ فرمائيندا هئا پياري
نبئ جي سنت تي عمل ڪندي اڄ به ان جي پوري امت مسلمه رمضان جو روزو کجئ جي قتل سان افتار
ڪندي آهي. ان کان علاوه کهجور کائڻ سان صحت جا به تمام گهڻا فائدا پڻ آهن. ڇاڪاڻ
ته کهجور ڪاربوهائيڊريٽ، معدنيات ۽ وٽامن سان مالامال هوندي آهي جنهن جي ڪري هي
معياري کاڌو وڏي اهميت رکي ٿو. هاڻي اچون ٿا خيرپور ميرس تي جيڪو سنڌ جي تاريخ پڻ
آهي جتي ٽالپرن ۽ ميرن جي حڪومت پڻ رهي
آهي جتي مشهور ميوات ، تاريخي جايون جهڙوڪ
فيز محل ۽ ڪوٽ ڏيجي جو تاريخي قلعو ۽
ميوات ۾ خيرپور جون کجيون تمام گهڻيون مشهور آهن. سو هاڻي ڳالهه ڪجي ٿي خيرپور جي کجين جي جيڪو
کجين جي پيداوار جي لحاظ سان سنڌ ۾ پهريون
نمبر آهي ۽ پنهنجي ملڪ بلڪي ٻين ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ کجين جي ڪري
چڱئ طرح سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. جيئن ته کجيون ته تقريبن هر ملڪ ۾ ٿين ٿيون ڪٿي
گهٽ ٿين ٿيون ته ڪٿي وري وڌيڪ ٿين ٿيون پوري
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کجيون سعودي عرب، عراق، ايران، اجيپٽ،۽ پاڪستان ۾ ٿين ٿيون. پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ تمام گهڻيون کجيون پيدا
ٿين ٿيون جيڪو پاڪستان جو 50% کجئ پيدا ڪرڻ وارو صوبو آهي جنهن ۾ سنڌ جي ٽوٽل 50% پيداوار مان 90% کجئ جي پيداوار خيرپور ميرس ۾ ٿيئي ٿي. خيرپور ۾ هزارين ايڪڙن تي
مشتمل کجين جا باغات آهن هن وقت خيرپور ۾(
36586) ايڪڙن تي مشتمل کجين جا باغات آهن جنهن جي ڪري خيرپور ميرس کي کجئ جي پيداوار
جو مرڪز پڻ چيو ويندو آهي خيرپور ميرس کجئ
جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. خيرپور جي
تاريخ ۾کجئ جي پيداوار 1930ع ۾ سکر
بئراج جي ٺهڻ کانپوءِ کجئ جي کيتي باري ۾ تمام وڏي پيماني تي اضافو ٿيو، جنهن جي
نتيجي ۾ اڄ اسان جي اکين آڏو تمام وسيع ايراضئ تي پکڙيل کجين جا باغات آهن. جيئن
ته پاڪستان ۾ (160) قسمن جي کجئ جون
ويرائٽيون ٿين ٿيون جن ۾ اسيل، زاهدي، فصلي، ماضاوتي، ڌهڪي، ڪربلائڻ، بيگم جنگي،
داگهه، ٽوٽا، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قسمن جون کجيون ٿين ٿيون انهن کجين ۾ سڀ کان مزيدار ذائقي واري کجي اسيل جيڪا خيرپور ميرس
۾ تمام گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي هن قسم جي کجي
تقريبن 85% خشڪ هوندي آهي ۽ خشڪ هجڻ
جي ڪري ئي هنن مان ڇوهارا تيار ڪيا ويندا آهن. انهن مان گهڻو حصو خاص ڪري ٻاهرين
ملڪن ڏانهن وڪرو ڪيو ويندو آهي. هي کجيون
خاص ڪري پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ انڊيا، سريلنڪا، ۽ بنگلاديش ۾ ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون.
ان کان علاوه يورپي ملڪن ۾ پڻ وڏي پيماني تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي بدلي ۾ ٻيون شيون گهرايون وڃن ٿيون. ان
کان علاوه خيرپور ۾ جڏهن کجين جي لاابارن يعني ڪٽائي جي مند ايندي آهي ته هر طرف
هڪ سونهري رنگ جو منظر نظر ايندو آهي جيڪو
هڪ تمام گهڻو دل کي وڻندڙ نظارو هوندو آهي ۽ انهي سونهري رنگ جي وڻندڙ نظارن ۾ ڪيترا ئي ڪڙمي ڪم ۾ رڌل نظر ايندا
آهن. ان کان علاوه خيرپور جون کجيون نه صرف خيرپور جي معيشت ۾ اضافو ڪن ٿيون پر ان
سان گڏوگڏ مزدورن جي لاءِ روزگار جو هڪ تمام وڏو ذريعو پڻ آهن، خيرپور ۾ هئ کجين
جي مند انهن سڀني ڪڙمين جي لاءِ هڪ عيد وانگر آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن به خيرپور ۾ کجين جي مند قريب اچڻ
واري هوندي آهي ته هي مزدور تبقو روزگار
جي حصول سان پوري ملڪ يعني ملڪ جي چئني صوبن مان جهڙوڪ پنجاب، بلوچستان، ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري اچي خيرپور ميرس جي کجين جي
ويجهي وارن علائقن ۾ اچي رهائش پذير ٿيندا آهن. اهي ڪڙمي نه صرف اڪيلا بلڪه پنهنجي پوري فيملي
سميت خيرپور جي باغن ۾ روزگار جي حصول سان ڪمائڻ جي لاءِ اچن ٿا اهي تقريبن مئي مهيني جي آخر ۾ خيرپور جي باغن ويجهو رهڻ جي
لاءِ اچن ٿا ۽ آخر جڏهن انهن ڪڙمين جي عيد اچي ويندي آهي ته اتي ڪجهه مزدور پنهنجي ڪلهن
تي کجور کڻندي نظر ايندا آهن جنهن سان اهي هر روز تقريبن 350 رپين تائين ڪمائن ٿا ۽ وري انهن مان ڪجهه بورچي خانن ۾ ڪم ڪندي نظر
ايندا آهن جيڪو هڪ سج جي تيز روشني هيٺان باهه جي تيز تپش وارو
ڏکيو ڪم پڻ هوندو آهي جنهن ۾ اهي کهجورن
کي باهه جي مٿان هڪ گرم تئئ ۾ گرم ڪندا
آهن ۽ پوءِ انهن مان وري ڇوهارا تيار ڪيا ويندا آهن جنهن ۾ ان مزدور کي هر روز (500)
رپيا ملن ٿا. ان کان علاوه اتي سڀ کان ڏکيو ڪم کجئ تي مٿي چڙهي ان مان فروٽ ڪٽڻ جو
آهي جيڪو هڪ پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهڻ وارو ڪم هوندو آهي جنهن ۾ ان مزدور کي صرف (700) رپيا ڏنا ويندا آهن. ان
کان علاوه اتي سڀ کان گهٽ مزدوري عورتن جي آهي ٻيو ته اهي مزدور جيڪي بورچي خانن ۾ باهه
جو ڪم ڪن ٿا اگر جيڪڏهن ان ڪم جي دوران
ڪنهن سان ڪو باهه لڳڻ جو ڪو مسئلو يا ڪو حادثو پيش اچي ويندو آهي ته ان جي دوران
اتي ڪنهن به قسم جي ميڊيڪل سهولت موجود نه هوندي آهي جنهن سان انهن حادثن تي ايمرجنسي
ڪنٽرول آڻي سگهجي. اهڙي طرح جڏهن اها کجين
جي مند پوري ٿي ويندي آهي ته هي سڀئي ڪڙمي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن واپس لڏپلاڻ
ڪري هليا وڃن ٿا. ان کان علاوه
جڏهن به خيرپور ۾ کجين جون مندون اينديون آهن، ته ڪيترا ئي ننڊا وڏا واپاري پڻ خيرپور ميرس مان کجيون خريد ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ پوءِ هتان کجيون
خريد ڪري پاڻ بين الااقوامي مارڪيٽن ۾ وڪري جي لاءِ کڻي ويندا آهن. خيرپور ۾ کجين جي ڪٽائي واري مند ۾ 48 ڊگري سينٽي
گريڊ تائين گرمي جي درجه حرارت هوندي آهي کجين
جي هئ ڪٽائي واري مند خيرپور ۾ جون جي مهيني ۾ شروع ٿيئي ٿي ۽ تقريبن آگسٽ مهيني جي
وچ تائين هلي ٿي. ان کان علاوه کجئ جي
پيداوار به اتي سٺي ٿيئي ٿي جتي گرمي جو درجو وڌيڪ هوندو آهي کجئ جو هڪ وڻ 9 سالن
جي عرصي ۾ کجور پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، ۽ هڪ کجي جو وڻ 80 سالن تائين
کجور پيدا ڪري ٿو.ان کان علاوه خيرپور ۾
هزارين ايڪڙن تي پکڙيل باغات ته صرف خيرپور جي سڀني تعلقن ۾ آهن ته پوءِ خيرپور
جون کجيون ڪري ڇو سڏيو ويندو آهي اهو ان جي ڪري جو تعلقي خيرپور ميرس ۾ ٻين سڀني
تعلقن کان وڌيڪ ايراضي تي کجئ جا باغات موجود آهن جنهن جي ڪري ئي خيرپور جون کجيون ڪري سڏيو
ويندو آهي.
عبدالحفيظ ڀٽو
_رول نمبر_2k17-mc-2 بي_ايس_پارٽ_ٿري
خيرپور جون کجون.
دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آهن ۽ انهن جي اندر وري ڪيترائي مختلف نالن سان شهر موجود هوندا آهن.پر جهڙي طرح انسان جي اندر ۾ڪانه ڪا اهڙي خاصيت يا خوبي موجود هوندي آهي جنهن سان اھو معاشري ۾ ڄاتو ۽ سڄاتو وڃي ٿو.اهڙي ريت وري شهرن ۾ به ڪا نه ڪا شيءِ هوندي آهي پوءِ اها فروٽ هجي يا ڪا ميوات تاريخي جڳھ هجي يا ڪا ٻي شي جنهن جي ڪري انهن مختلف شهرن جي الگ الگ شين سان سڃاڻپ هوندي آهي. جهڙي طرح لاڙڪاڻي جي مشهور ميوات زيتون آهن ۽ ميرپور خاص جي مشهور ميوات انب آهن، اهڙي ريت وري خيرپور جي مشهور ميوات کجيون آهن.
هون به خيرپور ۾ ٻيون ڪيتريون ئي شيون تاريخي جايون موجود آهن جئين تاريخي جڳهن ۾ ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو آهي، جيڪو پڻ خيرپور جي سڃاڻپ آھي, پر ان کان وڌيڪ خيرپور کي کجين جي نسبت سان تمام گهڻو سڃاتو وڃي ٿو، جيڪي کجيون نه صرف پوري سنڌ بلڪي پوري ملڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ خيرپور جون کجيون مشهور آهن. کجين جي موسم ۾ سڄي ملڪ مان مختلفر شهرن مان ڪيترائي ماڻهون هتي جي باغن ۾ گهمڻ ۽ سير ڪرڻ ايندا آهن. اتي باغن ۾ موجود گهمڻ ايندڙ ماڻهن جو چوڻ هو ته اسين هر سال کجين جي مند ۾ خيرپور ۾ باغن جو مزو وٺڻ لاءِ ايندا آهيون ۽ اسان کي هتي تمام گهڻو مزو ايندو آهي.اسين هتان ڪيترن ئي قسمن جون کجور کائي ۽ کڻي پڻ ويندا آهيون ان کان علاوه خيرپور جي باغن ۾ انهن گهمڻ ايندڙ ماڻهن کانسواءِ اتي ڪيترائي واپاري ۽ ٻيا ڪم ڪندڙ ماڻهون پڻ نظر آيا. جڏهن اسين اتي موجود واپارين سان ملياسين ته انهن ٻڌايو ته اسان هتان خيرپور مان کجور خريد ڪري ٻين ملڪن ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ کڻي ويندا آهيون ۽ اسان جي مند ۾ واپار جي سلسلي ۾ ايندا آهيون.انهن واپارين جو وڌيڪ چوڻ هو هو ته هتي خيرپور ۾ صرف هڪ واپاري ته بلڪي ڪيترائي واپاري پوري ملڪ مان ايندا آهن ۽ خيرپور مان کجيون خريد ڪري پاڻ ٻين ملڪن ڏانهن وڪرو ڪندا آهن. جڏهن مان انهن موجود واپارين کان اهو پڇيو ته توهان هي کجور ڪٿي وڪري ڪرڻ لاءِ ويندا آهيو؟ ته ان انهن واپارين ٻڌايو ته اسين کهجور ٻاهرين ملڪن ڏانهن جهڙوڪ انڊيا،بنگلاديش دهلي،سريلڪنڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي يورپي ملڪن ڏانهن وڪري جي لاءِ کڻي وڃون ٿا اهڙي ريت اسين اڳتي وڌياسين ته اتي بيٺل کهجور باغ جي مالڪ سان ملياسين ۽ ان کان ڪجھ هنن کجين جي باغ جي باري ۾ پڇيوسين ته ان ٻڌايو ته خيرپور ۾ هزارين پايڪڙن جي ايراضي ۾ کجين جا باغ موجود آهن. جن ۾ ايراضيءَ ۾ کجين ج باغ موجود آهن.جن ۾ ڪيترائي مختلف قسمن جون کجيون آهن انهن ۾ ڪربولائڻ،اسيل،ٻيا ڪيترائي قسم ٿين ٿا.هن وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپور ۾ 80/85 اسيل کهجور جي پيداوار آهي هن اهو ٻه ٻڌايو ته خيرپور سنڌ جو 50/کجيءَ جي پيداوار وارو ضلعو آهي جنهن جي ڪري خيرپور کي کجيءَ جو مرڪز پڻ چيو ويندو آهي ان کان علاوه اتي بورچي خاني نما هڪ جهوپڙي ٺهيل هئي. جتي هڪ بورچي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهون ڪم ڪري رهيا هئا.ته ان تي کجيءَ جو مالڪ وراڻيپ چيو ته اهي ماڻهو بورچي خانن ۾ ڇونهارا تيار ڪري رهيا آهن هن ان تي وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپور ۾ کهجور جو قسم تمام گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿو.جيڪا تمام گهڻي خشڪ هوندي آهي ته اسين انهن کجين مان ڇونهارا تيار ڪندا آهيون پوءِ ٻاهران کان آيل واپاري هتان کان ڇونهارا ۽ ڪچيون کجهورون خريد ڪري ويندا آهن.خيرپور کجين مالڪن جو چوڻ آهي ته خيرپور جي تاريخ ۾ کجيءَ جي پيدوار 1930ع ۾ سکر بئراج جي ٺهڻ کان پوءِ کجيءَ جي کيتي باري ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيو آهي.جيڪي اڄ اسان جي اکين آڏو وسيع ايراضي ۾ پکڙيل کجين جا باغات موجود آهن ان کان علاوه خيرپور جي کجين جي باغن ۾ ڪيترائي مزدور ڪم ڪندي نظر اچن ٿا.جڏهن مان انهن مزدورن کان ڪجھ سوال ڪيا ته انهن ٻڌايو ته اسان هر سال کجين جي مند ۾ پنجاب بلوچستان جي مختلف علائقن کان ڪجھ مهينن جي لاءِ خيرپور ۾ روزگار جي حصول لاءِ ايندا آهيون.۽ اچي خيرپور ۾ کهجور جي باغن ۾ ويجهو رهائش پذير ٿيندا آهيون هنن مزدورن وڌيڪ ٻڌايو ته اسين صبح فجر جو ڪم ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ۽ سج لهڻ تائين ڪم ڪيون ٿا.ان کان پوءِ اتي بيٺل هڪ بورچي خاني ۾ موجود مزدور سان ڳالھ ٻولھ ٿي جتي ھو سج جي تيز روشني ۾ باھ جي تپش ۾ ڪم ڪري رهيو هو ان ٻڌايو ته اسين هن تپش ۾ کهجورن کي گرم ڪندا آهيون ۽ پوءِ انهن کي سج جي روشني تي سڪائي ان مان ڇوھارا تيار ڪندا آھيون هنن مزدورن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن هتي ڪم ڪرڻ جي دوران ڪو ايڪسيڊنٽ يا حادثو ٿيندو آهي ته ان جي لاءِ هتي ڪا به ميڊيڪل سهولت موجود نه هوندي آهي مزدورن جو وڌيڪ چوڻ هو ته کجين جي موسم اسان مزدورن جي لاءِ سون جي برابر آهي ڇاڪاڻ ته هن موسم ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪيترائي مزدور پنهنجي روزگار جي لاءِ ايندا آهن ان کان علاوه ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ جيڪو آف ڊيٽ پلم ريسرچ انسٽيوٽ جو ڊائريڪٽر آهي. جنھن جي ٿيل ريسرچ مطابق خيرپور ۾ %85 خشڪ کجور موجود آھي جن کي هڪ ننڍڙي مرحلي مان گذاري ۽ ان مان ڇوهارا تيار ڪيا ويندا آهن جيڪي انڊيا بنگلاديش سريلنڪا ٻين يورپي ملڪن ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. ان موقعي تي انهن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا جو ڇهين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ کجيءَ جي پيداوار وارو ملڪ آهي جنهن ۾ سڀ کان گهڻي کجيءَ جي پيداوار سنڌ ۾ ٿئي ٿي ان وڌيڪ پڻ ٻڌايو ته سنڌ جو ضلعو خيرپور سنڌ جي ٽوٽل %50 کجيءَ جي پيداور وارو ضلعو آهي،جتي هزارن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل پڻ کجيءَ جا باغات آهن،جنهن جي ڪري خيرپور کي کجيءَ جي پيداوار جو مرڪز پڻ سڏيو وڃي ٿو کجي تــ اسان جي پياري نبي جي پسنديدا پڻ آھي ۽ کجي ايتري تـ اھميت جي حامل آھي جو اسان جو پيارو نبي رمضان شريف ۾ روزو کجئ سان افتار ڪرڻ فرمائيندا ھٔيا ۽ پياري نبي جي اھل امت اڄ ڏينھن تائين روزو کجي سان افتار ڪندا آھن ۽ ٻيو تـ کھجور کائڻ صحت جا بـ ڪيترا ئي فائدا آھن.
روائيسزڊ فيچر
نالو عبدالحفيظ ڀٽو
رول نمبر ايم سي(2)_ بي ايس پارٽ ٿر
1) This was not topic which I approved..This is not feature format, it is like article. 2) feature is always reporting based. This is background / and in that interesting story etc is missing.
3) FIle name is wrong
it should be same as ur subject line. File name should carry ur name also. we
need maximum 600+ words. why u are writing? purpose of writing. Also write ur
name in Sindhi in the text file. ur roll number is missing. Subject line is wrong.
Correct it according to approved outline
Referred back. Send corrected
version till Sunday Feb 2, evening
خيرپور۾کجين جي مند ۽ سونھري رنگ جو منظر! خيرپور پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ کجئ جي پيداوار وارو ضلعو آھي. خيرپور سندھ ۾ ڪراچئ کان (450)ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سکر واري ڊويزن ۾ واقع آھي.خيرپور ضلعو پنھنجي کجئ جي پيداوار جي ڪري پوري ملڪ توڙي بين الاقوامي صطع تي پڻ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.خيرپور ۾ تقريبن 3 لک کان وڌيڪ ايراضئ تي پکڙيل کجين جا باغات آھن جنھنجي ڪري خيرپور کي کجئ جي پيداوار جو مرڪز پڻ چيو وڃي آھي. ان کان علاوا ھتي جئن کجين جي واڍئ جي مند قريب ايندي آھي ت سڄي ملڪ مان واپاري خيرپور ۾ اچي پھچندا آھن ۽ خيرپور مان کجيون خريد ڪري بين الاقوامي ملڪن ڏانھن وڪري لاء کڻي ويندا آھن کجين جي مند ھر طرف سونھري رنگ جو منظر پيش ڪندي آھي ۽ اھو منظر ماڻھن جي لاء تمام گھڻو پر لطف ھوندو آھي. جتي پڻ ڪيترا ئي ڪڙمي ۽ مزدور پنھنجي ڪمن ۾ رڌل نظر ايندا آھن. جيئن ئي کجين جي مند قريب ايندي آھي ت ھي سڀٔي ڪڙمي پنجاب ۽ بلوچستان مان پنھنجن ٻارن سان گڏ روزگار جي حصول لاء خيرپور ۾ ھجرت ڪري ايندا آھن ۽ خيرپور ۾ کجين جي باغن ويجھو اچي رھائش پذير ٿيندا آھن جيڪي ھن تيز سج جي روشنئ ھيٺان سونھري رنگ جي منظر ۾ ڪم ڪندي نظر ايندا آھن. ھئ کجين جي مند ۽ سونھري رنگ جو منظر جولاء واري مھيني کان شروع ٿيندو آھي ۽ سيپٽمبر جي مھيني تائين ھلندو آھي ھي مند ۽ سونھري رنگ جو منظر غريبن جي لا پڻ سون برابر ھوندو آھي جتي ھو غريب تبقي جا ماڻھو پنھنجن ٻارن سان گڏجي مزدوري ڪندا آھن. اھي مزدور فجر کان ئي پنھنجي ڪمن م لڳي ويندا آھن ۽ سج لھڻ تائين ڪم ڪندا آھن. ھن سونھري رنگ جي منظر ۾ ڪوئي مزدور ڏوڏن کي ڇينگن کان ڌار ڪري ٿو ت ڪوئي وري انھن کي صاف ڪرڻ م مشغول آھن ۽ ڪوئي بورچي کاني ۾ بيھي ڇوھارا تيار ڪري ٿو جيڪو انتھائي ڏکيو ۽ خطري وارو ڪم پڻ آھي اگر ان جي دوران ڪنھن مزدور جو ڪو ايڪسيڊنٽ ٿي پوي ٿو ت اتي ڪنھن ب قسم جون ميڊيڪل سھولتون موجود ن آھن کجئ جي موسم ۾ ھي مزدور کجئ ۽ لڪڙي مان ٽوڪريون ٺاھي مختلف اسٽال پـڻ لڳائيندا آھن. ان کان علاوا ھن سونھري رنگ جي منظرڪشئ کي ڏسڻ لا ڪيترائي ماڻھو خيرپور جي باغن ڏانھن ايندا آھن ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوڏا کائي مزو ماڻن ٿا. خيرپور ۾ تقريبن (50) کان وڌيڪ مختلف قسمن جون کجيون موجود آھن جنھن ۾ (اسيل) تمام گھڻي مقدار ۾ موجود آھي. (DPRI) جي تحقيق مطابق کجئ جو ھي قسم %85 خشڪ ھوندو آھي جنھن ڪري ھن مان ڇوھارا تيار ڪيا ويندا آھن ۽ وڪري جي لا پنھنجي ملڪ توڙي بين الااقوامي ملڪن ڏانھن موڪليا ويندا آھن جن ۾ انڊيا سريلنڪا بنگلاديش ۽ ڪيترائي يورپي ملڪ شامل آھن. ڇوھارن کي تيار ڪرڻ جي لا ڏوڏن کي صاف ڪري انھن کي گرم پاڻئ ۾ وڌو ويندو آھي ۽ بعد ۾ انھن کي ستن ڏينھن تائين سج جي روشني ۾ رکيو ويندو آهي جنھن سان اھي ڇوھارن ۾ تبديل ٿي ويندا آھن ان کان علاوا ھتي مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويندا آھن جتي ھر قسم جا ڏوڏا ۽ ڇوھارا رکيا ويندا آھن ان کان علاوا اسٽال ۾ ٻيون ب ڪيتريون ئي شيون رکيون وينديون آهن جيڪي سندھ جي ثقافت کي اجاگر ڪنديون آھن. پاڪستان ۾ ٽوٽل (0.54) ملين ٽن کجئ جي پيداوار آھي جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ صوبي سندھ جي (0.28) ملين ٽن پيداوار آھي. قرآن مجيد ۾ پڻ کجئ جو ذڪر ڪيو ويو آھي اسان جو پيارو نبي ب روزو کجئ سان افتار ڪندا ھيا. جنھن کان پوء اڄ تائين اھل ايمان وارا ماڻھو روزو کجئ سان افتار ڪندا آھن. پاڪستان پڻ دنيا جو (5) نمبر تي سڀ کان وڌيڪ کجئ جي پيداوار وارو ملڪ آھي. کجئ جي ڪاشتڪارين ۽ واپارين جو چوڻ آھي ت جيڪڏنھن حڪومت کجئ جي منڊي ۾ جديد سھولتون فراھم ڪندي ت کجي جي پيداوار ۾ گھڻي حد تائين اضافو ڪري سگھجي ٿو ۽ بين لااقوامي مارڪيٽن مان وڌيڪ ذريعا ڪمائي سگھجن ٿا.
Abdul Hafeez bhutto BS-lll feature
Comments
Post a Comment