Mudasir Chandio BS-III MC13 Feature
دنيا ۾ مختلف ماڻهون رهن ٿا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي به بلڪل مختلف هوندي آهي. پر ائين به چوندا آهن ته هر ملڪ ۾ ۽ هر شهر جي ڪانه ڪا شيءِ مشهور هوندي آهي جيڪي ماڻهون اڪثر ڪري انهن شين کي تفريح جي لاءِ ڏسڻ ايندا آهن. پوءِ ان ۾ ڪا ڏسڻ جي شيءِ اچي وڃي ٿي يا وري کائڻ پيئڻ جي شيءِ هوندي آهي، جيڪڏهن کائڻ پيئڻ جي ڳالھ ڪجي ته هر علائقي ۾منفرد شيون هونديون آهن. جيڪي ماڻهون انهن شين کان امپريس ٿي اتي پهچن ٿا ۽ انهن شين کي وڏي چاھ سان کائين ٿا. پر ڪي ته وري تاريخي شين کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا آهن. پوءِ انهن مان اسان ڪا تاريخي شيءِکڻئون يا وري ساحل سمنڊ جي ڳالهيون ڪيون. يا موئن جي دڙي جو مثال وٺون مطلب هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي شيءِ مشهور هوندي آهي جنهن جي ڪري اسان ان کي وڌيڪ سڃاڻيندا آهيون ۽ اهو نالو اسان کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو آهي. پر کائڻ پئيڻ جي شين جي ڳالھ ڪجي ته هر شهر ۾ پنهنجا پنهنجا لذيذ کاڌا ٿين ٿا. وري فروٽ جي ڳالھ ڪجي ته هر علائقي ۾ فروٽ به بلڪل الڳ ٿئي ٿو،ان ۾ ڊراءِ فروٽ به اچي وڃي ٿو ۽ نرم به اچي وڃي ٿو جيئن بلوچستان صوبي جي شهر ڪوئيٽه ۾بادام اخروٽ ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڊراءِ فروٽ ٿين ٿا ته ائين ئي اسان هتي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾پوري سنڌ جو مشهورفروٽ زيتونن جي ڳالھ ضرورڪنداسين جيڪي نه سنڌ بلڪه پوري پاڪستان۾مشهورآهن.
لاڙڪاڻي جا مشهور زيتون اڪثر ڪري سياري جي موسم ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته گرميءَ جي موسم ۾ بلڪل به ناهن ٿيندا. اگر جي هنن جي پوکائي جي ڳالھ ڪجي ته هي ڦٽي وڏو وڻ ٿئي ٿو ۽ ٻج مان ئي هڪ وڏو وڻ ٿئي ٿو هنن وڻن کي گرمين جي موسم ۾ پاڙن جي کوٽائي ڪري انهن کي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو آهي. ته جئين هو وڌيڪ طاقت وٺي ۽ جئين جئين سيءُ وڌندو آهي ته هن جي وڏي ۾ وڏي ۾ خاصيت آهي اها ته هن جو ڦل ٿلهو ۽ وڏو ٿئي ٿو ۽ زوردار مٺو ٿئي ٿو. زيتون اڪثر ڪري چئن مهينن جي اندر تيار ٿين ٿا ۽ مڪمل لهڻ جي شروعات پنڌرنهن نومبر کان ٿئي ٿي جيڪا تقريبن پنڌرنهن مارچ تائين هلندي آهي. زيتون جئين ئي مارڪيٽ ۾ لهڻ شروع ٿيندا آهن ڄڻ لاڙڪاڻي ۽ ان جي اوس پاس علائقن واري ماڻهن لاءِ عيد ٿي ويندي آهي. هوئنن ته لاڙڪاڻي جا زيتون اڪثر ڪراچي ملتان ۽ ان کان علاوه پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ايڪسپورٽ ٿين ٿا نه صرف شهري ماڻهون پر ٻهراڙي جا به ماڻهون وڏي چاھ سان کائيندا آهن.
. جئين انگلش ۾
هن جا قسم به ٿين ٿا جيڪي ماڻهون مارڪيٽ ۾ نالن سان خريد ڪري وٺندا آهن.ان مان هڪ سنڌڙي جيڪو تمام گھڻو مٺو ٿئي ٿو ۽ گهڻو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندو آهي ۽ سنڌڙي کي اڪثر ڪري ڪامڻ وارا ماڻهون به وڏي شوق سان کائيندا آهن. ڇو ته هي زوردار مٺو هوندو آهي. ان کان علاوه هن جا ٻيا به قسم آهن هڪ ريالي، پيوندي ،حيدرآبادي، ۽ رمضاني، هن جا مشهور پنج قسم آهن جيڪي اڪثر سنڌ کان پوري چئني صوبن۾ مشهور آهن هر هڪ زيتونن جا قسم مختلف ذائقن سان سڃاتا وڃن ٿا. اڪثر ماڻهون زيتون کي فروٽ طور استعمال ڪندا آهن پر ڪي ته وري ڀاڄي رڌي کائين ۽ ڪچا به کائيندا آهن. خاص طور تي ٻهراڙي واري علائقن وارا ماڻهون زيتون کي ڀاڄي طور وڌيڪ استعمال ڪندا آهن اهي ڪچي کائڻ جي بجاءِ وڌيڪ ڀاڄيءَ ۾ استعمال ڪن ٿا. البته هن جي کائڻ جا به هزارين فائدا آهن. جهڙي طرح ڊاڪٽر ڏسيندا آهن ته زيتون کي روز کائڻ سان ڪڏهن به مادي جو مريض نٿو ٿي سگھي.۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهونءَ کي ڪبذي آهي ته اصلي ان جي لاءِ ته هڪ ٽپ آهي. هن جي کائڻ سان ته کوڙ فائدا آهن.ڊاڪٽرن موجب جيڪو ماڻهون هن کي روز کائيندو اهو ماڻهون ڪڏهن به ٿلهو ۽ بيمار نٿو ٿي سگهي.ڇو ته هن ۾ وٽامن سي موجود هوندي آهي. ۽ انسان جي چهري جي لاءِ نهايت ئي مفيد آهي روز کائڻ سان انسان تندرست رهي ٿو. انساني قوت جي لاءِ به کوڙ سارا فائدا آهن.هن جي اهم خاصيت اها آهي ته هي سال ۾ هڪ دفعو ٿيندو آهي هوئنن ته ٻارهين مهينا وڏن مارڪيٽن ڀلي ڇو نه ملن .پر تازي کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي.
هن جا قسم به ٿين ٿا جيڪي ماڻهون مارڪيٽ ۾ نالن سان خريد ڪري وٺندا آهن.ان مان هڪ سنڌڙي جيڪو تمام گھڻو مٺو ٿئي ٿو ۽ گهڻو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندو آهي ۽ سنڌڙي کي اڪثر ڪري ڪامڻ وارا ماڻهون به وڏي شوق سان کائيندا آهن. ڇو ته هي زوردار مٺو هوندو آهي.
لاڙڪاڻو شهر تمام قديمي آهي لاڙڪاڻي جيڪا تاريخ ملي ٿي اها تقريبن سورنهن سئوءُ عيسوي کان شروع ٿئي ٿي. اسان هن جملي مان ضرور اندازو لڳائي سگهون ٿا ته، ان زماني ۾ هيءَ چوڻي مشهور هوندي هئي ته هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ڇو ته ان زماني ۾ وڏا وڏا واپاري ٻيڙن ذريعي واپار ڪرڻ ايندا هيا تنهن وقت کان اهو پهاڪو هلندو پيو اچي .هيءَ ڳالھ ڊاڪٽر بشير جي بڪ ۾ لکيل آهي جنهن جو نالو آهي
( لاڙڪاڻي جي مختصر تاريخ )
پر لاڙڪاڻي جي جيڪا اصل شناخت ڪرائي آهي هوئنن ته لاڙڪاڻو اصل کان مشهور هيو پر اگر اسان لاڙڪاڻي جي تاريخي شين تي نظر وجهنداسين ته جئين موئن جي دڙو گذريل 80 نوي سالن لاڙڪاڻي جو شان وڌايو آهي ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي لاڙڪاڻي شهر کي خدا تعاليٰ انهن شين سان مالا مال ڪيو آهي.جئين لاڙڪاڻي شهر جا زيتون جيڪي پوري پاڪستان ۽ پرڏيهي ملڪن تائين نالو روشن آهي خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ ماڻهون آرڊر تي گهرائيندا آهن اڪثر ڪري لاڙڪاڻي شهر جا ته نالا هوئنن به کوڙ رکيا ويا آهن.پر اڪثر ڪري ٻاهرين علائقن وارا ماڻهون لاڙڪاڻي شهر کي چوندا آهن ته زيتونن جو شهر لاڙڪاڻو. ) جئين ئي سياري جو موسم ويجهو ٿيندي آهي ته ڪراچي ملتان بلوچستان يا مختلف علائقن وارا ماڻهون زيتونن جا باغ گهمڻ ايندا آهن. ڇون ته زيتون جا باغ سون ايڪڙن ۾ ٿين ٿا جيڪي تفريح ۽ گهمڻ جي حساب سان ماڻهن جو مرڪز بڻيل هوندا آهن جئين ئي سياري جي موسم ويجهو ٿئي ٿي ته اڪثر ماڻهون گهمڻ اچن ٿا. چوندا آهن ته جيتري ٿڌ وڌيڪ اوترو باغن ۾ مزو هوندو آهي. ۽ ٻاهريان ماڻهون زيتونن جي باغن مان گهڻو لطف اندوز ٿين ٿا.
تڏهن ته چيو اٿن زيتون کائو ۽ صحت ٺاهيو
نالو؛ محمد مدثر چانڊيو رول نمبر ؛ 130
Comments
Post a Comment