ZUBAIR KHUHRO MC-155

Edited by Ali Ahmed Chhachhar
Comments of editor: no  talked with related people  
no  secondary data
هاسٽل جي زندگي
زبير احمد

سنڌ جي پبلڪ يونيورسٽن ۾ هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيان آهن. انهن شاگردن جي گھڻائي اڪثر ڪري ٻهراڙي جي علائقن کان آهي. شاگردن لاءِ پڙهائي سان گڏوگڏ رهائش هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي ان جي ڪري شاگردن جي لاءِ يونيورسٽي اندر هاسٽلن جي سهولت موجود آهي جن ۾ ڪيترائي هزارين شاگرد رهي ڪري پنهنجي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
هاسٽل، شاگردن لاءِ گهر جي مثال هوندي آهي جتي اهي گهر وانگر رهن ٿا. سنڌيونيورسٽي جي بوائز هاسٽل جيڪا يونيورسٽي قائم ٿيڻ سان ئي ٺهي هئي اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي ۽ ڪجه هاسٽلون اهڙيون آهن جيڪي هن وقت تمام خراب حالتن ۾ آهن. جيئن ته سنڌ يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۾ ٽوٽل ست هاسٽلون آهن ۽ هر هاسٽل ۾ شاگردن جي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪينٽينون موجود آهن ان کان علاوه ڪپرا ڌوائڻ لاءِ ڌوٻين جي سهولت پڻ موجود آهي هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ تقريبن هر سهولت موجود آهن.
وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ هر سال نوان شاگر ايندا آهن، ۽ پراڻا شاگرد جيڪي فائينل ڪري هسٽلن کي الواعي ڪندا آهن اهڙي طرح جيڪي نوان شاگرد ايندا آهن انهن جي لاءِ الڳ هاسٽل هوندي آهي مطلب پهرين سال وارن شاگردن کي هڪ ئي هاسٽل ڏني ويندي آهي ۽ ٻين سال جي شاگردن لاءِ الڳ هاسٽل هوندي آهي اهڙي طرح آخري سال(فائينل ايئر) جي شاگردن لاءِ مخصوص هاسٽلون هونديون آهن جيڪي صرف آخري سال (فائينل ايئر) وارن شاگردن کي ڏيون وينديون آهن ۽ اهي هاسٽلون ٻين هاسٽلن کان تمام سٺيون هونديون آهن، هاسٽلن جي اندر شاگرد اڪثر ڪيترائي پروگرام ڪرائيندا آهن.
هاسٽلن ۾ هزارين شاگرد رهن ٿا، ۽ جڏهن نوان شاگرد هاسٽلن ۾ ايندا آهن ته انهن سان شروعات ۾ ڪيترائي مسئلا ٿيندا آهن. مثال طور هاسٽل ۾ رهڻ، هاسٽل جو ماحول سمجهڻ ۽ هاسٽل جو کاڌو کائڻ. پر سڀ کان وڏو مسئلو انهن لاءِ سينئر هوندا آهن جيڪي شروعات ۾ انهن کي تمام گهڻو تنگ ڪندا آهن انهن نون شاگردن سان بداخلاقي ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مار ڏيڻ. اهڙي طرح ڪجھ وقت گذارڻ کان پوءِ نوان شاگرد به هاسٽل جي ماحول کا واقف ٿي ويندا آهن ۽ اهي به پراڻن شاگردن وانگر پنهنجي پاڻ کي ڪامريڊ سمجهڻ لڳن ٿا ائين سلسلو جاري رهندو هلي ٿو.
هاسٽلن ۾ ڪيترائي اهڙا شاگر به آهن جيڪي مختلف تنظيمن سان وابسطه هوندا آهن. جن جا هڪ ٻئي سان اختلاف هوندا آهن انهن اختلافن جي ڪري اهي شاگرد هاسٽلن ۾ جهيڙا جهڳڙا ڪندا رهندا آهن. جهيڙن جي ڳالھ ڪجي ته اهي جهيڙا اڪثر ڪري ڪمرن جي الاٽمنٽ تان ٿيندا آهن. ڇو جو جيڪي شاگرد جنهن ڪمري ۾ رهندا آهن ۽ اهو ڪمرو ٻئي ڪنهن شاگرد کي الاٽ ٿيندو آهي ته رهندڙ شاگرد اهو ڪمرو ٻئي کي ڏيڻ نه ڏيندا آهن اڪثر انهيءَ ڳالھ تان جهيڙا ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪجھ تنظيمن جا شاگرد پاڻ ۾ ويهندا آهناگر ڪنهن تنظيم جي شاگرد جي ڳالھ ٻئي تنظيم جي شاگرد کي نه وڻندي آهي ته ان تان اچانڪ هڪ ٻئي جي مٿان وٺ وٺان ٿي ويندي آهي ۽ اهو جهيڙو پيو هلندو رهندو آهي ۽ ويچارا نوان شاگرد به انهن جي ور چڙيون وڃن ۽ انهن کي مار مليو وڃي.
جڏهن آخري سال (فائينل ايئر) جا شاگرد هاسٽل ڇڏڻ وارا هوندا آهن ته اهي مختلف پروگرام ڪندا آهن. مثال طور واٽر نائيٽ ملهائڻ الوداعي پروگرام ڪرڻ ان کان علاوه الوداعي پارٽيون ڪرڻ. ڇاڪاڻ جو اهيو هڪ چئن سالن جو وڏو عرصو هوندو آهي. جيڪي آخر ۾ پراڻي يادون ياد ڪري پنهنجي گروپ جا نالا ڪمري جي ديوارن تي لکي ڇڏيندا آهن ته جيئن پاس آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ به انهن کي ياد رکيو وڃي.
هاسٽل اندر اڪثر ڪري پڙهڻ وارا ڇوڪرا هوندا آهن پر ڪيترائي اهڙا به ڇوڪرا آهن جيڪي صرف ۽ صرف بدماشين ۽ جهيڙن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۽ پڙهائي ڪندڙ شاگردن کي تنگ پيا ڪندا رهندا آهن ۽ انهن کي پڙهڻ بلڪل نه ڏيندا آهن. اهي ڇوڪرا سڄو ڏينهن ستا پيا هوندا آهن يا وري يونيورسٽي ۾ گهمندا رهندا ۽ بدمعاشي ڪندا رهندا آهن اهي شاگرد رات جو دير تائين جاڳندا ڪمرن ۾ پيا نشو ڪندا ۽ ڪئينٽين تي مفت ۾ چانھ پيندا ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ رات جو ٻاهر شهر ۾ ويندا ۽ ڪنهن هوٽل تي وڃي پراٺا کائيندا ۽ رات جو دير سان سمهندا آهن.
هاسٽل جي شاگردن سان ڪيترائي مسئلا هوندا آهن پر جيئن ٻار جي تربيت ٿيندي آهي اهڙي ريت انهن هاسٽل جي شاگردن جي تربيت ٿيندي آهي ته جيئن هو هاسٽل جي زندگي مان گهڻو ڪجھ سکي هڪ مظبوط انسان ٿين.


-----------------------------------
Write ur name here in Sindhi also
Not reporting based. talk to some students, some pass-outs.
relate some stories


                                     
هاسٽل جي زندگي 
         سنڌ يونيورسٽي جيڪا هڪ عظيم يونيورسٽي آهي ۽ هن ۾ هزارين شاگرد پڙهي رهيا آهن. ۽ انهن سڀني شاگردن  جي گهڻائي اڪثر ڪري ڳوٺاڻن علائقن کان آهي. ان ڪري شاگردن لاءِ پڙهائي سان گڏوگڏ رهائش هڪ تمام وڏو مسئلو هوندو آهي انهيءَ لاءِ انهن شاگردن جي لاءِ يونيورسٽي اندر هاسٽلون پڻ موجود آهن جن ۾ پڻ هزارين شاگرد رهي ڪري پنهنجي تعليم پرائي رهيا آهن.                                        
هاسٽل،ائين کڻي چئجي ته اها شاگردن لاءِ گهر جي مثال آهي. جتي اهي گهر وانگر رهن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل جيڪا يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ سان ئي ٺهي آهي ۽ اڄ به ساڳي حالت ۾ موجود آهي پر تنهن هوندي به ڪجھ هاسٽلون اهڙيون آهن جيڪي هن وقت بلڪل خراب حالت ۾ آهن.                               
جئين ته سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل ۾ ٽوٽل ست هاسٽلون آهن. هرهڪ هاسٽل ۾ شاگردن جي کائڻ پيئڻ لاءِ الڳ الڳ ڪئنٽين به موجود آهن ۽ ان کان علاوه ڪپڙن ڌوئڻ جي لاءِ ڌوٻي پڻ موجود آهن. مطلب ته هاسٽل ۾  شاگردن لاءِ هر سهولت موجود آهي.                                              
جئين ته هر سال نوان شاگرد اچن ٿا ۽ فائنل ڪري ويندڙ شاگرد هليا وڃن ٿا. اهڙي طرح جيڪي نوان شاگرد ايندا آهن انهن لاءِ الڳ هاسٽل هوندي آهي يعني فرسٽ ايئر وارن شاگردن کي هڪ ئي هاسٽل  ڏني ويندي آهي ۽ سيڪنڊ ايئر جي شاگردن لاءِ وري الڳ هاسٽلون هونديون آهن اهڙي طرح فائنل جي شاگرد لاءِ پڻ مخصوص هاسٽلون هونديون آهن جيڪي صرف فائنل وارن کي ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي ٻين هاسٽلن کان تمام سٺيون هاسٽلون هونديون آهن هاسٽل ۾ اندر اڪثر ڪري شاگرد ڪيترائي پروگرام پڻ ڪرائيندا آهن.                                         
هاسٽلن اندر هوئنن ته هزارين شاگرد رهن ٿا پر جڏهن نوان شاگرد هاسٽلن ۾ اچن ٿا ته انهن سان ڪيترائي مسئلا ٿيندا آهن. هاسٽل ۾ رهڻ،هاسٽل جو ماحول سمجهڻ ۽ هاسٽل جو کاڌو کائڻ شروعات ۾ انهن لاءِ وڏو مسئلو هوندو آهي پر سڀ کان وڏو مسئلو انهن لاءِ سينئير هوندا آهن جيڪي شروع ۾ انهن کي ڏاڍو تنگ ڪندا آهن.انهن سان بداخلاقي ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مار ڏيڻ.اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اهي نوان شاگرد به هاسٽل جي ماحول کان واقف ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وري ڪامريڊ سمجهڻ لڳن ٿا ۽ ائين ئي اهي نوان شاگرد ايندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو.                
هاسٽلن اندر ڪيترائي اهڙا شاگرد به هوندا آهن جيڪي مختلف سياسي تنظيمن سان وابسطه هوندا آهن جن جا هڪ ٻئي سان اختلاف هوندا آهن اهڙي طرح اهي شاگرد هاسٽل اندر جهيڙا جهڳڙا به ڪندا رهندا آهن. جهيڙن جڳهڙن جي جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ته هاسٽلن ۾ جهيڙا گهڻو ڪري ڪمرن جي الاٽمينٽ تان ٿيندا آهن ڇو جو جيڪي شاگرد جنهن ڪمري ۾ رهندا آهن اهو ڪمرو اگر وري ڪنهن ٻئي کي الاٽ ٿيندو آهي ته هو اهو ڪمرو ڇڏڻ ناهن چاهيندا ۽ اڪثر ان ڳالھ تان پيا جهيڙا  ٿيندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو اگر ڪجھ تنظيمن جا شاگرد پاڻ ۾ ويهندا آهن ته اچانڪ ڪنهن تنظيم کي ڪنهن  ٻئي تنظيم جي ڳالھ نه وڻي ته ان تان به هڪ ٻئي جي مٿان وٽ سٺ ٿي ويندي آهي ۽ اهي جهيڙا انهن جا پيا هلندا رهندا آهن ۽ ويچارا نوان ايندڙ شاگرد به سدائين مار کائيندا رهن ٿا.                                    
هاسٽل اندر اڪثر ڪري پڙهڻ وارا ڇوڪرا هوندا آهن پر ڪيترائي اهڙا ڇوڪرا به هوندا آهن جيڪي صرف ۽ صرف بدماشين ۽ جيهڙن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۽ پڙهائي ڪرڻ وارن ڇوڪرن کي پيا تنگ ڪندا رهندا. ۽ انهن کي پڙهڻ بلڪل ڪونه ڏيندا. اهڙا ڇوڪرا سڄو ڏينهن ستا پيا هوندا يا وري يونيورشٽي ۾ پيا گهمندا رهندا ۽ بدمعاشي ڪندا رهندا. رات جو وري دير تائين جاڳندا ۽ ڪمرن ۾ پيا نشو ڪندا رهندا يا چانھ جي ڪينٽين تي پيا مفت  ۾ چانهون پئيندا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري اڌ رات جو ٻاهر شهر ويندا ۽ ڪنهن هوٽل تي وڃي پراٺا کائيندا ۽ رات جو دير سان سمهي پوندا.                                   
اهڙي طرح هاسٽلن اندر ڪيترائي نوان شاگرد اچن ٿا ۽  وري  فائنل ڪري هليا وڃن ٿا پر اهو ڪم ائين ئي هلندو رهي ٿو جيتوڻيڪ هاسٽلن ۾ شاگردن سان ڪيترائي مسئلا هوندا آهن پر جئينن هڪ ٻار جي تربيت ٿيندي آهي اهڙي طرح هڪ شاگرد  جي هاسٽل ۾ سٺي تربيت ٿئي ٿي ۽ هو هاسٽل مان گهڻو ڪجھ سکي ڪري ڪري نڪري ٿو. هڪ سٺو ۽ مظبوط انسان ٿي نڪري ٿو.      
                                  
  2K17-MC-155
ZUBAIR KHUHRO                  

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised