Ali Ahmed Chhachhar BS-III Roll 113 - Article

Revised
سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيئن ڪيئن ٿيا
علي احمد ڇڇر

زمينن تي قبضو ڪرڻ ڪا نئي ڳالھ نه آهي ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿيندا رهيا آهن چاهي اهو قبضو جاگيردار ڪري، سرمائيدار ڪري، وڏيرو ڪري يا ڪو ڌاريون ڪري مغر قبضو پوءِ به قبضو آهي.
سنڌ هزارن سالن کان خوشحال ۽ پنهجي زمينن ۾ سون وانگر رهي آهي. سنڌ جي انهي خوشحالي ۽ سر سبز زمينن کي ڏسي ارغون، ترخان،افغان سنڌ تي قبضو ڪري غلامي جي سنگھرن ۾ جڪڙيون پر سنڌ اها غلامي گھڻو وقت تائين سهي نه سگھي ۽ پنهنجي پاڻ کي غلامي جي سنگھرن کان آزاد ڪرائي پنهنجي هستي ۽ مستي قائم رکيائين.
 سنڌ جي ايراضي تمام وڏي هئي پر وقت جي فرعونن سنڌ جي زمين تي قبضا ڪري هزارين سالن جي وطن جي مالڪن کان مالڪي جو حق کسي ورتو هو. سنڌ محدود ايراضي ۾ بچي آهي پر سنڌ  جي زمينن تي اڄ به انهيءَ طرح سان قبضو ٿي رهيو آهي.
ليکڪ علي حسن چانڊيو جي مطابق؛
1899ع انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن چمڙائو واھ ٺهيو ته سانگھڙ ۽ ٿرپاڪر جون لکين ايڪڙ سٺيون زمينون پنجابين کي ڏنيون ويون، جنهن سبب هڪ ته سنڌ زمين کان محروم ٿي ۽ ٻيو ته سنڌي هاري بي دخل ٿيا.
1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج جوڙيو ويو، جنهن مان ڪيئي ڪئنال واھ ۽ شاخون نڪتيون ۽ لکين ايڪڙ زمينون آباد ٿيون ته وڏي انگ ۾ ڌارين کي آڻي آباد ڪيو ويو.
گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج کانپوءِ ڌاريان اچڻ لڳا ريٽائرڊ فوجي، ڊيوٽي ڏيندڙ فوجي ۽ سول افسر کي رعايتن ڏيڻ عيوض انهن بئراجن تي زمينون ڏنيون ويون، جيڪي انتهائي سستي ملھ ۽ انعام طور عطا ڪيون ويون.مرڪزي حڪومت سنڌ جي اعتراضن تي ڌيان نه ڌريو ۽ اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ڌارين جي حوالي ٿي.صرف ون يونٽ جي دوران يعني 1954ع کان 1958ع تائين تقريبن ڏيڍ لک ايڪڙ زمين غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌين کي به ايتري ئي ڏني وئي.
1958ع ۾ ايوب جي مارشل لا کانپوءِ سنڌ جي زمينن تي راتاهو لڳو جنهن جي دوران سنڌ جي زمينن جي ورهاست ۾ 75 سيڪڙو ڌارين کي جڏهن ته صرف 25 سيڪڙو سنڌ جي ماڻهن کي زمينون مليون.
1947ع ۾ جڏهن ملڪ الڳ ٿيو ته مکي ڍنڍ سانگهڙ جي تقريبن ٻه لک ايڪڙ زمين فوجين حوالي ڪئي وئي، جيڪا تقريبن مفت ڏني وئي. هي اهي فوجي هئا جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي طرفان جنگ ۾ شامل هئا.جڏهن ته انگريزن خلاف وڙهندڙ آزادي جي جنگ ۾ حُرن کي زمينون نه مليو
1950ع ۾ جڏهن ڪوٽڙي بئراج جڙي راس ٿيو ته 16 لک جي لڳ ڀڳ زمين آبادي لائق ٿي ان جي ورهاست لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي سا سموري ڌارين تي ٻڌل هئي جن سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن بجاءِ فوجي جنرلن کي زمينون عطا ڪيون. 11 لک ايڪڙن جي ورهاست ۾ ساڍا پنج لک مقامي ماڻهن کي جڏهن ته ساڍا پنج لک ايڪڙ فوجي جنرلن، ڪرنلن، ميجرن ۽ ڪئپٽن کي ڏني وئي.ڇا اهو ممڪن ٿيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان پنجاب جي زرعي ايراضي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي زمين جي ورهاست ۾ ڪو هڪ ايڪڙ به ڏنو ويو هجي؟
گڊو بئراج 1962ع ڌاري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جون زمينون آباد ٿيڻ لائق بڻيون. ست لک ايڪڙ زمين جي ورهاست مطابق هڪ لک ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن کي جڏهن ته باقي منگلاڊيم، اسلام آباد جي متاثرن، فوجي، نوڪرن ۽ رٽائرڊ آفيسرن ۾ ورهائي وئي.اهڙي ريت بئراجن جي ٺهڻ سان پاڻي جي جديد نظام ڪري لکين ايڪڙ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ.

دنيا جي تاريخ ۾ آهي جنهن به ملڪ تي قبضو ٿيو هڪ  ته جنگ ڪري ان ملڪ کي فتح ڪندا آهن يا وري جنگ جي حالات نه ٿي سگهندا آهن ته ان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري انهن ماڻهن جي زمينن ڪلچر تي حاوي ٿي انهن کي اهڙي نموني غلام بڻايو ويندو آهي جو ان قوم جي ماڻهن کي خبر به نه پوندي آهي مثال طور جڏهن انگريز بر صغير ۾ آيا پهرين سيڙپڪاري ڪاروبار ڪري زمينن تي قبضو ڪيو ويو. ان کان علاوه سائوٿ آفريڪا ۾ به ائين ٿيو.

Article by Ali Ahmed Chhachhar BS-III Roll 113
Mind ur spelling.
It is just like speech, not article, be objective use rational language, but strong arguments.
Facts and figures quoted should have proper attribution, refer and name those reports.
Marked with blue be changed and written in objective wording.
Always write ur name in Sindhi as well as English also,
Also mention in the text file, its feature or article etc.
It is 1000 plus words, while we need 700 words or so

سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيئن ڪيئن ٿيا


علي احمد ڇڇر

جڏهن تاريخ جي پاتال ۾ وينداسين ته سنڌ هزارن سالن کان خوشحال ۽ پنهجي زمينن ۾ سون وانگر رهي آهي. سنڌ جي انهي خوشحالي ۽ سر سبز زمينن کي ڏسي ڪيترن ئي قومن عرغونن، ترخانن، سلطانن، افغانن سنڌ تي يلغار ڪري قبضو ڪري ان کي غلامي جي سنگھرن ۾ جڪڙيون پر سنڌ اها غلامي گھڻو وقت تائين سهي نه سگھي ۽ پنهنجي پاڻ کي غلامي جي سنگھرن کان آزاد ڪرائي پنهنجي هستي ۽ مستي قائم رکيائين.
تاريخ گواھ آهي ته سنڌ جي ايراضي تمام وڏي هئي پر وقت جي ظالم فرعونن سنڌ جي زمين تي قبضا ڪري هزارين سالن جي وطن جي مالڪن کان مالڪي جو حق کسي ورتو آهي سنڌ جي زمينن کي پنهنجن علائقن ۾ زم ڪيو ويو ۽ هاڻي سنڌ وڃي محدود ايراضي ۾ بچي آهي پر اڄ به سنڌ انهن ظالم فرعونن کان محفوظ نه آهي ۽ ڌارين جي آبادي جي انگ وڌندو پيو وڃي ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن.
اچو ته ٿورو تاريخي 100 سالن جو جائزو ٿا وٺو
1899ع ۾ جڏهن چمڙائو واھ ٺهيو ته سانگھڙ ۽ ٿرپاڪر جون لکين ايڪڙ سٺيون زمينون پنجابين کي ڏنيون ويون، جنهن سبب هڪ ته سنڌ زمين کان محروم ٿي ۽ ٻيو ته سنڌي هاري بي دخل ٿيا.
1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج جوڙيو ويو، جنهن مان ڪيئي ڪئنال واھ ۽ شاخون نڪتيون ۽ لکين ايڪڙ زمينون آباد ٿيون ته وڏي انگ ۾ پنجابين کي آڻي آباد ڪيو ويو.
گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج کانپوءِ ڌارين جون يلغارون اچڻ لڳيون ريٽائرڊ فوجي ۽ سول افسر شاهي کي رعايتن ڏيڻ عيوض انهن بئراجن تي زمينون ڏنيون ويون، جيڪي انتهائي سستي ملھ ۽ انعام طور عطا ڪيون ويون.
مرڪزي حڪومت سنڌ جي اعتراضن تي ڌيان نه ڌريو ۽ اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ڌارين جي حوالي ٿي ۽ ڌارين جو سنڌ ۾ انگ به وڌڻ لڳو.
صرف ون يونٽ جي دوران يعني 1954ع کان 1958ع تائين تقريبن ڏيڍ لک ايڪڙ زمين غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌين کي به ايتري ئي ڏني وئي.
1958ع ۾ ايوب جي مارشل لا کانپوءِ سنڌ جي زمينن تي راتاهو لڳو جنهن جي دوران سنڌ جي زمينن جي ورهاست ۾ 75 سيڪڙو ڌارين کي جڏهن ته صرف 25 سيڪڙو سنڌ جي ماڻهن کي زمينون مليون.
1947ع ۾ جڏهن ملڪ الڳ ٿيو ته مکي ڍنڍ سانگهڙ جي تقريبن ٻه لک ايڪڙ زمين فوجين حوالي ڪئي وئي، جيڪا تقريبن مفت ڏني وئي. هي اهي فوجي هئا جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي اشاري تي جنگ ۾ شامل هئا.
جڏهن ته انگريزن خلاف وڙهندڙ آزادي جي جنگ ۾ حُرن کي زمينون ڏيڻ بجاءِ ڌارين حوالي ڪيون ويون.
در اصل فوج ۾ گھڻائي پنجاب جي آهي ۽ ساڳي وقت افسر شاهيءَ ۾ به پنجاب اڪثريت ۾ آهي. حڪومت جي سگھ حاصل ڪندڙ به پنجاب آهي ان ڪري سنڌ جون زمينون به انهن کي مليون ۽ سنڌين کي پنهنجن زمينن کان محروم ڪيو ويو.
لکين ڌارين جون لوڌون هندستان، بنگال، برما، افغانستان ۽ پنجاب مان اچي هتي آباد ٿيا، ۽ سنڌ جو توازن بگڙي ويو سنڌين کي وڏن شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سموري معاشي سگھ تي قبضو ڪيو ويو سرڪاري نوڪريون، وڏن شهرن ۾ صنعتي ادارن ۾ نوڪريون، پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪرين تي ڌاريو قابض ٿي ويو.
1950ع ۾ جڏهن ڪوٽڙي بئراج جڙي راس ٿيو ته 16 لک جي لڳ ڀڳ زمين آبادي لائق ٿي ان جي ورهاست لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي سا سموري ڌارين تي ٻڌل هئي جن سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن بجاءِ فوجي جنرلن کي زمينون عطا ڪيون. 11 لک ايڪڙن جي ورهاست ۾ ساڍا پنج لک مقامي ماڻهن کي جڏهن ته ساڍا پنج لک ايڪڙ فوجي جنرلن، ڪرنلن، ميجرن ۽ ڪئپٽن کي ڏني وئي.
ڇا اهو ممڪن ٿيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان پنجاب جي زرعي ايراضي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي زمين جي ورهاست ۾ ڪو هڪ ايڪڙ به ڏنو ويو هجي!؟
گڊو بئراج 1962ع ڌاري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جون زمينون آباد ٿيڻ لائق بڻيون. ست لک (700،000) ايڪڙ زمين جي ورهاست مطابق هڪ لک ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن کي جڏهن ته باقي منگلاڊيم، اسلام آباد جي متاثرن، فوجي، نوڪر شاهي ۽ رٽائرڊ آفيسرن ۾ ورهائي وئي مطلب ته زمين جو وڏو حصو ڌارين حوالي ڪيو ويو.
منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته جيئن انگريز واپار جي بهاني هندستان ۾ آيا ۽ هندستان جي زمينن تي قبضو ڪيو اهڙي طرح سنڌ جو گڊو شهر جيڪو پنجاب جي سرحد سان لڳي ٿو ان شهر ۾ ڌاريان واپار جي بهاني اچي مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪندا آهن.
اهڙي ريت بئراجن جي ٺهڻ سان پاڻي جي جديد نظام ڪري لکين ايڪڙ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ لڳيون ۽ ڌاري آبادڪاري ان جو ڀرپور فائدو ورتو. اِهيا ڳالھ لڪيل نه آهي ته لياقت علي خان جي سرڪار يوپي ۽ سي پي جي نوڪر شاهي، پناهگيرن کي ڪوڙن ڪليمن ۾ زمينون عطا ڪيون جڏهن ته پنجابين کي پنجاب جي حاڪيمت جي ڪري فوجين، نوڪرشاهي کي زمينون الاٽ ٿيون. اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن تاريخي وسيلن کان محروم ٿيا.
آئون سمجهان ٿو دنيا ۾ ڪنهن به زمين تي قبضو ناجائز قبضو آهي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ آهي جنهن به ملڪ يا خطي تي قبضا ٿيا هڪ  ته جنگ ڪري فتح ڪري ان ملڪ يا خطي کي فتح ڪندا آهن ٻيو وري جنگ جي حالات نه ٿي سگهندا آهن ته ان ملڪ خطي ۾ سيڙپڪاري ڪري انهن ماڻهن جي زمينن ڪلچر تي حاوي ٿي انهن کي اهڙي نموني غلام بڻايو ويندو آهي جو ان قوم جي ماڻهن کي خبر به نه پوندي آهي مثال طور جڏهن انگريز بر صغير ۾ آيا پهرين سيڙپڪاري ڪاروبار ڪري ماڻهن تي غلامي ٿوپي وئي. ان کان علاوه سائوٿ آفريڪا ۾ به ساڳي ريت ٿيو هاڻي وري پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي جيئن چائنا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ( پناهگير بهاري، بنگالي، پنجابي، افغاني، پختوني، سرائڪي، جي آمد جاري آهي) ۽ سنڌ ۾ پنهنجي آبادي وڌائي سنڌ جي زمينن، شهرن، نوڪرين تي قبضو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي معاشي، سماجي ۽ سياسي طرح سان غلام بڻايو پيو وڃي.

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised