Mudasir Chandio Roll 130 Article
What exact topic was finalised? Its too generalised and its essay, not article
Article should be current and relevant.
Recall what was discussed. Make it in light of that discussion. For example Take any recent incident to make it current and relevant
Rferred back. file again on next Monday
Article should be current and relevant.
Recall what was discussed. Make it in light of that discussion. For example Take any recent incident to make it current and relevant
Rferred back. file again on next Monday
صنفي متڀيد
چوندا آهن ته هن ڌرتي تي خدا تعاليٰ جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن. اهي خدا جي طرفان ڏنل نعمت هونديون آهن.ان ۾ جنسي مطلب هر ساھ واري شيءِ خدا تعاليٰ جي طرفان پيدا ڪيل آهن،پر اسان هتي جنسي فرق جي ڳالھ ضرور ڪنداسين ڇو ته اسان جي معاشري ۾ جنسي فرق تمام وڏي چوٽ تي آهي،
سڀ کان وڏي ڳالھ اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ مرد جي ڀيٽ ۾عورت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.ڇو ته سمجهيو ائين ويندو آهي عورت مرد کان ڪمزور هوندي آهي،ان ڪري عورت کي معاشري ۾ سهي سان نه آزادي ملي سگهبي آهي ۽ نه ئي ڪي ان کي پنهنجا حق ملي سگھندا آهن.
اها ته رهي عورتن جي ڳالھ جيڪي انهن کي پنهنجا حق نٿا ملن.پر اسان خواجه سراه جي ڳالھ ڪيون ته اسان ته انهن تي به تنقيد ۽ ٽوڪ ٺٺول ڪندا رهندا آهيون ائين کڻي چئجي ته انهن جي هن دنيا ۾ ڪا به حيثيت ناهي، ڄڻ اهي رولو جانورن جي مثال آهن.خواجه سراه فقيرن کي هن معاشري ۾ ڪم نظر سان ڏٺو وڃي ٿو پر اسان وٽ جيڪا
غلط سوچ ويٺل آهي اسان خواجه فقيرن کي بلڪل به اهميت ناهيون ڏيندا ۽ انهن سان غلط ورتاءُ ڪندا آهيون،ڇا انهن جي هن دنيا ۾ ڪا ذاتي حيثيٽ ناهي؟ته پوءِ اسين انهن کي غلط نگاھ سان ڇو ڏسئون ٿا،آخر خواجه سراهن جا به پنهنجا پنهنجا حق آهن اهي پنهنجي هن معاشري ۾ ذاتي حيثيت رکن ٿا.انهن سان ڪڏهن به ڪو فرق نه رکيو وڃي خواجه سراه فقيرن سان سٺي اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي.
ائين ئي اسان هن معاشري ۾ عورتن سان به اهڙو ئي سلوڪ رکندا اچئون ٿا ۽ انهن کي گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇو ته اسان جي تصور ۾ انهن کي ڪم ۽ ڪمزور سمجهيو ويندو آهي.جڏهن ته الله تعاليٰ قرآن ۾ حڪم فرمايو آهي ته توهان عورتن سان سهڻي اخلاق سان پيش اچو ۽ انهن سان سٺو ورتاءُ ڪيو،ته جئين اهي مايوس نه ٿين.اهو دستور ٿي ويو آهي ته عورت مرد کان وڌيڪ ڪمزور آهي پر ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اسان انهن کي گهرن تائين محدود بڻايون صرف انهن کي ماني پچائڻ يا گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ ليڪن ائين هرگز غلط آهي ڇامرد به ماني نٿو پچائي سگهي،يا گهر جو ڪم ڪار نٿو ڪري سگهي اهو ڪم نه صرف عورتن جو آهي،پر مردَ به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا.
ان زماني ۾ جيڪي عورتون ڌيئرون ڄڻينديون هيون ته انهن کي جئيرو پوريو ويندو هيو،جيتوڻيڪ هن دور ۾ وري انهن تي سختي ۽ انهن کي پنهنجن حقن کان محروم ڪيو وڃي ٿو.انهن جا حق تعليمي هجن يا وري گهرو رشتن تائين پر هميشه عورتن کي پنهنجين جائز حقن کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي،جئين ٻهراڙي واري علائقن ۾ به عورتون تعليم ۽ ٻين گهڻن شين کان بيخبر آهن،هن جديد ٽيڪنلاجي دور ۾ انهن ڪنهن به ٽيڪنلاجي يا تعليمي شين کان هو بلڪل اوجهل آهن.البته ڪٿي انهن کي تعليم ته ڏني ويندي آهي پر انهن کي جاب جي لاءِ اجازت ناهي هوندي.ته اهي عورتون جيڪي پنهنجي مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ چاهينديون آهن،پر انهن جا خواب اڌ ۾ رهجي وڃن ٿا،۽ نه ئي انهن جي ڪا زندگي آزادي سان گذري ٿي.پر پوءِ به اهي خاموش رهن ٿيون وڏي ڳالھ اها ته عورت تي غيرت جون گهڻيون ئي تنقيدون هلنديون اچن ٿيون، پر اڄ به اها ئي عورت جيڪا غيرت جي نالي تي قتل ٿئي ٿي.جڏهن ته انهن عورتن کي غلط شڪ جي بنياد تي ڪارو ڪاري ڪرڻ قتل ڪري ڇڏڻ اهڙن واقعن تي هئينر تائين ڪو به اهڙو ظابطو ناهي ٿي سگهيو ۽ اهڙا سنڌ نه بلڪه پاڪستان جي چئني صوبن ۾ روزمره جي بنياد تي معمول بڻيل آهن.
هوئنن ته ڪي اهڙيون عورتون به هونديون آهن جيڪي نه گهرن ۾ آزاد هونديون آهن،پر ڪن عورتن کي هر آزادي مليل هوندي آهي.البته جيتري قدر ڏٺو وڃي ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت به پنهنجن ڪمن جي پاڻ ذميوار هوندي آهي،ايتريقدر هوءَ پاڻ ڪمائي ۽ پنهنجي الگ سان زندگي به گذاري سگهندي آهي،اها ئي عورت پنهنجي گهر جو شان هوندي آهي،هوءَ پنهنجي گهر جي مڪمل سار سنڀال ڪندي آهي،تڏهن ته سنڌي ۾ چوڻي مشهور آهي (عورت گهر ڌياڻي آهي) مطلب جيڪا سڄي گهر جي سڀني مسئلن جي ذميوار هوندي آهي اصل ته اهائي گهرڌياڻي هوندي آهي جيڪي بهادر عورتون پنهجون ذميواريون کڻي ڪري اڳتي وڌن ٿيون انهن کي آزادي ڏني وڃين ۽ اهي عورتون معاشري جو سينگار هونديون آهن.
تعليمي يا سياسي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته پاڪستان اندر ڪافي اهڙيون نيڪ بهادر عورتون جيڪي سياست ۾ داخل آهن انهن کي اڳتي موقعو ڏنو وڃي، جڏهن نيشنل اسيمبليءَ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ سيٽون گهٽ آهن هوئنن ته سياست ۾ عورتن جو گهڻو ئي ڪردار آهي اهي عورتون جيڪي همٿ جوش جذبي سان مقابلو ڪري اڳتي وڌين ٿيون ته ائين ئي سياست ۾ به انهن سيٽن جو تعداد وڌايو وڃي ته جئين اهي اڳتي وڌن تاريخ اهڙن بهادر عورتن کي جئين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو زنده آهي ۽ان کي اڄ به تاريخ لکندي رهي ٿي.
جن عورتن کي تعليم ڏني وڃي ٿي ته وري مٿان ڳالھ اها بيهي ٿئي ته جيڪي شاگردياڻيون اسڪولن ڪاليجن يا وري يونيورسٽن ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ اچن ٿيون ته انهن کي حراسمينٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي بري نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو، انهن کي غلط خط موڪلڻ پر وڏي اها ڳالھ اها ته انهن کي تنگ ڪرڻ نه صرف ڇوڪرا جيڪي انهن سان گڏ تعليم پرائين ٿا،پر انهن شاگردياڻين کي استاد به حراسيمنٽ ڪن ٿا.جيڪي ظاهري طور تي ڏٺو وڃي ته اها هڪ تمام انهن ماڻهن جي نااهلي چئبي.جيڪي عورتن شاگردياڻين کي تعليمي ادارن ۾ جنسي فحاشي تنگدستي ڪن ٿا،انهن شاگردياڻين کي جنسي اهڙن واقعن کان بچايو وڃي ۽ انهن سان ٿيل حراسان خلاف آواز بلند ڪيو وڃي ته جئين اهي ماڻهون ڪڏهن به اهڙو غلط قدم نه کڻن ۽ انهن کي اهڙو سبق ڏنو وڃي جيڪو پوري زندگي تائين انهن کي ياد رهي.
جيڪڏهن مرد ۽ عورت کي گڏ جاب آهي ته ان ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃي، ڇو ته جهڙي طرح مرد کي جاب هوندي آهي اهڙي طرح عورت کي به جاب هوندي آهي،پوءِ انهن ۾ ڪوبه اهڙو فرق محسوس نه ڪيو وڃي ته جئين اهي پنهنجن ڪمن ۾ سهي سان دلچسپي پيدا ڪري سگھن.هوئنن ته ٿيندو ائين آهي ته جتي مرد ۽ عورتون گڏ ڪم ڪندا آهن ته بلڪل به انهن ۾ فرق محسوس ڪيو وڃي ٿو. اڪثر ڪري انهن ڇوڪرين جا والدين به جاب گڏ ڪرڻ جي لاءِ به راضي ناهن هوندا ۽ نه ئي انهن ڇوڪرين گهران اجازت ڏيندا آهن،سبب اهو هوندو آهي ته انهن کي آفيس اندر فرق ڪيو ويندو آهي،حالانڪه اسان فرق کي ختم ڪري ڇڏيئون ته هميشه جي لاءِ اسان جو معاشرو صاف ٿي وڃي ۽ غلط گمان جو به خاتمو ٿي ويندو.
توڙي جو عورتن جا الڳ ادارا گڏ ڇو نه هجن پر وڌيڪ هڪ بهترين طريقار اهو آهي ته انهن عورتن جا الگ الگ ادارا قائم ڪيا وڃن،تعليم کان وٺي ويندي جاب تائين انهن جا ادارا يونيورسٽون اسڪول ڪاليجون الگ قائم ڪيون وڃن ته جئين هو سهي سان تعليم ۽ اتي ڪم ڪري سگهن.
انهن سان ڪوبه فرق نه ڪيو وڃي نه تعليم ۾ نه ئي اظهار جي آزاديءَ کان محروم ڪيو وڃي ته جئين اهي عورتون وقت تي شادي ڪري سگهن ۽ سهي سان تعليم پرائي سگهن،اسان مٿي ڳالھ ڪري آيا آهيون ته خواجه سراه هجن يا عورت هجي اهي ٻئي اشرف المخلوقات ۾ اچن ٿا اهي ٻئي ڪنهن هنڌان ڪون آيا آهن جيڪي اڏرندا هجن اهي پنهنجون پنهنجون ذميواريون کڻي اڳتي وڌن ٿا.انهن کي تعليم کان محروم نه ڪيو وڃي انهن جون يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن اسڪول ڪاليج ٺاهيا وڃن ۽ انهن جي الگ ڪوٽا ٺاهي وڃي جئين انهن کي جاب ملي سگهي،ته جئين اهي پنهنجي زندگي کي خوشي ۾ تبديل ڪري سگهن،عورت يا خواجه سراه مرد انهن ۾ به ڪو به فرق نه سمجهيو وڃي سڀ انسان برابر آهن ڪنهن تي به تنقيد نه ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهي به هن معاشري جا ذميوار ماڻهون آهن.
نالو_________ محمد مدثر چانڊيو
رول نمبر____ 130
ڪلاس________ بي ايس پارٽ ٿري
ڊپارٽمينٽ______ ميڊيا ۽ ڪمينيوڪيشن
Comments
Post a Comment