sarmad ali khooharo-85/mc/2k17-article Sindhi
It is 500 words while 600 + words are required
In case of article u should refer some reports official or research and also talk with experts of the related topic
There are no figures and facts that there are many schools.
U have to prove it through figures.
Also did not stated reason for such number of schools.
Referred back and advised to file it till March 4. Otherwise it will be considered rejected.
سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ خانگي اسڪول گھڻا ڇو کلي رھيا آھن
سرمد علي کوھارو
سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي
۾ وڌندڙ اسڪولن جو تعداد ھي ان جي نشاندھي ڪري ٿو ته ھتان جي سرڪاري اسڪولن جو ھجڻ
نه ھئڻ جي برابر آھي جيڪڏھن اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائي ۽ ڊسيپلين ھجي ھا ته
شايد اسان کي پنھنجن ٻارن کي انھن خانگي اسڪولن ۾ نه ڇڏڻو پوي ھا سنڌيونيورسٽي
ھائوسنگ سوسائٽي ۾ 50 سيڪڙو امير ۽ پڙھيل لکيل طبقي سان واسطو رکن ٿا ھو پنھنجي
اولاد جي لاءِ ڪو به رسڪ نٿا کڻن ته وڃي ڪنھن سرڪاري اسڪول ۾ پنھنجن ٻارن کي
ڇڏين.سٿ کان اھم اھو آھي ته اسڪول ٽيڪس فري آھي ۽ اسڪولن م انڌي ڪمائي آھي پاڪستان
۾ ڪوبه اھڙو ادارو نه آھي جتي سرڪار ٽيڪس نه وٺندي ھجي پر اسڪول ھڪ واحد ادارو آھي
جنھن جي مالڪ کان ٽيڪس نٿو ورتو وڃي ۽ ھن کان مختلف بلن يعني بجلي،گئس،پاڻي ۽ پي
ٽي سي ايل ۾ بلڪل ڇوٽ يعني رياعت ڪئي ويندي آھي سرڪار جڏھن ڪنھن استاد کي اسڪول ۾
پڙھائڻ جي نوڪري ڏيندي آھي ته ان جي امتحان ۾ اھو بلڪل خيال نه ڪندي آھي ته اھو
استاد اسان جي مستقبل جي نوجوانن کي ڇا پڙھائيندو جيڪو پاڻ ٻارھن درجا به نه پڙھي
سگھيو ۽ سرڪار ان استاد کي 60 کا 70 ھزار مھانه ڏيندي آھي اھا افسوس جھڙي ڳالھ
آھي! اسان خانگي اسڪولن کي غلت نٿا چئي سگھون ڇا ڪاڻ ته سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي
سھولتون ڏنيو وڃن ھا ته شايد خانگي اسڪولن جي ضرورت نه پوي ھا، سرڪاري پرائمري اسڪولن
۾ جڏھن والدين پنھنجي ننڊڙن ٻارڙن کي دخلا لاءِ وٺي وڃن ٿا ته انھن کي اھيو صاف
چيو وڃي ٿو ته ھي ننڊڙا آھن ھنن کي ڪنھن خانگي اسڪول ۾ داخلا ڏياريو ھتي ننڊڙا
ٻارڙا نه ھوندا آھن سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪل 3 سرڪاري اسڪول مجود آھن
انڳن ۾ ھڪ پرائمري جنھن ۾ ڇوڪريون پڙھن ٿيون ٻيو پرائمري جنھن م چوڪرا تعليم حاصل
ڪرن ٿا،ھاءِ سيڪنڊري جنھن ۾ ڇھين ڪلاس کان وٺي ٻارھين درجي تائين ڇوڪرن کي پڙھايو
وڃي ٿو ھڪ اھم ڳالھ اھا آھي ته سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪوبه اھڙو سرڪاري
اسڪول موجود نه آھي جنھن ۾ ڇوڪرين کي ڇھين کا ٻارھين درجي تائين تعليم فرھام ڪئي
وڃي.ھتان يعني سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ سان لڳ ننڊڙو ڳوٺ جنھن جو نالو پير
باجدي ڳوٺ واقعي آھي ان ۾ لڳ ڀڳ 3 کان 4 ھزار گھر موجود آھن اھي سڀ غريب طبقي سان
واستو رکن ٿا اھي سڀ پنھنجن ٻارن کي خانگي اسڪول ۾ نٿا پڙھائي سگھن ۽ اھي سڀ مجبور
آھن ڇاڪاڻ ته سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ڪوبه ڇوڪرين لاءِ سرڪاري اسڪول موجود
نه آھي پوءِ اڪثر ان ڳوٺ جون ڇوڪريون سوسائٽي جي گھرن ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪرن تي
مجبور آھن ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽
سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇوڪرين جي لاءِ ھائير سيڪنڊري سرڪاري اسڪول کوليا وڃن. انھن اسڪولن ۾ بھتر
تعليم مھيا ڪئي وڃي ۽ خاگي اسڪولن کي سرڪاري اسڪولن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن ھر ھڪ
غريب شاگرد تعليم حاصل ڪري.
Comments
Post a Comment