Ghulam mujtaba-mc/36/2k17-article
Opening of university is provincial subject.
Punjab districts can not be made part of a university in Sindh.
For university, there are four major justification: i) Area, ii) distance, iii) Number of students and colleges, Some new subject which is need of that area.
Punjab districts can not be made part of a university in Sindh.
For university, there are four major justification: i) Area, ii) distance, iii) Number of students and colleges, Some new subject which is need of that area.
ڪشمور ضلعي کي يونيورسٽي جي ضرورت آهي
غلام مجتبي جروار
جيئن ته تعليم ڪنهن به قوم لاءِ اعلي حيثيت رکي ٿي. تعليم جي ذريعي ئي قومون
ترقي ڪري سگھن ٿيون. ڪنهن به ملڪ يا قوم جي ترقي جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي.
تعليم انسان کي صحيح معني ۾ انساني بڻائي ٿي. تعليم انسان کي زندگي گذارڻ جو طريقو
سيکاري ٿي. ۽ اٿڻ، ويهڻ ۽ ادب جو سليڪو سيکاري ٿو تعليم هر مرد توڙي عورت تي فرض
آهي دنيا جو ترقي يافته ملڪ تعليم ذريعي وڏين اوچاين تي پهتا آهن ٻيا ملڪ تعليم جي
ميدان ۾ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن پر افسوس پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ڳڻتي
جوڳو آهي پاڪستان جي ڪيترين ئي اهم ضلعن ۾ اعلي تعليم لاءِ يونيورسٽيون ميسر نه
آهي ڪشمور ضلعو به ان مان هڪ آهي ڪشمور ضلعو جيڪو هڪ قديم ۽ اعلي حيثيت رکندڙ ضلعو
آهي هي ضلعو پاڪستان جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ڪشمور ضلعي
کي هيٺيان پنج ضلع لڳن ٿا (1) گهوٽڪي (2) شڪارپور (3) جيڪب آباد (4) راڄن پور (5)
صادق آباد.
ڪشمور ضلعو وچ وارو علائقو هئڻ باوجود به اڄ تائين يونيورسٽي کان محروم آهي
تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڪشمور ضلعي لاءِ يونيورسٽي اهم آهي ڇو
ته هن پٺ پيل علائقي کي تعليم ذريعي ترقي جي راهن ۾ گامزن ڪري سگهجي ٿو. بدامني ۽ قبائيلي جهيڙن جي ور چڙهيل هن ضلعي
جي انڌيرن کي تعليم جي روشني سان ئي مٽائي سگهجي ٿو ڪشمور ضلعي ۾ قبائلي تڪرارن ۽
بدامني کي ختم ڪرڻ جو واحد ذريعو تعليم ئي آهي تعليم سان ئي ماڻهن ۾ شعور ايندو
آهي ۽ هي ضلعو امن جو گيهوار بڻجي سگهندو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته يارھ لک آبادي
واري ضلعي کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو ويو
Give concrete example s of ur below argument:
Give concrete example s of ur below argument:
هن ضلعي جا نوجوان اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانھن رخ ڪن ٿا جتي انهن
کي وڏن مشڪلاتن کي مونھن ڏيڻو پوي ٿو ڪشمور ضلعي جا شاگرد وڏا محنتي ۽ جاکوڙيندڙ
آهن جيڪي ڊائوو ميڊيڪل يونيورسٽي، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽين جهڙي
پبلڪ يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪن ٿا ڪشمور ضلعي ۾ يونيورسٽي جي قيام سان نه فقط
هن ضلعي جا نوجوان اعلي تعليم حاصل ڪري سگهندا پر ان سان گڏوگڏ سنڌ، پنجاب ۽
بلوچستان مان ايندڙ نوجوان به اعلي تعليم حاصل ڪري سگهندا ڪشمور ضلعي کي فقط تعليم
ذريعي ئي روشن مستقبل ڏئي سگهجي ٿو. ان لاءِ ڪشمور ضلعي ۾ يونيورسٽي جي قيام تمام
ضروري آهي ڪشمور ضلعي ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ هتان جي نوجوان پاران هڪ تحريڪ
هلائي وئي هئي جنهن کي ڪشمور يونيورسٽي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو ان تحريڪ کي وڏي
مقبوليت ملي.
Comments
Post a Comment