Zubair Khuro Article Sindhi

What is ur topic? distribution of water in Sindh or in Pakistan?
Of which period?
Give some references of reports, etc, why it is so
سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست
زبير کهڙو

پاڻي هڪ بنيادي ضرورت آهي جهن کان بغير زندگيءَ کي برقرارنٿو رکي سگھجي اڄ ڪلھ ترقي يافته ملڪن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جھڙي بنيادي ضرورت جي فراهمي لاءِ جديد ترين نظام ڏسڻ ۾ اچي ٿو.ترقي يافته ملڪن ۾ جن شھرن جي آبادي وڌيڪ ھوندي آھي، انھن شھرن ۾ ٻين مسئلن وانگر پيئڻ جو صاف پاڻي ڏاڍو اھم مسئلو ھوندو آھي.
اگر ڳالھ ڪجي پاڪستان جي ته ھتي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو ڪوبه جوڳو انتظام موجود نه آھي جيڪڏھن ڳالھ ڪجي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ته ھتي پاڻيءَ جي فراھمي جو نظام تمام خراب آھي دنيا ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪرن لاءِ فلٽرپلانٽ ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن ته سنڌ جي شھر ڪراچي ۾ جيڪو سمنڊ لڳواقع آھي اتي جديد واٽر انجنيئرنگ زرعي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪري سگھجي ٿو.ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته پاڻي زندگيءَ جو جياپو آھي سنڌ م زراعت جي لاءِ ته ڇا پر پيئڻ جو پاڻي به موجود نه آھي.سنڌ ۾ھن وقت خشڪ سالي واري حالت آھي، سنڌ ۾ ھن وقت 37 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي.ھڪ رپورٽ ۾ انڊس رور اٿارٽي موجب ھن وقت اڇڙو ٿر سانگھڙ ۽ ٿر مان ماڻھو لڏپلاڻ ڪري شھرن ڏانھن وڃن پيا.
پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڪيترائي فصل متاثر ٿين ٿا. ڪپھ جوفصل پوئين سال جي ڀيٽ ۾ ھن وقت تمام گھٽ ٿيو آھي ان جو سبب اھو ئي آھي ته اسان جو ڪيترو ئي پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو.ساڳي طرح پاڪستان م ڊيمن جو تعداد تمام گھٽ آھي.ٻين پاڙيسري ملڪن جي حساب سان ساڳي طرح انڊيا پاڻي کي ھٿيار طور  استعمال پئي ڪري پاڪستان جي خلاف.
اهڙي طرح انڊس رور اٿارٽي صرف 4.9 سيڪڙو سنڌ جي پاڻي جو حصو وڌايو آھي پنجاب جو 2.94سيڪرو اضافو ٿيو آھي.پاڻي جي ورھاست کان پوءِ به پنجاب 41 سيڪڙو ۽ سنڌ م 24 سيڪڙو  پاڻيءَ جي کوٽ آھي.جيڪڏھن ڳالھ ڪجي ڊيمن جي ته ڊيمن ۾ ھن وقت تربيلا ڊيم 140081فوٽ جيڪو ان جي اونڇائيءَ کان 20 فوٽ مٿي آھي پاڻيءَ جو وھڪرو ڊيم ۾ 9500 رڪارڊ ڪيو ويو آھي جڏھن ته جھلم ندي وٽ منگلا ڊيم 1086 فوٽ جيڪو ان جي ليول کا 4675 فوٽ مٿي آھي،ڳالھ ڪجي سنڌ جي حصي جي ته سنڌ جو حصو پنجاب چوري ڪري پيو سنڌ کي 135000 ڪيوسڪ پاڻي اچي ٿو.جڏھن ته 60000 ڪيوسڪ گڊوبئراج وٽ پھچي ٿو ڇاڪان ته پنجاب 1500 وڏيون مشينون لڳايون آھن جيڪي پاڻيءَ کي مٿي کڻي وڃن ٿيون.هن وقت صرف 3000 ڪيوسڪ پاڻي رائيس ڪئنال م ڇڏيو وڃي ٿو.
پاڻيءَ جي ورھاست جي ڳالھ ڪجي ته اڪثر ائين ٿيندو آيو آھي ته ھميشھ پاڻي انھن کي ئي مليو آھيجيڪي شروع ۾ آھن. شروع وارو پاڻي سڄو کڻي وڃن ٿا جڏھن ته پڇڙي وارن وٽ پاڻي ڪونه پھچي ٿو شروع وارا جيئن ته شروع م آھن ان ڪري اھي مٿان کان ئي پاڻي پنهنجي استعمال لاءِ کڻي وڃن ٿا. اھڙي طرح پوري سنڌ ۾ با اثر ماڻھن جو پاڻيءَ تي قبضو لڳو پيو آهي. سنڌ م هميشه پاڻي جو ٻٽو نظام رهيو آ.

Comments

Popular posts from this blog

Naseem-u-rahman Profile محمد قاسم ماڪا

حیدرآباد میں صفائی کی ناقص صورتحال

Fazal Hussain پروفیسر ڈاکٹر رفیق احمدخان Revised